Taluka Perss Culb Sijawal Junejo

Taluka Perss Culb Sijawal Junejo Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Taluka Perss Culb Sijawal Junejo, Sijawal Junejo, Sijawal.

04/09/2026

سجاول جوڻيجو ۾ ڪي پي ڪي جي وڏي وزير سھيل احمد آفريدي جي آمد پي ٽي آء جي ڪارڪنن توڙي شھرين پاران ڀرپور نموني سندس جو استقبال

03/09/2026

#سجاول جوڻيجو
سجاول جوڻيجو پوليس رات دير سان ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ گھرن تي چڙهائي جوابدار ھٿ نہ اچڻ کانپوءِ سندن جي گھرن مان موٽرسائيڪل قيمتي سامان توڙي چوپايو مال ڪاهي ويا

✍️صحافت ڪنهن هڪ پريس ڪلب جي جاگير ناهي؟صحافت حق آهي، ذميواري آهي ۽ عوام جي آواز بڻجڻ جو نالو آهي.ڪوريج ڪرڻ هر صحافي جو ب...
02/09/2026

✍️صحافت ڪنهن هڪ پريس ڪلب جي جاگير ناهي؟

صحافت حق آهي، ذميواري آهي ۽ عوام جي آواز بڻجڻ جو نالو آهي.

ڪوريج ڪرڻ هر صحافي جو بنيادي پيشوراڻو حق آهي. پريس ڪلب جي ميمبرشپ پنهنجي جاءِ تي، پر ڪنهن صحافي جو ڪنهن پريس ڪلب جو ميمبر نہ هجڻ، ان کي پنهنجي شهر يا علائقي ۾ ٿيندڙ عوامي مسئلن، اهم واقعن ۽ پروگرامن جي ڪوريج کان روڪڻ جو جواز نٿو بڻجي سگهي.

جيڪڏهن ڪو صحافي پريس ڪلب کان ٻاهر رهي ڪري بہ ذميواري، ايمانداري ۽ پيشوراڻي اصولن سان صحافت ڪري رهيو آهي، عوام جا مسئلا اجاگر ڪري رهيو آهي ۽ خبرون نشر ڪري رهيو آهي، تہ ان جي رستي ۾ رڪاوٽ وجهڻ بدران سندس حوصلا افزائي ۽ احترام ٿيڻ گهرجي.

خاص طور تي جيڪڏهن ڪنهن صحافي يا پريس ڪلب جي عهديدار طرفان ڪنهن صحافي کي صرف ان بنياد تي ڪوريج کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي تہ هو پريس ڪلب جو ميمبر ناهي، تہ اهڙو رويو صحافتي ڀائيچاري، آزادي ۽ پيشوراڻي اخلاق بابت سنجيده سوال ضرور پيدا ڪري ٿو.

پريس ڪلب صحافين جو گڏيل پليٽ فارم ۽ گهر آهي، ڪنهن هڪ فرد جي ذاتي جاگير ناهي.

اختلاف راءِ ٿي سگهي ٿو، پر صحافت جي آزاديءَ تي بندش قبول نہ ٿي ڪري سگهجي.

قلم کي روڪڻ بدران قلم جي طاقت کي مضبوط ڪيو. ڇو تہ آزاد صحافت ئي عوام جي آواز کي طاقت ڏئي ٿي.

01/09/2026

#سجاول جوڻيجو
سجاول جوڻيجو پريس ڪلب ۾ اصغريہ آرگنائزيشن پاران ”جشن ميلاد صادقين“ جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو

01/09/2026

#سجاول جوڻيجو
سجاول جوڻيجو شھر سميت يوسين جي هيڊڪوارٽر شھرن صفائي سٿرائي نہ ٿيڻ ۽ نالين جو گندو پاڻي نيڪال نہ ٿيڻ سبب گندگي وڌڻ کانپوءِ علائقي م مڇرن جو آزار وڌي ويو رھواسي مليريا سميت ٻين مختلف يمارين ۾ وٺجي ويا ٽائون يوسي انتظاميا تحرڪ نہ ورتو

01/09/2026

#سجاول جوڻيجو
سجاول جوڻيجو ۽ آسپاس م چوپائي مال ۾ بيماري ڪيترائي ئي جانور مري ويا وٽان خالي مالوند ماڻھن کي لکين رپين جو نقصان لائيو اسٽاڪ کاتي جا عملدار بيخبر بڻيل پرائيويٽ ڊاڪٽر علائقن ۾ جانورن جو علاج ڪرڻ ۾ مصروف مالو د ماڻهو لائيو اسٽاڪ جي صوبائي کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو

31/08/2026

#سجاول جوڻيجو
سجاول جوڻيجو ڀرسان صفائي سٿرائي نہ ٿيڻ ۽ نالين جو گندو پاڻي نيڪال نہ ٿيڻ سبب گندگي وڌڻ کانپوءِ مڇرن جو آزار وڌي ويو رھواسي مليريا سميت ٻين بيمارين ۾ وٺجي ويا انتظاميا تحرڪ نہ ورتو

30/08/2026

#سجاول جوڻيجو
سجاول جوڻيجو ٿاڻي جي پوليس گھر تي چڙهائي ڪري مبينا ڦر ٿيل موٽر سائيڪل هٿ ڪرڻ جي دعوي جوابدارن جي گھر مان سامان ۽ چوپايو مال ڪاهي وئي

30/08/2026

#سجاول جوڻيجو
سجاول جوڻيجو ٿاڻي جي پوليس گھر تي چڙهائي ڪري مبينا ڦر ٿيل موٽر سائيڪل هٿ ڪرڻ جي دعوي جوابدار ھٿ نه اچڻ تي پوليس گھر مان گھريلو سامان ۽ چوپايو مال ڪاهي ويا

27/08/2026

#سجاول جوڻيجو
سجاول جوڻيجو ۾ 12 ربيع الاول جشن عيدميلادالنبي ﷺ جي خوشي ۾ لاڙڪاڻو جي درگاھ روحاني مرڪز غالب نگر واري پير حافظ نالي مٺو ڀٽي جي اڳواڻي ۾ريلي ڪڍي وئي جنھن ۾ روحاني جماعت ۽ عاشقاني رسول ﷺ سميت مريدن توڙي عقيدتمندن پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جڏهن تہ سڪيورٽي جا انتظام انتھائي سخت ڪيا ويا ميروخان ۽ سجاول جوڻيجو ٿاڻن جي نفري پڻ تعنات ڪئي وئي جنھن جي نگراني ڊي ايس پي ميروخان عبدالرسول ٻگھيو ڪئي جلسي جي دوران مين رتوديرو - شھدادڪوٽ روڊ کي پڻ ڪجھ دير لاءِ عام ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو

Address

Sijawal Junejo
Sijawal
77280

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Taluka Perss Culb Sijawal Junejo posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share