08/09/2026
پريس رليز
8 سيپٽمبر 2026
پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن (PrSF)، ضلعو نوابشاهه، قوئسٽ انتظاميه پاران شاگرد سجاد علي لغاري جي داخلا، غيرحاضريءَ کي جواز بڻائي منسوخ ڪرڻ واري فيصلي کي شاگرد دشمن، غيرمنصفاڻي ۽ انتقامي عمل قرار ڏيندي ان جي سخت مذمت ڪري ٿي.
سجاد علي لغاري ڪنهن امير طبقي جو شاگرد نه، پر هڪ پورهيت خاندان جو نوجوان آهي، جيڪو مزدوري سان گڏ تعليم حاصل ڪري پنهنجي مستقبل لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو آهي. اهڙي شاگرد کي تعليم کان محروم ڪرڻ رڳو هڪ فرد سان ناانصافي ناهي، پر اهو انهن سمورن پورهيت ۽ غريب شاگردن خلاف پيغام آهي، جيڪي محدود وسيلن باوجود تعليم حاصل ڪرڻ جو خواب ڏسن ٿا.
سجاد علي لغاري جي بيان موجب، بجراڻي لغاري ۾ سنڌو درياهه تي ڪئنالن خلاف احتجاج دوران زخمي ٿيل ڳوٺاڻن جي مدد ۽ رت عطيو ڪرڻ کان پوءِ کيس ڏينهن ڏٺي جو قوئسٽ جي هاسٽل مان مبينا طور کنڀي گم ڪيو ويو. ڪيترن ڏينهن تائين لاپتا رکڻ کان پوءِ کيس ظاهر ڪري جيل موڪليو ويو، جتي لڳ ڀڳ هڪ سال قيد رهڻ کان پوءِ هو ضمانت تي آزاد ٿي واپس آيو.
هاڻي سوال اهو آهي ته جنهن عرصي دوران هڪ شاگرد مبينا طور قيد ۽ لاپتا رهيو، ان عرصي جي غيرحاضريءَ جي سزا وري ساڳئي شاگرد کي ڇو ڏني پئي وڃي؟
جيڪڏهن ڪنهن شاگرد کي سندس مرضيءَ خلاف تعليم کان پري رکيو ويو هجي ته ان کي غيرحاضري قرار ڏئي سندس داخلا ختم ڪرڻ انصاف جو مذاق آهي.
اسان سمجهون ٿا ته تعليمي ادارا شاگردن کي خوفزده ڪرڻ، خاموش ڪرائڻ يا سياسي اختلاف جي سزا ڏيڻ لاءِ نه، پر علم، شعور، سوال ۽ اختلاف جي آزادي لاءِ هوندا آهن.
يونيورسٽي هاسٽل شاگردن جا محفوظ هنڌ هجڻ گهرجن. جيڪڏهن سجاد علي لغاري کي واقعي هاسٽل مان کنڀي گم ڪيو ويو ته اهو انتهائي سنگين معاملو آهي. انتظاميه کي ان سوال کان ڀڄڻ بدران شفاف ۽ آزاد جاچ جو مطالبو قبول ڪرڻ گهرجي.
اسان قوئسٽ انتظاميه کي واضح ڪريون ٿا:
شاگردن جي تعليم کي انتقام جو هٿيار بڻائڻ بند ڪيو وڃي!
سجاد علي لغاري جي داخلا فوري طور بحال ڪئي وڃي!
شاگردن کي سياسي انتقام جو نشانو بڻائڻ بند ڪيو وڃي!
هاسٽل مان مبينا جبري گمشدگي واري واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي!
شاگردن جي حقن ۽ تعليمي آزاديءَ تي ڪو به سمجهوتو قبول نه ڪيو ويندو!
پي آر ايس ايف ضلعو نواب شاھ واضح ڪري ٿو ته هڪ پورهيت شاگرد جي تعليم بچائڻ لاءِ آواز اٿارڻ رڳو سجاد علي لغاري جو معاملو ناهي؛ اهو هر ان شاگرد جو معاملو آهي، جيڪو غربت، جبر ۽ ناانصافيءَ باوجود تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي.
قوئسٽ انتظاميه کي سمجهڻ گهرجي ته شاگردن کي دٻائڻ سان سوال ختم نٿا ٿين، سوال وڌيڪ مضبوط ٿين ٿا.
سجاد جي داخلا بحال ڪريو — شاگرد دشمن فيصلا واپس وٺو!
ميڊيا سيل: پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن (PrSF)
ضلعو نوابشاهه