11/08/2026
پريس رليز
سنڌ ترقي پسند اسٽوڊنٽ فيڊريشن(ستاف) جي مرڪزي چيف آرگنائيزر مدثر لاشاري، ڊپٽي آرگنائيزر ڪامريڊ عرفان بروھي، آرگنائيزر باقر ابڙو، آرگنائيزر غوث بخش مگسي، آرگنائيزر صوفي صدام ميهدو پنهنجي پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ترقي پسند پارٽي سنڌ ۾ غير قانوني رهندڙ افغاني پناهگيرن، ۽ سنڌ جي وحدت تي ٿيندڙ وار خلاف پرامن طريقي سان مسلسل جدوجهد ڪري رهي آهي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ ترقي پسند پارٽي افغاني پناهگيرن جي نيڪالي لاء ٻن مهينن کان سگهاري انداز م تحريڪ هلائي جنهن م سمورن ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرز وٽ ياداشتناما پڻ ڏنا ويا جمهوري ء آئيني طريقي سان سگهاري جدوجهد هلائڻ جي باوجود سنڌ حڪومت ڪو به سنجيده قدم نه کنيو اڃان ڌارين جي نيڪالي جي جدوجهد هلندڙ هئي ته اسٽيبلشمينٽ ۽ لساني دهشتگردن پاران پوري ملڪ م نوان صوبا ٺاهڻ جي آڙه م سنڌ جي وحدت تي حملا ڪرڻ شروع ڪيا ته سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران سنڌ جي وحدت تي حملي خلاف منظم انداز م تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو جدوجهد جي پهرئين ئي مرحلي جي شروعات م ئي سنڌ حڪومت خوف ۽ بوکلاهٽ جو شڪار ٿي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو آهي ميرپورخاص پوليس ڪالهه سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري هوت خان گاڏهي، ستاف مرڪزي نگران قادر چنا، مرڪزي اڳواڻ حيدر ملاح، خدا بخش درس، کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي ۽ مرڪزي اڳواڻ ڄام شوڪت ابڙو سميت سئو ڪارڪنن تي دهشتگردي جي پڻ ايف آئي آر داخل ڪري ڪوڙا ڪيس مڙهي ڇڏيا آهن جنهن سان ثابت ٿئي ٿو ته جمهوريت نالي ڪابه شيء ناهي سنڌ ۾ زرداري جي آمريت جو راڄ آهي ,
سنڌ ترقي پسند اسٽوڊينٽ فيڊريشن(ستاف) زرداري جي آمريت ۽ ميرپورخاص پوليس جي بدمعاشي جي ندا ڪري ٿي پپپ سرڪار سنڌ ۾ پرامن سياسي ڪارڪنن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري سنڌ جو امن امان خراب ڪري رهي آهي جڏهن ته سياسي ۽ جهموري طريقي سان جدوجهد ڪرڻ سمورين پارٽيز ۽ شهرين جي آئيني حق آهي مطالبو ڪريون ٿا ته گرفتار ڪري گم ڪيل سمورن مرڪزي اڳواڻن کي آزاد ڪيو وڃي ۽ دهشتگردي جا ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن.
ستاف مرڪز