Nasarpur's Society And Culture

Nasarpur's Society And Culture Nasarpur Sindh

Dr Aftab Ahmed Son Of D.C Muhammad Saleh SahaaB NasarPur...Sir we are Proud on yOu Dear😊
02/10/2025

Dr Aftab Ahmed Son Of D.C Muhammad Saleh SahaaB NasarPur...
Sir we are Proud on yOu Dear😊

ALLAH PAK sy Dua hy MarhOom Syed iMDAD ALi Shah Rizvi (Ammun Sain) Ki Mughfrut kry Jannat UL Fird0us me Aalla Muqam Atta...
23/05/2024

ALLAH PAK sy Dua hy MarhOom Syed iMDAD ALi Shah Rizvi (Ammun Sain) Ki Mughfrut kry Jannat UL Fird0us me Aalla Muqam Atta frmaee... Aameen 😇😇

Namaz 0 Salwat
18/01/2024

Namaz 0 Salwat

09/01/2024
"ٻري جن ٻاري"ٽنڊي الھيار ضلعي جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (17)اديب،  شاعر ۽ بهترين استاد سائين لونگ خان ٫٫...
29/12/2023

"ٻري جن ٻاري"

ٽنڊي الھيار ضلعي جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (17)

اديب، شاعر ۽ بهترين استاد سائين
لونگ خان ٫٫ عاجز ،، ڀاڻو مرحوم ( نصرپور )

تحرير : سائين نم خان مھيسر صاحب

سماواتي پرڳڻي جو شهر نصرپور ، سنڌ جي قديم شهرن مان ھڪ آھي . ھي تاريخي ، علمي ، هنري ، ثقافتي ۽ دريائي واپار وارو شهر ، سياسي سماجي لاھن چاڙھن ، حڪومتي انقلابن ۽ بدلجندڙ حالتن مان گذرندي ڪيترن ئي بادشاهن ، حاڪمن ، اميرن ۽ وزيرن جي عارضي سڪونت ۽ گذرگاھ رهيو آهي .
هن تاريخي شهر ۾ ڪئين ولي بزرگ ، اولياءَ ، درويش ، عالم فاضل ، ناميارا شاعر ، اديب ۽ استاد پيدا ٿيا . جن بابت تاريخ جي ڪتابن جا ڪئين باب ڀريا پيا آهن
ھن شھر ۾ ڪئين قومون آباد هيون جن جو اولاد اڄ به هتي مڪين آهي . انهن مان ڀاڻو قوم به هڪ آهي . جنهن ۾ پڻ ڪيترائي بزرگ ، الله وارا ، پرهيزگار ۽ نيڪ مرد پيدا ٿيا . انهن جي اولاد مان سائين لونگ خان ”عاجز“ ڀاڻو به ھڪ ھو . جنھن 5 اپريل 1938 ع تي علي محمد ڀاڻو جي گھر ۾ جنم ورتو ۽ ھن شھر مان ئي سنڌي فائنل پاس ڪيائين . سائين جن جي شخصيت تمام وڏي عزت ۽ احترام جي لائق هئي .
کين ننڍي هوندي کان ئي لکڻ پڙهڻ ۽ علم ادب سان چاھ ۽ دلچسپي هئي ، تنهن ڪري 1954ع کان تعليم جهڙي پيغمبري شعبي سان وابسته ٿي ويا . پاڻ اٽڪل 27 سال ٽنڊي الهيار جي مختلف پرائمري اسڪولن ۾ ايمانداري سان پنھنجي ڊيوٽي سرانجام ڏنائون جن ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول مشائخ ھوتي ، شير خان لنڊ ، مير الھداد ٽالپر ، ڊاسوڙي ، غلام حسين لنڊ ، پرائمري اسڪول علي بخش شاھ ، الھرکيو پٺاڻ ، کڏڙو ، ڪامارو شريف ۽ نصرپور شامل آهن . جتي گلڙن جهڙن ٻارڙن کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪيائون . ان کان پوءِ اٽڪل 17 سال نصرپور جي ھاء اسڪول ۾ علم جي خدمت ڪندي روشني جي جوت جلائي ظلمت ۽ اونداھيءَ کي تڙي ڪڍڻ ۾ تمام گھڻو جاکوڙيندي 1998ع ۾ ھن کاتي کي الوداع ڪري رٽائر ٿيا .
معاشري ۾ انسانيت لاءِ استاد خدمتن ۽ سچاين جا مينار ۽ ڪاميابين جو اھڃاڻ هوندا آهن ۽ استاد جي اکين ۾ خواب هوندا آهن ته هو پنهنجي سيني ۾ سمايل علم اوتي ملڪ ۽ ملت جي نئين نسل جي سينن ۾ منتقل ڪري . سائين لونگ خان ٫٫ عاجز ،، به اھڙا ئي خواب ۽ خيال رکڻ وارو شخص هو . پاڻ ھن علائقي جو مرٌبي ۽ ابو سمجھيو ويندو ھو . غريب شاگردن جو تمام گهڻو اونو رکندڙ، ھمدرد ۽ ھڏڏوکي انسان ھو . غريب شاگردن مٿان ساھ فدا ڪندو هو . پاڻ ڪيترن ئي سالن تائين جيڪي ٻار امتحان پاس ڪري اڳين ڪلاسن ۾ ويندا هئا . انهن کان ڇڏيل ڪتاب وٺي انهن جي جلد بندي ڪرائي بي پھچ ۽ غريب ٻارڙن ۾ مفت ورهائيندا هئا . غريب شاگردن کي فين ۽ يونيفارم وغيره ۾ پڻ مدد ڪندا هئا . اهڙا بي سهارا شاگرد هينئر وڏن وڏن عهدن تي فائز ٿي پنهنجي وطن عزيز جي خدمت ۾ پيش پيش آهن .
پاڻ سدائين پرايا درد پنهنجا ڪري ڀائيندا هئا . شل نه ڪنهن کي ڪا تڪليف يا پريشاني پيش اچي . اصل بي چين ۽ بي آرام بڻجي ويندا هئا . سندن سيني ۾ آنڌ مانڌ ۽ لوري لڳي پئي هوندي هئي ته فلاڻو الائجي ڪهڙي حال ۾ ، ۽ ڪئين هوندو !؟ جڏهن خيريت جي خبر پوندي هئن ، تڏهن وڃي سک جو ساھ کڻندا هئا . اها انساني همدردي ۽ ٻين جو احساس هر ڪنهن دل جي حوالي نه هوندو آهي ، پر ڪنهن ڪنهن دل ۾ اھڙي دونھين دکيل ھوندي آھي . صرف اهل دل ۽ محبتي ماڻهو ئي اهڙا حساس جذبا رکي سگھي ٿو .
سندن تمام گھڻو مطالعو ۽ مختلف علمن ۾ اونهون اڀياس ٿيل هو . سنڌي ٻولي جي ته هڪ لغت هئا ، کانئن ڪنهن لفظ جي معنيٰ پڇبي هئي ته پوري تشريح ڪري اشتقاقن سان ٻڌائيندا هئا . شاه سائين ۽ مصري شاه جي رسالن تي ته کين عبور حاصل هوندو هو . ڪچهرين ۾ اهل علم ماڻهن جي اڳيان لطيف سائينءَ ۽ مصري شاه جا بيت ، انهن جي تشريح ۽ روحاني راز ۽ رمزون اهڙي ته منفرد انداز ۾ ٻڌائيندا هئا ، جو پاڻ کي لطيف سائين ۽ مصري شاه جا پارکو سڏائيندڙ به ڏندين آڱريون ڏيئي سوچ ۾ پئجي ويندا هئا . پاڻ لطيف ۽ مصري شاه تي ڪافي تحقيقي ڪم ڪيائون . انهن جي شاعري تي ڪيترائي مضمون ۽ مقالا لکي نون نڪتن کي نروار ڪيائون . سندن اهي لکڻيون ماهوار نئين زندگي ، مهراڻ ۽ ٻين ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيل آهن .
نصرپور ۾ امام السنڌ ۽ شيخ الحديث مولانا عبدالحق رباني صاحب ، مولانا عبدالرحمٰن قاضي صاحب ، نبض شناس حڪيم قاضي محمد بخش صاحب ۽ حڪيم ميان حاجي احمد صاحب جن جي چوياري مشهور هوندي هئي . انهن وٽ مدرسي ۾ فجر نماز بعد صبح جو باقاعدگيءَ سان درس ۽ تدريس جو سلسلو هلندو هو . شهر جي علم وارن ماڻهن کان علاوه پوري هنڌ سنڌ مان مهمان ٿي آيل عالم محدث ۽ فقيھ انهي مجلس ۾ شريڪ ٿيندا هئا . درس ڏيندا هئا ۽ مذاڪرا ڪندا هئا . سائين لونگ خان چوندو هو ته مون جيڪو علم انهن مجلسن ۽ ڪچهرين مان حاصل ڪيو . اهو پوري زندگي جي مطالعي مان مون کي حاصل نه ٿيو . پاڻ هڪ سٺي عالم جيترو علم رکندا هئا . سندن عقيدو پڪو ، روزي نماز جا پابند ۽ سراپا دين تي هلڻ وارا ديندار هئا .
مولود ۽ مدح جنهن ۾ گھڻي کان گھڻي نبي ڪريم ﷺ جن ولادت ، سندن تعريف ، شان ، مديني جي زيارت جي سڪ ۽ اڪير بيان ٿيل هوندي آهي .
شاعر انھيءَ شاعري ۾ صحابه ڪرام ، امامن ۽ اولياء الله جو پڻ شان بيان ڪندا آهن . سنڌي ادب جي ان صنف ۾ سائين لونگ خان تمام گھڻي دلچسپي رکندو ھو . کين تمام گھڻا مولود ۽ مدح شريف ياد هوندا هئا پاڻ انهن جي سر ، تار ، هيٺانهين ، مٿانهين ۽ جهيل وغيره جا ماهر ۽ وڏا پارکو هوندا هئا . مولودن جي محفلن ۾ باقاعدگيءَ سان شرڪت ڪندا ھئا . ان وقت مولودين ۾ مڱڻهارن ، جسڪاڻين ، سيدن ۽ منڱرين جون ٽوليون تمام گھڻيون مشهور هونديون هيون . جن جا پڙھيل مولود اڪثر ڪري ٻڌندا هئا .
کين ڪيڏارو تمام گھڻو پسند هوندو هو . جڏهن مولودي ڪيڏاري جا بيت پڙهندا هئا ته سائين جن روئي پوندا هئا . پاڻ هميشه انهي موضوع ڇڙڻ تي لطيف جو هي بيت پڙهندا هئا :

سختي شهادت جي نسوروئي ناز
رند پروڙين راز قضيي ڪربلا جو

يا وري

ڀڳو آئون نه چوان ، ماريو ته وسهان
ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا سيڪيندي سهان
ته پڻ لڄ مران جي هونس پٺ ۾

لکڻ پڙهڻ ۽ علم ادب سان ته سندن حد درجي جو چاھ ۽ شوق هوندو هو . پاڻ نثر توڙي نظم ٻنهي ۾ طبع آزمائي ڪيائون . تخليقڪار ڪهڙو به هجي ، ڪير به هجي ۽ ڪيئن به هجي پر هو ڀوڳنائن مان گذرندي پنهنجي تخليق کي تڪميل ڏيندو آهي . اهو تخليقڪار هڪ لوهار هجي ، واڍو هجي يا ڇو نه کڻي ليکڪ ۽ اديب هجي . هو تمام گھڻي لوڙ ۽ ولوڙ کان پوءِ ئي سهڻيون ۽ وڻندڙ تخليقون جوڙي ٿو . سائين لونگ خان ”عاجز “ به هڪ سٺو تخليقڪار ۽ سرجڻهار هو . پاڻ ٻه ناول لکيائون . انھن مان ھڪ ٫٫ نرالو نينھن ؛؛ سائين مرحوم خادم گھراڻي صاحب تمام بهترين انداز سان لکي سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي رکيو آهي جيڪو اتان پڙھي سگھجي ٿو . ان کانسواءِ ڪهاڻيون پڻ تمام سٺيون لکندا هئا . سندن ڪهاڻيون جديد سنڌي ڪهاڻي جي سفر ۾ وقت جي ڪاميابي ۽ منزل تائين پهچڻ واري پيچري جون سڃاڻپ آهن . انهن مان ڪافي تعداد ۾ ماهوار رسالي نئين زندگي ، مھراڻ ۽ ٻين ڪيترن ئي رسالن ۾ ڇپجي چڪيون آهن . سائين جن جي انهن ڪهاڻين جو شمار بهترين ڪهاڻين ۾ ٿئي ٿو . جيڪي سماجي براين ۽ پريم جي پنڌ ۾ پيش ايندڙ پيڙائن ۾ ڀوڳيندڙ ڪردارن جي درد جو درمان ۽ سنڌي ادب جون بهترين ڪهاڻيون ليکيون وڃن ٿيون . جي دليرانه ۽ بهترين انداز سان لکيل آهن . جن ۾ ” مون ۾ آهين تون“ ، ” مائي خيري “ ۽ ٻيون ڪيتريون ئي شاهڪار ڪهاڻيون شامل آهن . سنڌي ادب جي مهان ۽ ڏاھي اديب سائين محمد ابراهيم جوئي صاحب ، ڪھاڻيڪار سائين دائود بلوچ صاحب ۽ محمد حسين ڪاشف صاحب انھن جي مڃتا ۽ تعريف ۾ خط لکيا ۽ مبارڪون ڏنيون ھيون .
شاعري ۾ ته پنهنجو مٽ پاڻ هوندا هئا . تمام سٺي ۽ معياري شاعري ڪندا هئا . هن خوبصورت شاعري سرجيندڙ تقريباً شاعريءَ جي سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي . سائين جي شاعري ٻولي جي سادگي جي محور ۾ گردش ڪندي نظر اچي ٿي . سادگي جيڪا حقيقي حسن هوندي آهي ، جيڪا هر تخليق کي ڪمال درجي تائين پهچائيندڙ ۽ مڃتائون ڏياريندڙ هوندي آهي . سائين جي شاعري فطري حسن جي ترجمان شاعري آهي سائين پنهنجي شاعري ۾ وفا جي فقدان جو ذڪر ڪري ٿو . جو اڄ جي هن مادي پرست دور ۾ جڏهن هر انسان پنهنجي ڀڀ کي ڀرڻ لاءِ ٻين مفلسن ۽ بکين جي چپن تان ماني جا ڳڀا کسي رهيو آهي . جتي انساني قدر ، ريتون ، رسمون ڇا پر ماڻ ماپا به بدلجي ويا هجن . اتي سائين پنهنجي ڪنهن گھڻ گھري ۽ سڄڻ کي التجاءُ ٿو ڪري ته زمانو ڀلي بي وفا ٿي منهن مٽي وڃي پر تون منهنجي تڪليفن جي تخفيف ڪندڙ بڻجي رھج ، جيئن سائين مصري شاھ فرمائي ٿو تہ :

” ڏيھ ڏنگو ڇا ڪندو سڄڻ هون سنوان “

ائين سائين به فرمائي ٿو ته :

” بي قدر دنيا اندر ”عاجز“ نه اڄ آهي وفا
بي وفا ڀل ٿئي زمانو ، پر ٿي سدا غمخوار تون “

سائين جن جو جيئن مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون ته اڪثر ڪري سندن لاڙو دين طرف سرس ۽ سوايو هو . جو پنهنجي آقا نبي ڪريم ﷺ جن جي تعريف ڪندي بيان ڪن ٿا ته آئون ڇا سندن تعريف ۽ شان بيان ڪري سگھندس ، جنهن جو ثنا گر خود خدا تعالى هجي . سارو قرآن شريف سندن شان بيان ڪندو هجي ۽ هر آيت سندن واکاڻ کان خالي نه هجي .

مان ڪيان ڪهڙيون بيان صفتون سڄڻ سهڻي سنديون
شان جنهن جي ۾ لٿيون سڀ آيتون قرآن سنديون

ماڻهو جيڪي اڄ ڪلھ نفس جا پوڄاري بڻجي ظاهر پويان ڊڪن ٿا ۽ سمجھن ٿا ته هي دنيا صرف خوشين جو نالو آهي سدائين بهار لڳي پئي هوندي . انهن کي پنهنجي شعر ۾ تجزيي ۽ مشاهدي جي بنياد تي صلاح ڏي ٿو ته گلن سان گڏ ڪنڊا ۽ بهار کان پوءِ خزان اچڻي آهي . ان ڪري پنهنجا قدم سنڀالي کڻو متان ڪنهن لپيٽ ۾ اچي وڃو .
گل ڏسيو گل جيئن ٽڙين ، ڪر خيال گل جي خار جو
هي بهاري جون بهارون ڏينهن اٿئي ٻه چار جو
شڪاري شوق مان گل ڏسيو خوش ٿو ٿئين
پر سنڀالج تون ، نشانو ٿي نه پئين ڪنهن وار جو .

سائين جن جي انهن سڀني لکڻين کي جيڪڏهن هڪجاءِ ڪجي ته ٻه ٽي ڪتاب جڙي سگھن ٿا . هن ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي جي دور ۾ اهو ڪم پهچ کان مٿي آهي . پر جيڪڏهن ڪي ادارا يا وس وارا انهي سلسلي ۾ مدد ڪن ته انهي بي بها خزاني کي ڪتب لائق بڻائي ، ڪافي لاڀ حاصل ڪري سگھجي ٿو .
سائين لونگ خان ٫٫ عاجز ،، ڀاڻو ، هڪ فرد نه پر هڪ ادارو ۽ هڪ تاريخ هئا . سندن فلسفو ۽ منشور محبت هوندي هئي . نه رنگ نه نسل . ڇا اڇو ، ڇا جو ڪارو؟ نه ڪو مذهب ، نه فرقو صرف اخلاق ، ڪردار ۽ سچائي کي ڏسندا هئا . جيڪو هڪ دفعي سندن ويجھو آيو اهو هميشه سندن مريد بڻجي ويندو ھو .
هي عظيم هستي اهل علم ، سمجھ ۽ ڏاهپ وارو مڻيادار ماڻهو ۽ عظيم استاد 29 اپريل 2005ع ۾ اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو . جو هي ڪائنات جيڪا فنا جي مٺ ۾ بند آهي . هر ڪا شيء فنا ٿيڻي آهي بقا صرف ۽ فقط رب جي ذات کي آهي . موت اٽل حقيقت آهي . جنھن ڪئين گھوٽ گھائي ڇڏيا .
ملڪ ، قومون ۽ سماج پنهنجي عظيم انسانن سان سڃاتا ويندا آهن . اهي انسان جيسين زنده هوندا آهن ، تيسين پنهنجي ملڪ ، قوم ۽ سماج جا امين ۽ رکوالا هوندا آهن ۽ پنهنجي زندگي کان پوءِ قوم جي سڃاڻپ ۽ عظمت جو اهڃاڻ هوندا آهن . اهڙا ماڻهو روز روز ڪونه پيدا ٿيندا آهن ۽ جڏهن پيدا ٿيندا آهن ته پنهنجي طبعي زندگي کان پوءَ به صدين تائين ياد ڪيا ويندا آهن . اهڙيون شخصيتون موت کي مات ڏيئي هميشه ماڻهن جي دلين ۾ زنده رهيون آهن ۽ هميشه لاء رهنديون .
۔
۔
تحرير ۽ ڪاپي : سائين نم خان مھيسر صاحب جي وال تان

Address

Nasarpur
70040

Telephone

+923130137292

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Nasarpur's Society And Culture posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share