30/08/2026
عوامي ورڪرز پارٽي (مارڪسسٽ) ۽ پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن يونٽ سڪرنڊ طرفان ليڪچر پروگرام ٿي گذريو
پ-ر30/08/2026
عوامي ورڪرز پارٽي (مارڪسسٽ) ۽ پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن يونٽ سڪرنڊ پاران ليڪچر پروگرام ٿي گذريو، ليڪچر پروگرام جي شروعات پي آر ايس ايف يونٽ سڪرنڊ جي اڳواڻ فهد مغل ڪئي اُن کان بعد ضلعي پارٽي جي صدر ڪامريڊ خالد سولنگي پروگرام ۾ آيل ساٿين کي آجياڻو ڏنو.
ليڪچر جي موضوع "موجوده طبقاتي نظام ۽ شاگرد سياست "
تي پي آر ايس ايف سنڌ جي تعليم و تربيت سيڪريٽري ڪامريڊ احسان ڪنڀر تفصيلي ڳالھ ٻولھ رکي.
ڪامريڊ احسان چيو تہ، تعليمي نظام ۾ طبقاتي فرق واضع آهي. سرڪاري اسڪول پورهيت طبقي لاء ۽ خانگي اسڪول سرمائيدار طبقي لاءِ آهن. خانگي اسڪول به مختلف قسمن جا آهن. اليٽ خانگي اسڪولن جي فيس صرف سرمائيدار طبقو ڀري سگهي ٿو. هاڻ اسڪول ۽ اسپتالون به ماڻهن جو طبقو ظاهر ڪن ٿا ته هن جي ٻارن جو علاج ڪهڙي اسپتال ۾ ٿئي ٿو ۽ ڪهڙي اسڪول ۾ پڙهن ٿا.
مٿيون وچولو يا اليٽ طبقي جو ماڻهو پنهنجي ٻار تي پرائمري کان اعليٰ تعليم تائين اسڪول ڪاليج ۽ يونيورسٽي جي فيس جي مد ۾ خرچ ڪري ٿو. ميٽرڪ ۽ انٽر ۾ بورڊن مان گريڊ خريد ڪري ٿو. عوامي يونيورسٽين ۾ سليڪشن نه ٿيڻ جي صورت ۾ عوامي يا خانگي يونيورسٽين ۾ سيٽ به خريد ڪري ٿو ۽ آخر ۾ پبلڪ سروس ڪميشن کان نوڪري به خريديون وڃن ٿيون. ايتري لاڳت ڪرڻ ۽ بدعنوانين ۽ بي ايمانين جا ڏاڪا پار ڪرڻ کانپوءِ اهو ڊاڪٽر، انجنيئر يا بيروڪريٽ ڪرپشن نه ڪندو؟ مٿان کان هيٺ هي سڄو تعليمي نظام دقيانوسي، ناڪاره ۽ فرسوده ٿي چڪو آهي. سنڌ ۾ اڪثر اسڪولن ۾ قابل استاد، لائبريرين ۽ سائنسي ليبارٽرين نه هئڻ سبب تعليمي ادارا گهربل نتيجا ڏيڻ کان قاصر آهن۔
اهيو فرسوده ۽ ناڪاره نظام هاڻي ايترو واضح ٿي چڪو آهي جو حڪمران بہ انهي کي قبولي ٿو پر انهي نظام جي ناڪامي کي اُھو بنيادي طبقاتي ۽ قومي غلامي سان جوڙڻ بجاءِ گورننس جي ناڪامي جي آڙ ۾ هڻندي نون صوبن جي ڳالهه سان جوڙيو ٿو وڃي. پر انھي کي سرڪل ۾ وسيلن جي لٽمار ۽ آبادي کي ورهائڻ جي طور پيش ڪيو ويو ۽ انهي معاملي کي اهم سمجھندي عوام کي سياسي ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو.
ليڪچر کان پوء سوالن جوابن جو سيشن ٿيو۔
پروگرام ۾ عوامي ورڪرز پارٽي (مارڪسسٽ)، پي آر ايس ايف سڪرنڊ جي ڪارڪنن، استادن سبواس، سبو يونورسٽي ۽ ٻين مختلف ڪلاسن جي شاگردن ڀرپور شرڪت ڪئي۔
ميڊيا سيل:
عوامي ورڪرز پارٽي (مارڪسسٽ)/پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن سڪرنڊ