Deputy Commissioner Shikarpur

Deputy Commissioner Shikarpur Deputy Commissioner is the chief administrator, responsible to administrate all departments in district Shikarpur.

تمام عالمي اسلام ۽ شڪارپور واسين کي عيدالاضحي مبارڪ.پاران شڪيل احمد ابڙو ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور.
26/05/2026

تمام عالمي اسلام ۽ شڪارپور واسين کي عيدالاضحي مبارڪ.
پاران شڪيل احمد ابڙو ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور.

ڊپٽي ڪشمنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو پاران شڪارپور شهر جي مختلف علائقن ۾ موجود عيد گاھن شاهي باغ، عيد گاه لاڙائي محلا سميت ...
26/05/2026

ڊپٽي ڪشمنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو پاران شڪارپور شهر جي مختلف علائقن ۾ موجود عيد گاھن شاهي باغ، عيد گاه لاڙائي محلا سميت ٻين عيد گاهن جي دورو ڪيو ويو.
دوري دوران ڊپٽي ڪمشنر شڪيل ابڙو پاران چيف ميونسپل آفيسر عابد لطيف راجپوت کي شهر جي سمورين عيد گاهن اندر صفائي سٿرائي ۽ عيد نمازين کي سھولت مھيا ڪرڻ لاء انتظام مڪمل ڪرڻ لاءِ ھدايت ڏنيون ويون.

ڪوئٽا ۾ پيش آيل افسوسناڪ ٽرين حملي دوران ضلعي شڪارپور سان تعلق رکندڙ 2 فوجي اھلڪار شھيد ٿيا. ڳوٺ رڪ واسي پاڪ فوج ۾ ڊيوٽي...
25/05/2026

ڪوئٽا ۾ پيش آيل افسوسناڪ ٽرين حملي دوران ضلعي شڪارپور سان تعلق رکندڙ 2 فوجي اھلڪار شھيد ٿيا. ڳوٺ رڪ واسي پاڪ فوج ۾ ڊيوٽي ڪندڙ نديم ۽ ڳڙھي ياسين تعلقي جي ڳوٺ الھڏنو سيلرو واسي فوجي اھلڪار منيراحمد سيلرو ڪوئٽه ۾ جعفر ايڪسپريس ٽرين تي بم ڌماڪي ۾ شھادت ماڻي ورتي. شھيدن جي جنازو نماز پڻ ادا ڪيو ويو شھيدن جي جنازي نماز کانپوءِ فوجي سلامي پيش ڪئي وئي شھيدن کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو ۽ سندن اباڻي ڳوٺ ۾ فوجي اعزاز سان سپردِ خاڪ ڪيو ويو۔
جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو ،پاڪ فوج جا آفيسرن، سنڌ رينجرز جا آفيسر مختلف کاتن جي عملدارن، سياسي سماجي شخصيتن سميت ڳوٺاڻن ۽ فوجي دستن شرڪت ڪري شهيد جي بلند حوصلن ۽ قرباني کي ڀيٽا پيش ڪئي۔
ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو، GOC پنوعاقل ۽ علائقي جي ٻين معزز شهرين شرڪت ڪندي شهيد جي گهر وارن سان تعزيت ڪئي۔
ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو چيو ته اهي بهادر جوان، جن وطن ۽ قوم جي حفاظت لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو، انهن جي قرباني هميشه ياد رکبي۔ ملڪ ۽ قوم لاءِ جان قربان ڪندڙن کي خراجِ عقيدت ۽ سلام پيش ڪجي ٿو۔ شهيد جو رت ڪڏهن به رائيگان نه ويندو، جن جي عظمت ڀري قرباني سڄي قوم کي حب الوطني ۽ خدمتِ وطن جي جذبي سان سرشار ڪيو آهي پاڪستان جون مسلح فوجون دهشتگردي جي خاتمي ۽ ملڪ جي سلامتي لاءِ پرعزم آهي ۽ هر وقت وطن جي دفاع لاءِ تيار آهي۔

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شڪارپور ۽ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور پاران لکمي چند - ٽيڪ چند (ايل ٽِي) ڊسپينسري(ڊونگ واري اسپتال) شڪارپور ۽...
23/05/2026

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شڪارپور ۽ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور پاران لکمي چند - ٽيڪ چند (ايل ٽِي) ڊسپينسري(ڊونگ واري اسپتال) شڪارپور ۽ سول اسپتال شڪارپور جو دورو ڪيو ويو ـ
اسپتال ۾ موجود اين آء سي وي ڊي ـ ٿيليسيميا سينٽر سميت ٻارن جي ايمرجنسي وارڊ جو پڻ جائزو ورتوـ
مريضن کان مفت دوائون ملڻ ۽ ڊاڪٽرن جي موجودگي بابت سوال پڻ پڇيا ويا ـ
اسپتال ۾ موجود سرڪاري ميڊيڪل اسٽور جو معائنو ڪيو ۽ موجود دوائن جو اسٽاڪ پڻ چيڪ ڪيوـ
ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شڪارپور پاران ايم ايس آر بي يو ٽي، کي ھدايتون ڏيندي چيو ويو ته اسپتال اندر مريضن کي ھر ممڪن سھولتون ترجيحي بنيادن تي فراھم ڪيون وڃن ۽ اسٽاف جي حاضري کي يقيني بڻايو وڃي ـ
جڏهن ته اسپتال اندر صفائي سٿرائي جو خاص خيال رکڻ جون ھدايتون پڻ ڏنيون ويون ـ

حڪومت سنڌ طرفان سڄي ملڪ جيان ضلعي ايڊمنسٽريشن شڪارپور طرفان پاڪستان چين سفارتي لاڳاپن جي 75 سال جي مڪمل ٿيڻ تي ڊپٽي ڪمشن...
21/05/2026

حڪومت سنڌ طرفان سڄي ملڪ جيان ضلعي ايڊمنسٽريشن شڪارپور طرفان پاڪستان چين سفارتي لاڳاپن جي 75 سال جي مڪمل ٿيڻ تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو جي نگرانيءَ ۾ پاڪستان ۽ چين جي دوستي کي 75 سال پورا ٿيڻ جي خوشيء ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ پاڪستان جو قومي پرچم لھرايو ويو.
ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو جي اڳواڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ ريلي ڪڍي وئي. ريلي سان خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙ چيو ته پاڪستان چين سفارتي لاڳاپن جي ياداشت کي اجاگر ڪندي 75 سال مڪمل ٿيڻ جي دوستيءَ تي ڳالھائيندي چيو ته اسان اھو پيغام ڏيون ٿا ته پاڪستان چين دوستي ھر منصوبي تي پنھنجا لاڳاپا بھتر ڪندو، ان موقعي تي ڊي ايڇ او ارشاد احمد سرڪي ـ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون محمد فيضان چيمه ـ اسسٽنٽ ڪمشنر ڊاڪٽر عارفه بتول جن چيو ته ھيء تقريب خوشگوار ۽ پروقار ماحول ۾ منعقد ٿي آھي ـ جنهن دوران پاڪستان ۽ چين جي دائمي دوستي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ نيڪ جو تمنائن جو اظھار ڪيو ۽ ھنن چيو ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ قائم ڊگهي دوستي کي مضبوط سفارتي لاڳاپن کي ڀرپور نموني اجاگر ڪيو آهي.
ان موقعي تي شڪارپور جي سڀني سرڪاري آفيسرن ۽ اسٽاف تقريب ۾ ڀرپور نموني شرڪت ڪئي. ريلي ۾ پاڪستان زند باد پاڪستان چين دوستي زندہ باد، پاڪستان ڪا مطلب ڪيا لله الله ـ پاڪ فوج زند باد جا پڻ زوردار نعرا لڳايا ويا. ان موقعي تي ملازمن ۽ آفيسرن، سول سوسائٽي ۽ صحافين پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ـ

ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊويزن، ڊاڪٽر رشيد مسعود ضلعي شڪارپور جو دورو ڪيو ۽ پوليو جي خاتمي جي ايس اين آئي ڊي مئي 2026 جي ٻئي ڏينهن ...
19/05/2026

ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊويزن، ڊاڪٽر رشيد مسعود ضلعي شڪارپور جو دورو ڪيو ۽ پوليو جي خاتمي جي ايس اين آئي ڊي مئي 2026 جي ٻئي ڏينهن تي تعلقي لکي جي پوليو ٽيمن جي نگراني ڪئي.
ان دوران ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر تعلقو لکي ۽ تعلقي سپروائيزر دوري دوران ڪمشنر لاڙڪاڻو سان گڏ هئا.
ڪمشنر لاڙڪاڻو پاران لکي اسپتال ۾ اي پي آئي سينٽر جو دوري ڪيو ويو ۽ ٽرانزٽ پوائنٽس تي ٽيمن جي نگراني ڪئي وئي، جڏهن ته ٻارن جي ويڪسينيشن جي صورتحال جي جانچ ڪئي وئي. ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊويزن پاران فيلڊ ۾ رهجي ويل ٻارن کي به ويڪسين پياري وئي.

پوليو جي خاتمي جي مهم (SNID MAY2026) جي پھرين ڏينهن ( 18 مئي 2026) تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو پاران تعلقي شڪار...
18/05/2026

پوليو جي خاتمي جي مهم (SNID MAY2026) جي پھرين ڏينهن ( 18 مئي 2026) تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو پاران تعلقي شڪارپور ۽ تعلقي ڳڙهي ياسين جي مختلف اسپتالن، علائقن ۽ ڳوٺن جو دورو ڪيو. ان دوران اسسٽنٽ ڪمشنر ڳڙهي ياسين، شائستا سنڌو ۽ اين اسٽاپ ڊاڪٽر امتياز حسين ميتلو پڻ گڏ هئا.
سوشل سيڪيورٽي اسپتال ۾ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ٽيمن کي بريفنگ ڏيندي بهتر ڪم ڪرڻ جي تلقين ڪئي.
بريفنگ بعد ڳوٺن ۽ علائقن ۾ ٽيمن جي ڪم کي چيڪ ڪيو.
يوسي ڳڙهي ياسين، نوشهرو ابڙو، امروٽ شريف ۽ ڳاهيجا ۾ ٽيم جي پهرين جي ڪم کي چيڪ ڪيو ويو، ان دوران ڊپٽي ڪمشنر ٻارڙن کي پنهنجي هٿن سان پوليو جا ڦڙا پڻ پياريا ۽ هٿ جي آڱرين تي نشان لڳايا، ۽ ڦڙا پيتل ٻارڙن جي هٿن جا نشان پڻ چيڪ ڪيا.
ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور علائقي جي پوليو مانيٽرنگ ٽيم ۽ انچارجن کي هدايت ڪندي چيو ته اسان سڀني جي ڪوشش اها هئڻ گهرجي ته ڪوبه ٻار پوليو جي ڦڙن کان نه رهجي.

ضلعي شڪارپور ۾ ڊپٽي ڪمشنر، شڪيل احمد ابڙو ۽ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر ارشاد علي پاران ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياري...
15/05/2026

ضلعي شڪارپور ۾ ڊپٽي ڪمشنر، شڪيل احمد ابڙو ۽ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر ارشاد علي پاران ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياري پوليو مهم مئي 2026 جو آغاز ڪيو ويو.
سول اسپتال آر بي يو ٽي شڪارپور ۾ افتتاحي تقريب ٿي، جنهن ۾ ڊسٽرڪٽ ايمرجنسي آپريشن سينٽر جا (ڊي اِي او سِي) ٽيم، اسسٽنٽ ڪمشنر، ، صحت کاتي جي عملي ۽ يو سي 6 جي ٽيم پڻ شرڪت ڪئي.
پوليو جي خاتمي لاء مهم 18 مئي کان 21 مئي 2026 تائين جاري رهندي، جنهن دوران 5 سالن کان ننڍن ٻارن کي پوليو جا قطرا پياريا ويندا.
تقريب بعد ڊي ايڇ او آفيس ڪانفرنس هال ۾ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور، شڪيل احمد ابڙو، صحت کاتي جي ضلعي ٽيم، ڊي اِي او سِي ٽيم، ۽ يوسي 6 جي ٽيم سان گڏجاڻي ڪري، ضلعي ۾ مهم کي ڪامياب بڻائڻ لاء گڏجي ڪم ڪرڻ لاء هدايتون پڻ ڏنيون.

ڊپٽي ڪمشنر آفيس ضلعي شڪارپور ۾ 18 مئي کان شروع ٿيندڙ پوليو جي خاتمي جي مهم جي تياريءَ بابت گڏجاڻي ٿي، جنهن جي صدارت ڊپٽي...
14/05/2026

ڊپٽي ڪمشنر آفيس ضلعي شڪارپور ۾ 18 مئي کان شروع ٿيندڙ پوليو جي خاتمي جي مهم جي تياريءَ بابت گڏجاڻي ٿي، جنهن جي صدارت ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو ڪئي.
گڏجاڻي دوران ڊسٽرڪٽ ايمرجنسي آپريشن سينٽر جي ٽيم ضلعي ۾ پوليو جي خاتمي جي مهم جي تياري جي حوالي سان بريفنگ ڏني.
ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو چيو ته اسان جو مقصد اهو آهي ته پوليو جي ويڪسين کان ڪوبه ٻار نه رهجي. ڊپٽي ڪمشنر، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ۽ ضلع پوليو فوڪل پرسن کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته جيڪڏهن هن ڪمپئين ۾ ڪو به ڊيوٽي ۾ ڪوتاهي ڪندو يا صحيح ڪم نه ڪندو ته ان جي خلاف سخت قدم کنيا وڃن. هن چيو ته اسان سڀ ملي هن پوليو مهم کي ڪامياب ڪرائينداسين، جنهن لاء ايريا انچارج ۽ يوسي ايم او کي سختي سان پابند ڪيو وڃي. جيڪڏهن ڪم جي چڪاس دوران ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي ڏٺي وئي ته ان جو ذميوار انچارج هوندو. هن چيو ته ھر تعلقي اندر ٽيمون مقرر ڪيل ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ويڪسين ڪنديون جنهن جي نگراني تعلقي جا اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ صحت کاتي جا آفيسر گڏجي ڪندا آهن ته جيئن ھن مهم کي ڪامياب بڻائي سگهجي.
گڏجاڻيءَ دوران ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون شڪارپور محمد فيضان چيما چيو ته گذريل پوليو مهم ۾ ڪافي ڪوتاهيون ٿيون آهن جن جي ڪري ڪجهه يونين ڪائونسل ۾ مسئلا سامهون آيا آهن. هن چيو ته چيف سيڪريٽري سنڌ جون سخت هدايتون آهن ته پوليو مهم ۾ ڪابه ڪوتاهي نه ڪئي وڃي. هن چيو ته مهم دوران ڪنهن به اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار کي پوليو جي ڪم دوران عام رواجي گڏجاڻي نه ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجو سڄو ڌيان پوليو مهم تي رکڻ گهرجي.
ھي پوليو جي خاتمي جي مهم 18 کان 21 مئي 2026 تائين سڄي ضلعي ۾ جاري رھندي. جنهن ۾ 5 سالن تائين جي عمر وارن ٻارڙن کي مهم دوران پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويندا.
اسسٽنٽ ڪمشنرن کي پوليو مهم دوران گرمي ۽ ھيٽ ويو کان بچاء لاءِ پيئڻ جي ٿڌي پاڻي ۽ ٻيا ضروري انتظام ڪري ڏيڻ جون ھدايتون پڻ ڏنيون ويون ته جيئن پوليو ٽيمن کي ڪا به تڪليف نه اچي.
گڏجاڻيءَ ۾ چئني تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن، اي ايس پي سٽي، ڊي آءِ بي انچارج، سرسو، پي پي ايڇ آء، ايجوڪيشن، لوڪل گورنمينٽ، ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر وائيٽل پاڪستان ٽرسٽ، ڊسٽرڪٽ ايمرجنسي آپريشن سينٽر جي ٽيم سميت سڀني لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.

شڪارپور لڳ روڊ حادثي ۾ فوت ٿيل ۽ زخمي ٿيلن، جن کي 1122 ايمبولينس پھچي ڪري ترت سول اسپتال شڪارپور منتقل ڪيو ويو، جتي ايمر...
10/05/2026

شڪارپور لڳ روڊ حادثي ۾ فوت ٿيل ۽ زخمي ٿيلن، جن کي 1122 ايمبولينس پھچي ڪري ترت سول اسپتال شڪارپور منتقل ڪيو ويو، جتي ايمرجنسي لاڳو ڪري زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي۔
واقعي جو اطلاع ملندي ئي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو ۽ چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي شڪارپور فياض محمود بروقت سول اسپتال شڪارپور پهچي زخمي سان ملاقات ۽ عيادت ڪئي آهي.
سخت زخمين کي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آهي، جتي سندن علاج جاري آهي۔ اسپتال جي دوري دوران اسسٽنٽ ڪمشنر شڪارپور، آرفا بتول راءِ ۽ 1122 ايمرجنسي ايمبولينس سروس ڊسٽرڪٽ انچارج سجاد علي پڻ موجود هئا۔

Address

Deputy Commissioner Office Shikarpur Sindh
Sindh
78100

Telephone

+92726920200

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Deputy Commissioner Shikarpur posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Organization

Send a message to Deputy Commissioner Shikarpur:

Share