08/03/2024
خدارا سوشل ميڊيا جو درست استعمال ڪيو.
آغا آڪاش ولد آغا رياض پٺاڻ اصل رهندڙ پٺاڻ محله باڊھ شهر، تعلقو ڏوڪري ضلعو لاڙڪاڻو، جيئن ته آڪاش جو والد ايڪسائيز پوليس ۾ رٽائر انسپيڪٽر آهي جيڪو هاڻي پنهنجي 5 پٽن ۽ ٻن نياڻن سان فيز2 نقاش ولاز حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهن، آڪاش ۽ سندس ننڍڙي ڀيڻ يسرا بتول گهر جا آخري ننڍڙا ٻار آھن، آغا آڪاش همدرد يونيورسٽي ۾ قانون جي پڙهائي ڪري رهيو هو ته ٻن سالن کان پوء هو بيمار رهڻ لڳو ته وڏن ڀائرن ۽ والد جي صلاح تي ڪراچي مان ايڊميشن بدلي ڪرائي ميٺارام ڪيمپس حيدرآباد ۾ داخل ٿيو جتي جو ٽيون سال جو شاگرد آھي، سندس ننڍڙي ڀيڻ يسرا بتول عمر 20 سال جيڪا ساڳين ڪيمپس ۾ ٻئي سال جي شاگرد هئي، ٻئي ڀيڻ ڀاء شريف مڊل ڪلاس جي فيملي جا انتهائي محنتي ٻار هئا روز ڪيمپس پنهنجي موٽربائيڪ تي ايندا ويندا هئا، جڏهن ته سندن وڏو ڀاء 25 ساله عمير علي پڻ ساڳين ڪيمپس جو شاگرد هاڻي انرولڊ وڪيل آهي ۽ حيدرآباد ۾ وڪالت ڪري رهيو آهي، جڏهن ته قاتل ارشاد ولد قاسم کوکر عمر اٽڪل 38 سال رهندڙ ڳوٺ نورمحمد کوکر ويجهو بلڙي شاه ڪريم ضلعو ٽنڊو محمد خان، حال رهندڙ گهر نمبر 9/Cگلستان سجاد قاسم آباد حيدرآباد، ارشاد کوکر امير والد جو امير ٻار هيو جيڪو هر ماھ نئين گاڏي سان گڏ نئون هٿيار جو شوق رکندڙ اوباش نوجوان هيو، ننڍڙي يسرا ۽ سندس ڀاء آڪاش معمول مطابق پنهنجي ڪيمپس مان مڊٽرم جو پيپر ڏئي واپس آيا پئي ته ڪلھ بتاريخ 07-مارچ-2024 وقت 11:24 بجي صبح ارشاد کوکر انهن جو پيڇو ڪيو، جيئن هو مين واڌو واھ کان پنهنجي گهر نقاش ولاز لاء نڪتا ته جڏهن روپا ماڙي هوٽل جي پويان گهٽي ۾ اڃان داخل مس ٿيا ته ته قاتل ارشاد کوکر پنهنجي بليڪ ڪلر جي ڪار اڳيان اچي ٽڪر هڻي انهن ڀيڻ ڀاء کي ڪيرايو ۽ پاڻ ڪار مان لاهي پسٽل ڪڍي 7 فائر معصوم نياڻي يسرا تي ڪيائين ته آڪاش پنهنجي ڀيڻ کي بچائڻ لاء اڳيان وڌيو ته بي رحم ارشاد کوکر، آڪاش تي پڻ 2 فائر مٿي ۾ ڪيائين، پوء پاڻ پنهنجي گاڏي ۾ ويهي ساڄي هٿ سان پنهنجي مٿي ۾ پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏيائين، ريسڪيو اداري، ٻارڙن جي مائٽن، اتي موجود ماڻهن زخمين کي تعلقه اسپتال قاسم آباد پوء لال بتي سول اسپتال ايمرجنسي ۾ پهچايو جتي معصوم نياڻي يسرا شهادت جو جام پي هميشه لاء هن وحشي سماج ۾ موڪلائي وئي، جنهن جو پوسٽ مارٽم ڪري، لاش گهر پهچڻ تي 70 سالا والد ۽ والدہ نياڻي جي لاش کي ڏسي بيهوش ٿي ويا، ماحول سوڳوار ٿي پيو رات 9:00 بجي جنازہ نماز کانپوء جي او آر ڪالوني قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو، قاتل ارشاد کوکر به ICU ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو، انهي جي والد قاسم کوکر اچي لاش وصول ڪيو پوء ٽنڊومحمدخان ۾ اڄ 8-مارچ-2024 تي تدفين آهي، پنهنجي ڀيڻ کي بچائيندي پنهنجي سر جو سانگو لاهيندڙ آغا آڪاش پٺاڻ هينئر تائين ICU ۾ آهي ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته آڪاش صحتياب ٿي سگهي ٿو پر وقت لڳندو ڇاڪاڻ ته اڃان تائين پسٽل جي هڪ گولي دماغ ۾ پيل آهي. رات کان سڀ مائٽ دوست آسي يو جي ٻاهر ويٺل آهن، دنيا جي انسان دوست ساٿين کي آڪاش جي صحتيابي لاء گذارش ڪجي ٿي....
آڪاش قانون جي شعبي ۾ انتهائي محنتي شاگرد آهي، ڪجھ وقت پهريان انٽرنيشنل ليول جو ريسرچ پيپر پڻ پبلش ٿيو آهي، اسلام آباد ۾ گهرائي کين سرٽيفڪيٽ سان نوازيو ويو،
سندن ننڍڙي ڀيڻ شهيد يسرا FG ڪاليج حيدرآباد مان انٽر ڪري هاڻي قانون جي ڪلاس ۾ پوزيشن هولڊر نياڻي هئي،
شهيد يسرا ۽ آڪاش دي ايجوڪٽرز سٽيزن ڪيمپس ۾ منهنجا شاگرد رهيا آهن، سندن جو وڏو ڀاء آغا عمير علي هاڻي تائين منهنجو وڪالت ۾ فرم پارٽنر انتهائي شريف نوجوان آهي،
سوش ميڊيا تي هلندڙ خبرون سڀ بي بنياد ڪوڙيون آھن،
ڪائي به سڱ گهرڻ جي ڳاله نا هئي
نئي ڪو ارشاد وڪيل هو يا قانون جو شاگرد هو، نه ئي ارشاد سان مقتول نياڻي جو تعلق هو.
ارشاد جي ويجهن دوستن گلستان سجاد ۾ ٻڌايو ته ارشاد فرسٽيشن جو شڪار فرد هو، جيڪو ٿوري ڳالھ تي مرڻ مارڻ عام سمجهندو هو،
ارشاد امير، وڏيري جو عياش اولاد هو،
سوشل ميڊيا تي آڪاش جي ڀيڻ جي قتل کي عاشقي معشوقي جو رنگ ڏئي شهيد معصوم پاڪ نياڻي کي داغدار ۽ سندس ڪيس کي ڪمزور ڪيو پيو وڃي جيڪو سراسر بيگناھ شهيد ٿيل نياڻي سان ويساگهاتي آهي،
اسين سڀ پاڻ ۾ ٿورا ٿورا ارشاد آهيون، جنهن کي جيئن وڻي ايئن پيا چئون، لکون خدارا پنهنجي ڀيڻ ڌي سمجهو ته ايئن نه لکو، ڪالھ اسپتال ۾ پهتل ڪجھ ماڻهن پنهنجي فيس بڪ جي لائيڪ ڪمينٽس کي وڌائڻ خاطر معصوم نياڻي جي لاش جي تصويرون حياتي جون تصويرون پئي رکيون.
حقيقتن کي ڏسي پوء خبر ڪيون جيئن زخمي آڪاش جي گهر وارن کي اڃان وڌيڪ تڪليف نه رسي.
آڪاش جلدي صحتيابي لاء دعا ڪجو اڄ جمعي جي ڀلاري ڏينھن تي، خدا انهي کي صحتياب ڪري. آمين..