25/08/2025
ضلع کاؤنسل شکار پور جی ملازمن جي پينشن قانون ۾ حڪومت پاران تبديلي ڪرڻ واري عمل خلاف جي ملازمن پاران ضلع کاؤنسل آفیس جي تالا بندي ڪري احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي ۽ خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ھي ڪارو قانون جيڪو سرڪاري ملازمن مٿان مڙھيو ويو آھي اهو اسان کي ڪنھن به صورت ۾ قبول ناھي. ھنن چيو ته رٽائرڊ مينٽ کان پوء پينشن پوڙھائپ جي عمر ۾ سرڪاري ملازم لاء ھڪ وڏو سھارو ھوندو آھي.جيڪو سھارو حڪومت پينشن جي قانون ۾ تبديلي ڪري کسڻ چاھي ٿي.ھنن مطالبو ڪيو ته ملازمن جي پينشن قانون ۾ ڪيل تبديلي فورن واپس ورتي وجی ملازمن ۾ پيدا ٿيل بيچني ختم ڪئي وڃي.