Dargah Syed Saleh Shah & Syed Nadar Shah Bukhari

Dargah Syed Saleh Shah & Syed Nadar Shah Bukhari Dargah Syed Nadar Ali Shah Ratodero

سال 1977ع ۾ ان وقت جي پ پ پ جي سند جي صدر ۽ وزير مواصلات ڏھيسر جنابِ ممتاز علي خان ڀٽو صاحب سان ان وقت جي پ پ پ سٽي ۽ تع...
05/06/2022

سال 1977ع ۾ ان وقت جي پ پ پ جي سند جي صدر ۽ وزير مواصلات ڏھيسر جنابِ ممتاز علي خان ڀٽو صاحب سان ان وقت جي پ پ پ سٽي ۽ تعلقي رتيديري جي عهديدارن ۽ ورڪرن سان گڏ گروپ فوٽو.
صوفہ سيٽ تي ويٺلن ۾ جناب ممتاز علي خان ڀٽو صاحب سان گڏ ان وقت جو پ پ سٽي صدر سائين علي اڪبر شاھ ، ان وقت جي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي محترمہ بيگم اشرف عباسي صاحبہ ۽ تعلقہ صدر پير بخش خان گھانگھرو صاحب.
پويان بيٺلن ۾ سائين ديدار حسين شاھ، بصر الدين خان کوسو، سيد اختر عالم شاھ ، گلاب خان سومرو ،غلام حسين ڀٽي سٽي جنرل سيڪريٽري ، وآحد بخش خان ڀٽو ۽ ٻيا.

اڳئين قطار ۾ ڪرسين تي ويٺل، سڄي کان کٻي ھٿ.مرحوم چوڌري محمد رمضان (ميمبر)مرحوم محمد رمضان سرھيو (ميمبر)مرحوم واحد بخش ڀٽ...
05/06/2022

اڳئين قطار ۾ ڪرسين تي ويٺل، سڄي کان کٻي ھٿ.
مرحوم چوڌري محمد رمضان (ميمبر)
مرحوم محمد رمضان سرھيو (ميمبر)
مرحوم واحد بخش ڀٽو (ميمبر)
مرحوم سيد وريل شاھ (ميمبر)
مرحوم عبدل واحد سومرو (چيئرمئن)
مرحوم سيد علي اڪبر شاھ (ميمبر)
جناب وڪيل عبدل رزاق سومرو (ميمبر)
قاض محمد صديقي ( چيف آفيسر)
مرحوم عبدل حي عباسي (ھيڊ ڪلرڪ)
بيٺل قطار ۾ ڪجھ نالا ياد آھن.
مرحومل بشير احمد. مرحوم مير موريو ڀٽو. مرحوم گورڌن داس. چاچا منشي، مرحوم سيوو جت، ميوو جت.

شھيد قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو سان رتوديرو جي قديم اھم شخصيتن سان گروپ فوٽو.ڀٽي صاحب جي ساڄي طرف کان عبدالواحد سومرو، س...
05/06/2022

شھيد قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو سان رتوديرو جي قديم اھم شخصيتن سان گروپ فوٽو.ڀٽي صاحب جي ساڄي طرف کان عبدالواحد سومرو، سائين علي اڪبر شاھ، وآحد بخش ڀٽو، چوڌري رمضان.
کاٻي طرف کان عبدالرزاق سومرو ۽ سائين وريل شاھ.

31/03/2022
سيد جھان شاھ بخاري رتوديرو.=====================================درگاھ سيد صالح شاھ بخاري ۽ نادر شاھ بخاري جي خانداني سلس...
15/12/2020

سيد جھان شاھ بخاري رتوديرو.

=====================================

درگاھ سيد صالح شاھ بخاري ۽ نادر شاھ بخاري جي خانداني سلسلي جي تاريخي معلومات کي اڳتي وڌائيندي اڄ اسين سيد جھان شاھ بخاري جي سوانح حيات تي روشني وجھنداسين.
سيد جھان شاھ بخاري سائين صالح شاھ بخاريءَ جو پوٽو ۽ سائين نادر شاھ بخاريءَ جو وڏو ڀاءُ آهي سندس والد جو نالو سيد خدا بخش شاھ آهي. کيس ميان جھان شاھ جي نالي سان بہ سڏيندا هئا. پاڻ رتوديرو جي وچ شھر ۾ اچي پنھنجي حويلي آباد ڪيائون. ھن وقت جيڪا گھٽي امتياز خان گھانگھرو صاحب جي گھر کان ٽڪاڻي جي طرف ڏانهن وڃي ٿي ان مين گھٽيءَ ۾ سندن ھڪ وڏي حويلي ھوندي ھئي جيڪا ڀٽن صاحبن جي ويڙهي سان گڏ ويٺل ساداتن جي گھرن کان شروع ٿي مظفر خان جلباڻي جي گھر واري گھٽيءَ کان ڦري پوئين طرف شيخ محلہ ۾ رهندڙ شيخن جي گھرن تائين ڦهليل هئي. جتي پوئين طرف محترم الاھي بخش خان مرکياڻي وارن جو گھر پڻ آهي.
سائين جھان شاھ ان حويليءَ جي ڀرسان سن 1211 ھجريء ۾ ھڪ عاليشان مسجد بہ جوڙائي هئي جيڪا ٻير واري مسجد جي نالي سان مشهور آهي. پاڻ ان مسجد ۾ امامت جو ڪم بہ پاڻ سرانجام ڏيندا هئا. ھن وقت سندن آخري آرام گاه بہ ان ئي مسجد جي اترئين پاسي کان آهي جتي خاندان جي ٻين فردن جون مزارون بہ آھن جنھن کي حديرو پڻ سڏيندا آهن. مذڪورہ مسجد جي مين دروازي جي اندرئين طرف صحن ۾ پڻ خاندان جي پنجن بيبي سڳورين جون مزارون بہ آھن جيڪي ھينئر مسمار ڪري صحن جي فرش سان ھموار ڪيون ويون آهن.
سائين جھان شاھ بخاري ھڪ ديندار ۽ اھل معرفت انسان ھو. ھي بہ پنھنجي وڏن وانگر روحانيت ۽ ديني تبليغ جو سلسلو جاري رکندو ھو. سائين جھان شاھ ھڪ وڏو زميندار بہ ھو. جيڪب آباد ضلعي جي ئي جيڪب آباد تعلقي جي يونين ڪائونسل قادر پور ۾ سندس وڏي زمين ھئي جيڪا اندازن 30 ھزار جريبن تائين ھئي ان ڪري ان ديھ کي ئي ديھ شاھ پور جو نالو ڏنو ويو جيڪو اڄ بہ روينيو رڪارڊ تي موجود آهي. سائين جھان شاھ ان ديھ ۾ ھتان سولنگي قبيلي جي مريدن کي لڏائي ان زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ وڃي ويھاريو. ۽ اتي جھان شاھ ڳوٺ قائم ڪيو جيڪو اڄ بہ موجود آهي. ان ڳوٺ کي سيد جي ڳوٺ جي نالي سان بہ سڏيندا آهن. سنڌو درياءَ مان 1935ع ۾ انگريزن جڏهن سکر بئراج قائم ڪئي تڏهن انھن مان مختلف واھ ڪڍيا ويا. جن منجهان هڪ نارٿ ويسٽ ڪينال جيڪو کيرٿر ڪئنال جي نالي سان مشهور آهي اھو بہ ڪڍيو ويو. کيرٿر ڪئنال ديھ شاھ پور ۽ جھان شاھ ڳوٺ جي ڀرسان گذاريو ويو آهي. انگريز سرڪار ان ڳوٺ جي سامھون ھڪ پل ۽ سرڪاري ايريگيشن بنگلا تيار ڪيا جن کي پڻ سائين جھان شاھ جي نالي سان منسوب ڪيو ويو جيڪي اڄ بہ ان جاءِ تي موجود آهن ۽ جھان شاھ پل ۽ جھان شاھ بنگلا جي نالي سان سڏبا آهن. ان جھان شاھ ڳوٺ۾ بہ ھڪ قديم مسجد آهي. ڳوٺ ۾ جھان شاھ پرائمري ۽ مڊل اسڪول پڻ قائم ڪيو ويو آهي.
خاندان جا وڏڙا ٻڌائيندا هئا تہ سائين جھان شاھ تمام سخي مرد هو. جڏهن زمين تان اناج رتوديرو پھچندو ھو تہ سڄي شھر وارن کي اعلان ڪرائيندا هئا تہ جيڪي بہ اھڙا غريب ماڻهو آھن جيڪي مستحق آھن تہ اھي پنھنجي سڄي سال جو اناج پھريان پنھنجي گھرن ڏانهن کڻي وڃن تہ پوءِ آءٌ باقي اناج پنهنجي گھر کڻي وڃي رکان. ان کان سواءِ روزانو لنگر جي ديڳ چاڙھائيندا ھئا تہ جيئن غريب غربا ۽ مسافر مڙھا اچي کائي وڃن. ان وقت سندن حويليءَ واري گھٽي شھر جي مرڪزي گھٽي ھوندي ھئي جيڪا شڪارپور ناڪي کان ٿيندي ٽڪاڻي ۽ مائي بازار جيڪا گوڪل بازار بہ سڏبي آھي ۽ ان وقت شھر جي مرڪزي بازار ھوندي ھئي ان بازار کي ڪراس ڪري قريشين جي محلي موٽڻ پور ۾ ختم ٿيندي ھئي. جنھن ڪري اتان گھڻن ماڻهن جي اچ وڃ ٿيندي ھئي.
سائين جھان شاھ کي ٻہ فرزند ٿيا سندس وڏي فرزند جو نالو سيد دامن شاھ ۽ ننڍي فرزند جو نالو سيد راڄن شاھ آهي. جن جو ذڪر پڻ ايندڙ مرحلي ۾ ڪيو ويندو. سائين جھان شاھ ۽ سائين نادر شاھ جن جو ھڪ ننڍو ڀاءُ سيد غلام شاھ جي نالي سان ھيو جنھن کي پڻ ٻن پٽن جي اولاد ھئي جن مان هڪ جو نالو سيد شاھ نواز شاھ ۽ ٻئي جو نالو سيد بنده نواز شاھ ھو. جيڪو ھتان ھجرت ڪري ايران جي شھر شيراز ۾ وڃي آباد ٿيو. سيد غلام شاھ سائين جھان شاھ ۽ سائين نادر شاھ کي بہ شيراز ھجرت ڪري ھلڻ لاءِ چيو پر انھن رتيديري ۾ ئي رھڻ کي ترجيح ڏني.

سيد صالح شاھ بخاري رتوديرو.=====================================اڄڪلھ ڪجھ نوجوان دوست رتوديرو جي تاريخ سھيڙي رھيا آھن جن...
15/12/2020

سيد صالح شاھ بخاري رتوديرو.
=====================================
اڄڪلھ ڪجھ نوجوان دوست رتوديرو جي تاريخ سھيڙي رھيا آھن جن ۾ اڪثريت ڪجھ اھڙن دوستن جي آهي جيڪي صرف ويجھي ماضي قريب تائين ئي محدود ڄاڻ رکندڙ آهن. جڏهن تہ رتيديري جي تاريخ تمام پراڻي آهي.رتيديري شھر جا تمام قديم تاريخي خاندان تمام گهڻي پراڻي وقت کان ھن شھر ۾ آباد آهن جن جي پنھنجي اھم خانداني تاريخ ۽ حيثيت رھي آھي سندن قديم ماڳ ۽ مڪان اڄ بہ موجود آهن جيڪي سندن مان ۽ مرتبي جو ڏس پتو ڏين ٿا.
رتوديرو جي مشھور درگاھ جيڪا سيد صالح شاھ ۽ سيد نادر شاھ بخاريءَ جي نالي سان مشهور آهي اتي مشھور بزرگ سيد صالح شاھ بخاري جو قديم مقبرو موجود آهي. ڪيترائي ماڻهو سيد صالح شاھ بخاري جي تعارف کان بي خبر آھن. جيئن تہ آءٌ سندس سلسلہ اولاد مان آھيان ان ڪري ضروري ٿو سمجهان تہ اڄ ھن سوشل ميڊيا جي زماني ۾ پنھنجي ان بزرگ جي سوانح حيات کان ھر خاص و عام کي آگاھي ڏيان تہ جيئن نئين نسل کي سندس بابت معلومات جي خبر پوي.
سيد صالح شاھ بخاري اوچ شريف جي مشھور ولي اللهز حضرت شير شاھ جلال حيدر بخاري سرخ پوش جيڪو حضرت لعل شهباز قلندر رح سان گڏ ڪربلا مولا کان ھتي تبليغ دين جي لاءِ آيو ھو ان جي اولاد مان آھي. سندس والد جو نالو سيد گلاب شاھ آھي.سندس جو وقت ۽ رتي خان جلباڻي جو دؤر گڏ گڏ رھيو آھي. ھن وقت سندس خاندان جي نائين پيڙهي ھلي رھي آھي جيڪا موجوده گادي نشين سيد نادر علي شاھ بخاري جي پوٽاڻ آهي ۽ ھن وقت فتح پور محلي رتوديرو ۾ رھائش پذير آهن.
سائين صالح شاھ بخاري اوچ شريف کان ھجرت ڪري رتي ديري جي وھندڙ مشھور سکر واھ جي ڪناري تي اچي پنھنجي حويلي آباد ڪئي . حويليءَ سان ئي گڏ قديم مسجد تعمير ڪرائي ۽ لڳ و لڳ پنھنجو حجرو تيار ڪرايو. حجري ۽ مسجد جي وچ۾ دروازو رکرايائون. مسجد۾ پنجگانہ نماز پاڻ پڙھائيندا ھيا ۽ باقي وقت حجري ۾ عبادت ء تبليغ دين جو ڪم ڪندا هئا. سندن زندگي دين طرف مائل ۽ روحانيت واري ھئي مالڪ جي ذڪر ۽ فڪر ۾ گھڻو مشغول رھڻ سندس معمول ھو. جنھنڪري آھستي آھستي پوئلڳن جو تعداد وڌندو ويو ۽ ڪيترن ئي قومن جا ماڻهو سندن عقيدت مند ۽ مريد ٿيندا ويا جن جو نسل در نسل اڄ بہ سلسلو جاري آهي. الله سائين کيس ڪرامتن سان پڻ نوازيو. سائين صالح شاھ بخاري جي خانداني تربيت جو ئي اھو اثر ھو جو سندس پوٽو سائين نادر شاھ بخاري پنھنجي ڪرامتن سبب گھڻو مشھور ٿيو ۽ درگاھ بہ سائين نادر شاھ جي نالي سان مشھور ٿي. سائين صالح شاھ بخاريءَ کي ھڪ فرزند ھو جنھن جو نالو سيد خدا بخش شاھ آهي. ۽ وري خدا بخش شاھ کي ست فرزند ھئا. جنھن ۾ سيد جھان شاھ ٽيون نمبر فرزند ۽ سائين نادر شاھ پنجون نمبر فرزند آھي. ( جھان شاھ ۽ سائين نادر شاھ ۽ ٻين فرزندن جو ذڪر الڳ ڪيو ويندو ھتي صرف اشاري طور ذڪر ڪجي ٿو ).
جڏهن سائين صالح شاھ بخاري جي حويلي آباد ٿي وئي تہ اڪٽر عقيدت مند موجوده درگاھ جي ڀرسان اچي آباد ٿيڻ لڳا ۽ پوءِ ھڪ ڳوٺ آباد ٿي ويو جيڪو روينيو کاتي جي پراڻي نقشي جي ديھ رتوديرو ۾ ڳوٺ نادر شاھ جي نالي سان ڏيکاريل آهي. سروي سپرنٽينڊنٽ خيرپور جي اوتارن تي بہ ڳوٺ نادر شاھ الڳ ڏيکاريل آهي جنھن جو سن 1881ع آھي. درگاھ جي چوڌاري سندن پنھنجي زرعي زمين ھئي جيڪا پراڻي وقت ۾ کوھ مان آباد ٿيندي ھئي. اھو کوھ ھاڻي درگاھ جي ڀرسان اڏيل غلام شبير ساريو جي گھر جي ايراضي ۾ اچي ويو آهي. درگاھ جي اولھ طرف سکر واھ مان ٻہ وڏا واھ نڪرندا ھئا جنھن کي جاڙا واھ جي نالي سان سڏبو هو. ھاڻي انھن جي ڪپرن تي گھرو آبادي ٿي وئي آهي.
سيد صالح شاھ جي وفات بعد کيس سندس ان ئي حجري۾ دفن ڪيو ويو جنھن ۾ ويھي عبادت ڪندا هئا جتي ھينئر مٿان مقبرو آهي جيڪو سندس پنھنجي زندگيءَ ۾ ئي جوڙايل ھو.اڄ بہ روزانو ڪيترائي عقيدت مند ۽ سوالي زيارت لاءِ سندس درگاھ تي حاضري ڀرڻ ايندا آهن.

Address

Dargah Syed Nadar Ali Shah
Ratodero

Telephone

+923366990022

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Dargah Syed Saleh Shah & Syed Nadar Shah Bukhari posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Organization

Send a message to Dargah Syed Saleh Shah & Syed Nadar Shah Bukhari:

Share