28/04/2026
صوبائي وزير جناب مير طارق علي خان ٽالپر صاحب پاران ٽرانسپورٽ واري سينئر صوبائي وزير کي خط، ميرواھ کان نوڪوٽ بس سروس حلقي جي عوام لاءِ سفري سهولت جو اهم تحفو
ڪراچي: سنڌ جي صوبائي وزير جناب مير طارق علي خان ٽالپر صاحب پنهنجي حلقي جي عوام کي بهتر سفري سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ اهم قدم کڻي ورتو آهي ۽ ميرواھ کان نوڪوٽ (ضلع ميرپورخاص) تائين بس سروس جي شروعات لاءِ ٽرانسپورٽ واري سينئرصوبائي وزير کي باضابطه خط لکي ڇڏيو آهي۔
خط ۾ هن نشاندهي ڪئي آهي ته هن روٽ تي سرڪاري ٽرانسپورٽ جي کوٽ سبب روزانو سفر ڪندڙ ماڻهو، خاص طور شاگرد ۽ عورتون، سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ کين مهانگي خانگي سواري تي ڀاڙڻو پوي ٿو، جنهن سبب سندن مالي بوجھ وڌي رهيو آهي۔
صوبائي وزير پنهنجي خط ۾ زور ڀريو آهي ته سندھ پیپلز بس سروس کي هن اهم روٽ تي جلد کان جلد شروع ڪيو وڃي، جيئن علائقي جي عوام کي سستي، محفوظ ۽ باقاعده سفري سهولت ملي سگهي۔
صوبائي وزير جي هن عوام دوست قدم کي حلقي جي عوام لاءِ سفري سهولتن جو اهم تحفو قرار ڏنو پيو وڃي، جنهن سان نه صرف ماڻهن جي روزاني آمدرفت آسان ٿيندي پر علائقي ۾ معاشي ۽ سماجي ترقي کي به نئين هٿي ملندي۔