Sajjad Ali Bojani

Sajjad Ali Bojani profile page

اِنّا لِلّهِ وَاِنّا اِلَيْهِ رَاجِعُوْنجيئن تہ  نويد علي نومي بوجاڻي  ولد حاجي وزير علي بوجاڻي مگسي  حاجي نصير بوجاڻي ج...
27/10/2025

اِنّا لِلّهِ وَاِنّا اِلَيْهِ رَاجِعُوْن
جيئن تہ نويد علي نومي بوجاڻي ولد حاجي وزير علي بوجاڻي مگسي حاجي نصير بوجاڻي جو ڀائيٽو
ياسين بوجاڻي خالد بوجاڻي نظير بوجاڻي سجاد بوجاڻي جن جو ڀاڻيجو وفات ڪري ويو آھي
جنازي نماز جو اعلان بعد م ڪيو ويندو

24/10/2025

ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي مختلف شھرن م ون ويلنگ ريسنگ شروع پوليس انتظاميا خاموش
اسان ايس ايس پي قمبر شھدادڪوٽ کي اپيل ٿا ڪيو تہ خاص ڪري شھدادڪوٽ بائي پاس تي ٿيندڙ ريسنگ جو سختي سان نوٽيس وٺن

پکو ۾ ون ويلنگ جو آزار، تيز رفتار موٽرسائيڪل جو راھگير پورھيت سائيڪل سوار کي زوردار ٽڪر ، 3 زخمي ٿي پيا، پورهيت نبي بخش عرف نبن مغيري جي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ علاج لاءِ لاڙڪاڻي جي اسپتال منتقل ڪيو ويو جنهن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، ون ويلنگ ڪندڙ اوٻاس نوجوان موقعي تان فرار ٿي ويا جنھن مان ون ويلنگ ڪندڙ نوجوان کي ڳوٺاڻن رکڻ جي ڪوشش ڪئي پر ھو فرار ٿي ويا ون ويلنگ ڪندڙ اوٻاش نوجوان زخمي حالت ۾ واقعي واري جاءِ تان فرار ٿيڻ ۾ڪامياب ٿي ويا،
موٽر وي پوليس حادثي واري هنڌ نہ پھتي حد جي پوليس انتظاميہ بہ گم شھرين آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس قمبر شھدادڪوٽ سميت ٻين سمورن وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته ون ويلنگ خلاف سخت قدم کنيا وڃن، جيئن انساني زندگيون وڌيڪ خطري ۾ نه پون .



شھدادڪوٽ؛انتقامي ڪاروايون شروع؛شھر جي ھر مسئلي تي سدائين جدوجھد ۾ رھندڙ استاد ذوالفقار عرف فورس مگسي سميت اسان سمورن متح...
04/08/2025

شھدادڪوٽ؛
انتقامي ڪاروايون شروع؛
شھر جي ھر مسئلي تي سدائين جدوجھد ۾ رھندڙ استاد ذوالفقار عرف فورس مگسي سميت اسان سمورن متحرڪ رھندڙ دوستن خلاف مختلف وقتن تي انتقامي ڪاروايون ڪرڻ ڪا نئين ڳالھ ڪونھي.
پر ڪجھ وقت کان استاد ذوالفقار مگسي سرڪاري ڌر جي ٽارگيٽ تي آھي. پھريان مٿس ڪوڙيون ايف آء آر داخل ڪري کين خاموش رھڻ جو اشارو ڏنو ويو. خاموش نه ٿيو ته، وري سندن دوستن کي گرفتار ڪري مٿن ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا.
اڃان به نه مڙيو ته، وري سندس ڀائٽي کي گوليون ھڻي زخمي ڪيو ويو. پر، ھي ھمراھ اڃان به اڳي کان اڳرو!
حڪمران به پنھنجي ھوڏ تي قائم رھندي وري نسل پرست ٽولي پاران،۳۰ کان ۴۰ ڏنڊا بردارن کي موڪلي سندس اوطاق تي حملو ڪرايو ويو، جنھن ۾ استاد ذوالفقار جا دوست سجاد بوجاڻي، منو ۽ ٻيا ويٺل مھمان سخت زخمي ٿي پيا، جن مان سجاد بوجاڻي ۽ مني کي سيريس حالت ۾ لاڙڪاڻي ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو آھي جيڪي اڃان تائين بيهوشيءَ واري حالت ۾ آھن.
جيئن ته اڄ يعني،۴ آگسٽ تي شھر جي تمام سياسي، سماجي، مذھبي ۽ قومپرست جماعتن پاران زرعي پاڻيءَ جي شديد قلت خلاف ڪوٽوموٽو چوڪ تي سوين ماڻهو ڌرڻو هڻي ويھي رھيا. ڌرڻي کي خطاب ڪندي، ٻين اڳواڻن سان گڏ استاد ذوالفقار به حڪمران جماعت ۽ چونڊيل نمائندن تي سخت تنقيد ڪندي پاڻيءَ جي گھر ڪئي. ھيڏانھن جلسو ھلي رھيو ھو ته، ھوڏانھن ڊي ايس پي شھزاد پوليس جا وڏا اٽالا ڪاھي استاد ذوالفقار مگسي جي اوطاق تي ريڊ ڪري ڀڃ ڊاھ ڪئي ۽ ڌمڪيون ڏيندو واپس ھليو ويو.
ان سلسلي ۾ اڄ ھڪڙي ھنگامي ميٽنگ ٿي جنھن ۾ ڪامريڊ حيات تنيو، حبدار ميرجت، آصف مگسي، استاد ذوالفقار مگسي، رميز راجا تنيو، معتبر چانڊيو، ذوالفقار ميرجت ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ھنن چيو ته، اسين سمجھون ٿا ته اھڙي قسم جون سموريون ڪاروايون ذوالفقار مگسيءَ سميت اسان جدوجھد ڪندڙ دوستن کي هيسائڻ ۽ ڊيڄارڻ جون ناڪام ڪوششون آھن. اسين اھڙين سمورين ڪارواين، ھٿ ڪنڊن ۽ ڌمڪائڻ وارين ڪريل حرڪتن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي آء جي سنڌ پوليس، ڊي آء جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کان پرزور مطالبو ڪيون ٿا ته حڪمران ڌر جي وانگار وھندڙ ڊي ايس پي شھدادڪوٽ ۽ اي سيڪشن پوليس خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. ٻي صورت ۾ اسين اعلي عدالتن جو در کڙڪائڻ سميت پرامن احتجاج جو جمھوري حق به رکئون ٿا.

:شھدادڪوٽسرڪاري اسپتال ۾ دل جي شعبي جي قيام، ڊاڪٽرن، ڊاڪٽرياڻين ۽ دوائن جي کوٽ، بجيٽ ۾ ڪرپشن ۽ ڪرپٽ ايم ايس ڊاڪٽر اسرار ...
22/07/2025

:شھدادڪوٽ
سرڪاري اسپتال ۾ دل جي شعبي جي قيام، ڊاڪٽرن، ڊاڪٽرياڻين ۽ دوائن جي کوٽ، بجيٽ ۾ ڪرپشن ۽ ڪرپٽ ايم ايس ڊاڪٽر اسرار لاشاريءَ کي ھٽائڻ لاءِ اسپتال بچايو جدوجھد ڪاميٽي پاران اڄ 160 ھين ڏينھن به ڪامريڊ حيات تنيو، حبدار ميرجت، زوار آصف علي، مگسي، فيض بروهي، ضياءُ الرحمان کوسو، زاھد مگسي، سجاد بوجاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾احتجاجي مظاهرو ڪري ڪوٽوموٽو چوڪ تي ڌرڻو ھنيو ويو.

22/07/2025

:شھدادڪوٽ
سرڪاري اسپتال ۾ دل جي شعبي جي قيام، ڊاڪٽرن، ڊاڪٽرياڻين ۽ دوائن جي کوٽ، بجيٽ ۾ ڪرپشن ۽ ڪرپٽ ايم ايس ڊاڪٽر اسرار لاشاريءَ کي ھٽائڻ لاءِ اسپتال بچايو جدوجھد ڪاميٽي پاران اڄ 160 ھين ڏينھن به ڪامريڊ حيات تنيو، حبدار ميرجت، زوار آصف علي، مگسي، فيض بروهي، ضياءُ الرحمان کوسو، زاھد مگسي، سجاد بوجاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾احتجاجي مظاهرو ڪري ڪوٽوموٽو چوڪ تي ڌرڻو ھنيو ويو.

22/07/2025

شھدادڪوٽ ڏسو ظلم سيريس مريضن لاء سرڪاري ايمبولينس م تيل ناھي
شھدادڪوٽ سول اسپتال جي ايم ايس اسرار لاشاري جي داداگيري ڪرپشن جي ڪا پڄاڻي ناھي. ھي سنڌ جو واحد بداخلاق ايم ايس آھي جيڪو حادثن م زخمي مريضن سان بداخلاقي ٿو ڪري.
ھي پيپلز پارٽي جو چونڊيل ڪائونسلر سميت پولنگ اسٽيشنون ونر محمد ياسين رند آھي جنھن جو نوجوان روڊ حادثي م زخمي ٿي آيو پر اسپتال عملي جي غفلت سبب تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو جنھن کي ايم ايس اسرار لاشاري زخمي نوجوان کي لاڙڪاڻي ريفر ٿيڻ لاء سرڪاري ايمبولينس نہ ڏني ويتر بداخلاقي م جواب ڏيندي چيو تہ جنھن سان وڃي شڪايت ڪرڻي اٿي ڪر مونکي ڪوئي ڪجھ نٿو ڪري سگھي
سوچڻ جي ڳالھ جنھن ماڻھون جي اچڻ سان سول اسپتال ڪرپشن جي ور چڙھي تباھي جي ڪناري تي اچي پھتي آھي سنڌ حڪومت اعلا ادارا ھن بداخلاق ڪرپٽ ماڻھون خلاف ڪو نوٽيس ڇو نٿا وٺن

21/07/2025

شھدادڪوٽ؛
سرڪاري اسپتال ۾ دل جو شعبو قائم ڪرڻ، دوائن جي کوٽ، ڊاڪٽرن جي کوٽ، گوسڙو ڊاڪٽرن ۽ ٻي گوسڙو عملي پاران ڊيوٽي نه ڪرڻ، بجيٽ ۾ خردبرد ڪرڻ ۽ ڪرپٽ ايم ايس ڊاڪٽر اسرار لاشاريءَ کي ھٽائڻ لاءِ اسپتال بچايو جدوجھد ڪاميٽي پاران شروع ڪيل جدوجھد جي سلسلي ۾ اڄ ۱۵۹ ھين ڏينھن به احتجاجي مظاهرو ڪري ڪوٽوموٽو چوڪ تي ڌرڻو ھنيو ويو. ان موقعي تي جدوجھد ڪاميٽي جي چيئرمين ڪامريڊ حيات تنيو، حبدار ميرجت، ذوالفقار مگسي، فيض بروهي، زاھد مگسي، فاروق چاوڙو، سڪندر سومرو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سرڪاري اسپتال م ايندڙ مريضن کي ڪابه سھولت ميسر ڪونھي. دل جي شعبي سميت ڪوبه شعبو ڪونھي، اسپيشلسٽ ڊاڪٽر ۽ ليڊي ڊاڪٽرياڻين جي پڻ کوٽ آھي. ڪنھن بہ قسم جي ڪا ٽيسٽ ڪونھي. ايڪسري مشين ء الٽرا سائونڊ جي سھولت پڻ ڪونھي. ٽراما سينٽر جي بلڊنگ پڻ ناڪارا بڻيل آهي. ھنن چيو ته ايم ايس ڊاڪٽر اسرار لاشاري سموري ڪرپشن ء بدانتظاميءَ جو ذميوار آھي. ھنن چيو ته مسئلن جي حل تائين جدوجھد جاري رھندي.

شھدادڪوٽ؛سرڪاري اسپتال ۾ دل جو شعبو قائم ڪرڻ، دوائن جي کوٽ، ڊاڪٽرن جي کوٽ، گوسڙو ڊاڪٽرن ۽ ٻي گوسڙو عملي پاران ڊيوٽي نه ڪ...
21/07/2025

شھدادڪوٽ؛
سرڪاري اسپتال ۾ دل جو شعبو قائم ڪرڻ، دوائن جي کوٽ، ڊاڪٽرن جي کوٽ، گوسڙو ڊاڪٽرن ۽ ٻي گوسڙو عملي پاران ڊيوٽي نه ڪرڻ، بجيٽ ۾ خردبرد ڪرڻ ۽ ڪرپٽ ايم ايس ڊاڪٽر اسرار لاشاريءَ کي ھٽائڻ لاءِ اسپتال بچايو جدوجھد ڪاميٽي پاران شروع ڪيل جدوجھد جي سلسلي ۾ اڄ ۱۵۹ ھين ڏينھن به احتجاجي مظاهرو ڪري ڪوٽوموٽو چوڪ تي ڌرڻو ھنيو ويو. ان موقعي تي جدوجھد ڪاميٽي جي چيئرمين ڪامريڊ حيات تنيو، حبدار ميرجت، ذوالفقار مگسي، فيض بروهي، زاھد مگسي، فاروق چاوڙو، سڪندر سومرو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سرڪاري اسپتال م ايندڙ مريضن کي ڪابه سھولت ميسر ڪونھي. دل جي شعبي سميت ڪوبه شعبو ڪونھي، اسپيشلسٽ ڊاڪٽر ۽ ليڊي ڊاڪٽرياڻين جي پڻ کوٽ آھي. ڪنھن بہ قسم جي ڪا ٽيسٽ ڪونھي. ايڪسري مشين ء الٽرا سائونڊ جي سھولت پڻ ڪونھي. ٽراما سينٽر جي بلڊنگ پڻ ناڪارا بڻيل آهي. ھنن چيو ته ايم ايس ڊاڪٽر اسرار لاشاري سموري ڪرپشن ء بدانتظاميءَ جو ذميوار آھي. ھنن چيو ته مسئلن جي حل تائين جدوجھد جاري رھندي.

15/07/2025

سول اسپتال شھدادڪوٽ جي ايم ايس اسرار لاشاري جا ڪم ڏسو
ھو تہ اسان جي سماج م گھڻو ناجائيزيون آھن پر افسوس سنڌ جي اسپتالن جو ھال ڏسو جٿي غريب آيل مريضن کي عورتن جي سامھون گاريون ٿا ڏين ..
ھي سول اسپتال شھدادڪوٽ جي ايم ايس اسرار لاشاري جي ناجائيزي بداخلاقي جي داستان ھڪ آيل مريض جي واتان ٻڌو.
سنڌ م پيپلز پارٽي جي حڪومت ھوندي سنڌ جي اسپتال م مقرر ٿيندڙ ايم ايس اسرار لاشاري جھڙا بدڪردار ماڻھون آيل مريضن سان نياڻين جي اڳيان نازيبا لفظ ٿا چون انھنن مٿان سنڌ حڪومت ڪا پاپند نٿي سنڌ حڪومت ڪا سزا نٿي ڏي ..
سول اسپتال شھدادڪوٽ م مقرر ٿيندڙ ايم ايس اسرار لاشاري جو وڏیو ناجائيزون آھن ھي سنڌ جي واحد اسپتال آھي جنھن م خود ميڊيڪل سپريڊنٽ اسرار لاشاري شراب واپرائي فحاشي حرڪتون ڪندو آھي جنھن کي کوڙ دفعا ھيٺين عملي اکين سان پڪڙيون آھي پر ھي پنھنجي سيٽ جي طاقت جي زور تي انھنن کي حيدرآباد بدلي ٿو ڪري ..
سنڌ حڪومت کي فلفور ھن عمل جو نوٽيس وٺي ڪري سول اسپتال م مقرر ايم ايس اسرار لاشاري کي فلفور ھتان ھٽائي انڪوارئي ويھاري وڃي ..

Address

Shahdadkot

Telephone

+923337502234

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sajjad Ali Bojani posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share