PPHI Sindh District Tharparkar

PPHI Sindh District Tharparkar working on Malnourished children

*پي پي ايڇ آءِ سنڌ ضلعي ٿرپارڪر ۾ روزگار جا بهترين موقعا* صحت جي شعبي سان لاڳاپيل قابل ۽ محنتي ڊاڪٽرن لاءِ هڪ بهترين موق...
20/07/2026

*پي پي ايڇ آءِ سنڌ ضلعي ٿرپارڪر ۾ روزگار جا بهترين موقعا*

صحت جي شعبي سان لاڳاپيل قابل ۽ محنتي ڊاڪٽرن لاءِ هڪ بهترين موقعو!

🩺 *فيمل ميڊيڪل آفيسر*
🩺 *ميل ميڊيڪل آفيسر*

*ضروري قابليت* :
📌 ايم بي بي ايس (MBBS) ڊگري سان گڏ PMDC رجسٽريشن لازمي هجڻ گهرجي.
📌 سنڌ جي ڪنهن به ضلعي سان تعلق رکندڙ اميدوار درخواست ڏئي سگهن ٿا.
📌 تجربيڪار اميدوارن کي وڌيڪ ترجيح ڏني ويندي.

💼 *پگهار ۽ سهولتون* :
💰 ماهوار پگهار: فيمل ميڊيڪل آفيسر 195,700 روپيا،
۽ ميل ميڊيڪل آفيسر 182,700 روپيا
🏠 هيلٿ فيسلٽي تي مفت رهائش جي سهولت
📌 ان کان علاوه ٻيون به ڪيترين ئي سهولتون شامل آهن:
✔️ اي او بي آئي (EOBI)
✔️ پراويڊنٽ فنڊ (PF)
✔️ پي فور پي(Pay for Performance)
✔️ مفت ميڊيڪل پاڻ ۽ فيملي لاء

🗓️ *درخواست جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ:
31 جولاءِ 2026

🌐 ھيٺ ڏنل لنڪ جي ذريعي اپيلا ڪيو.
https://share.google/ZQXCc74mGW5K914aA

🌿 پي پي ايڇ آءِ سنڌ سان گڏ ٿرپارڪر جي عوام جي خدمت ڪرڻ ۽ پنهنجي مستقبل کي بهتر بڻائڻ جو بهترين موقعو.

اڄ ئي اپلاءِ ڪريو ۽ صحت جي خدمت واري مشن جو حصو بڻجو!

PPHI Sindh District Tharparkar

پي پي ايڇ آء PPHI سنڌ ۾ مختلف پوسٽن جي ڀرتين لاء اشتھار جاري ،سڄي سنڌ جا اميدوار اپلاء ڪري سگهن ٿا آنلائين اپلائي ڪرڻ جي...
15/07/2026

پي پي ايڇ آء PPHI سنڌ ۾ مختلف پوسٽن جي ڀرتين لاء اشتھار جاري ،سڄي سنڌ جا اميدوار اپلاء ڪري سگهن ٿا
آنلائين اپلائي ڪرڻ جي آخري تاريخ 31 جولاء 2026 آهي

اينگرو مئنيجمينٽ جي طرفان سائين تاراچند صاحب ڊي اين سي ٿرپارڪر کي بھترين ڪارڪردگي تي بھترين شيلڊ سان نوازيو ويو. سائين ت...
11/07/2026

اينگرو مئنيجمينٽ جي طرفان سائين تاراچند صاحب ڊي اين سي ٿرپارڪر کي بھترين ڪارڪردگي تي بھترين شيلڊ سان نوازيو ويو. سائين تاراچند ۽ پوري ٿرپارڪر نيوٽريش ٽيم کي دل جي گھراين سان مبارڪباد پيش ڪجي ٿي انشاء الله نيوٽريش ٽيم ائين ئي پنھنجو ڪم جاري رکي ته جئين ٿر مان غذائي کوٽ جو خاتمو ٿئي.

List of HF's successfully taken over by PPHI in 2nd phase 🎉🎉
09/07/2026

List of HF's successfully taken over by PPHI in 2nd phase 🎉🎉

پي پي ايڇ آءِ سنڌ جي شاندار ڪارڪردگي کي نظر ۾ رکندي، سنڌ حڪومت پرائمري هيلٿ ڪيئر جون صحت سهولتون پي پي ايڇ آءِ حوالي ڪرڻ...
09/07/2026

پي پي ايڇ آءِ سنڌ جي شاندار ڪارڪردگي کي نظر ۾ رکندي، سنڌ حڪومت پرائمري هيلٿ ڪيئر جون صحت سهولتون پي پي ايڇ آءِ حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

پهرئين مرحلي ۾ ضلعي صحت کاتي (DHO) طرفان 33 صحت مرڪز پي پي ايڇ آءِ حوالي ڪيا ويا. اڄ ٻئي مرحلي ۾ وڌيڪ 96 گورنمينٽ ڊسپينسريون (GDs) به سرڪاري طور پي پي ايڇ آءِ حوالي ڪيون ويون، جنهن بعد ضلعي ٿرپارڪر ۾ پي پي ايڇ آءِ وٽ منتقل ٿيل صحت مرڪزن جو ڪُل انگ 129 ٿي ويو.

هن ٽيڪ اوور جي عمل دوران ڊسٽرڪٽ مئنيجر مسٽر صبحدار شاهاني، ڊسٽرڪٽ نيوٽريشن ڪوآرڊينيٽر مسٽر تارا چند، ۽ ميڊيڪل آفيسر هيڊ ڪوارٽر ڊاڪٽر هرچند موجود هئا.

اهي نوان منتقل ٿيل صحت مرڪز سنڀالڻ پي پي ايڇ آءِ ٿرپارڪر لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي. پهرئين مرحلي ۾ منتقل ٿيل صحت مرڪزن تي دوائن ۽ فرنيچر جي فراهمي جو ڪم اڳ ئي شروع ڪيو ويو آهي. جڏهن ته DHO کان حاصل ڪيل اڪثر صحت مرڪزن جي حالت انتهائي خراب آهي، جن ۾ وڏي پيماني تي مرمت، بحالي ۽ بهتري جي ضرورت آهي.

ان شاءَ الله، پي پي ايڇ آءِ ٿرپارڪر جي وقف ٿيل ٽيم ڊسٽرڪٽ مئنيجر مسٽر صبحدار شاهاني جي نگراني ۽ رهنمائي هيٺ ڏينهن رات محنت ڪري رهي آهي ته جيئن انهن صحت مرڪزن کي مڪمل طور فعال بڻائي، ٿرپارڪر جي عوام کي معياري پرائمري صحت جون سهولتون فراهم ڪري سگهجن.

List of HF's successfully taken over by PPHI Tharparkar 2nd phase will be very soon.
08/07/2026

List of HF's successfully taken over by PPHI Tharparkar 2nd phase will be very soon.

🎙️Big Announcement 🎙️Today Dated 06/07/2026Takenover 35 health facilities by PPHI Mithi from Respected DHO SB.
06/07/2026

🎙️Big Announcement 🎙️
Today Dated 06/07/2026
Takenover 35 health facilities by PPHI Mithi from Respected DHO SB.

*1st July 2026 | A Historic Milestone for PPHI Sindh*PPHI Sindh proudly shares the memorable moments from the *Agreement...
02/07/2026

*1st July 2026 | A Historic Milestone for PPHI Sindh*
PPHI Sindh proudly shares the memorable moments from the *Agreement Signing Ceremony* held by the *Health Department, Government of Sindh*, marking the management transfer of *All remaining Primary Health Care (PHC) Facilities* in phased manner to PPHI Sindh.
The Agreement was signed by *Mr. Tahir Hussain Sangi, Secretary Health, Government of Sindh*, and *Mr. Muhammad Suleman Shaikh, Member, Board of Directors, PPHI Sindh*, in the esteemed presence of *Dr. Azra Fazal Pechuho, Honorable Minister for Health and Population Welfare Department*, and *Mr. Javed Ali Jagirani, Chief Executive Officer, PPHI Sindh*.
This landmark agreement reflects the Government of Sindh's trust in PPHI Sindh's proven leadership and commitment to delivering quality primary healthcare services.
PPHI Sindh remains dedicated to strengthening the primary healthcare system and ensuring quality healthcare reaches every community across Sindh.

Address

Tharparkar
Sindh

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when PPHI Sindh District Tharparkar posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Organization

Send a message to PPHI Sindh District Tharparkar:

Shortcuts

Share