06/07/2026
======= نصرپور جو بهترين خطاط ۽ استاد =======
============= سائين سچيڏنو گهراڻو =============
سلسلو: نصرپور جا استاد
ڪڙي نمبر: 40
تحرير: اويس نصرپوري
سائين سچيڏنو ولد حاجي محمد سومار گهراڻو نصرپور جي انهن يادگار استادن مان هڪ هئا، جن پنهنجي علم، اخلاق ۽ خوبصورت لکت وسيلي ماڻهن جي دلين ۾ هميشه لاءِ جاءِ ٺاهي۔ پاڻ هڪ بهترين استاد هجڻ سان گڏ اعليٰ درجي جا خطاط پڻ هئا۔ سندن اکرن ۾ اهڙو حسن ۽ نفاست هوندي هئي، جو ڏسندڙ بي اختيار داد ڏيڻ تي مجبور ٿي ويندو هو۔ سندن لکت رڳو تحرير نه، پر فن جو شاهڪار محسوس ٿيندي هئي۔
پاڻ 18 آگسٽ 1964ع تي پرائمري استاد طور تعليم کاتي ۾ شامل ٿيا ۽ 50 سالن جي ڄمار ۾ 31 آگسٽ 1996ع تي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ميمڻ محلا نصرپور مان رٽائر ٿيا۔ رٽائرمينٽ جي حساب سان سندن جنم 31 آگسٽ 1946ع تي ٿيو۔ پنهنجي ڊگهي تدريسي سفر دوران پاڻ ٽنڊوالهيار، نصرپور ۽ ٻين ڪيترن ئي اسڪولن ۾ پنهنجا فرض نهايت ايمانداري ۽ محنت سان سرانجام ڏنا۔ آخري وقت ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول ميمڻ محلا نصرپور ۾ رهيا، جتان رٽائر ٿيا۔
سائين سچيڏنو گهراڻو پڙهائڻ ۾ نهايت محنتي هئا۔ شاگردن کي روزانو لکڻ جي مشق ڪرائيندا هئا ۽ خوبصورت لکت تي خاص ڌيان ڏيندا هئا۔ سندن ڪيترائي شاگرد اڄ به ٻڌائين ٿا ته سائين روز مشق ڪاپي ڏيندا هئا ۽ خوشخط لکڻ جي تربيت ڏيندا هئا، جنهن جو اثر سندن سڄي زندگي رهيو۔
سندن سٺي لکت ۽ تدريسي قابليت سبب ڪيترائي شاگرد اڄ به کين وڏي احترام سان ياد ڪن ٿا۔ ڪيترن شاگردن موجب پاڻ نه صرف بهترين استاد هئا، پر انتهائي نفيس، نرم مزاج ۽ شفيق انسان پڻ هئا، جيڪي شاگردن سان محبت ۽ صبر سان پيش ايندا هئا۔
سائين سچيڏنو گهراڻو رڳو استاد نه، پر استادن جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ واري شخصيت پڻ هئا۔ پاڻ پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن تعلقي ٽنڊوالهيار جا جنرل سيڪريٽري رهيا۔ سندن دور ۾ استادن جا ڪم بنا ڪنهن خرچ ۽ تڪليف جي گهر ويٺي ٿيندا هئا۔ ڪيترن ئي استادن جي اولاد کي ٽيچرس ڪوٽا تحت نوڪرين جا آرڊر ڏياريا۔ ڪيترائي استاد اڄ به سندن انهيءَ خلوص ۽ مدد کي وڏي محبت سان ياد ڪن ٿا۔
سندن شفقت ۽ ساٿ جو انداز اهو هو جو جنهن به استاد کي نوڪري ملندي هئي، پاڻ ذاتي دلچسپي وٺي سندس رهنمائي ڪندا هئا۔ مرحوم سائين محمد خان خادم گهراڻي ٻڌايو ته جڏهن کيس آرڊر مليو ته سائين سچيڏنو پاڻ کيس پوسٽنگ واري هنڌ درياءَ خان مري تائين وٺي ويا ۽ سروس بڪ به ٺهرائي ڏنائون۔ اها محبت ۽ ذميواري اڄ جي دور ۾ گهٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿي۔
پاڻ ڪجهه وقت هاءِ اسڪول خير محمد جروار ۾ ڊيپوٽيشن تي پڻ خدمتون سرانجام ڏنيون۔ اتي به ساٿي استادن سان سندن نهايت سٺو تعلق رهيو۔ سائين محمد خان خادم گهراڻي سان گڏجي به خدمتون سرانجام ڏنائون، جڏهن ته ڪيترن ماڻهن جون ٻالڪپڻ جون يادون به سندن گهر سان وابسته آهن، جتي پاڙي جا ٻار ٽي وي ڏسڻ ويندا هئا۔ سندن سڄو خاندان مهمان نواز ۽ محبت ڪندڙ طور سڃاتو ويندو هو۔
سندن شخصيت ۾ عاجزي، محبت، خدمت ۽ خلوص نمايان هئا، جنهن سبب استاد، شاگرد ۽ دوست سڀ کين وڏي عزت سان ڏسندا هئا۔
سائين سچيڏنو گهراڻي جي زندگيءَ جو سڀ کان ڏکوئيندڙ لمحو تڏهن آيو جڏهن سندن رٽائرمينٽ جي خوشيءَ ۾ پارٽي جي تياري هلي رهي هئي ۽ اوچتو خبر پئي ته سائين هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا آهن۔ سندن وفات 8 فيبروري 1998ع تي ٿي۔ اها گهڙي هر ڪنهن لاءِ انتهائي حيرت ۽ ڏک واري هئي۔ جيڪي اجرڪون سندن مانَ ۾ گهرايون ويون هيون، اهي سندن جسد خاڪي مٿان وڌيون ويون، ۽ جيڪي گلن جا هار تيار ڪيا ويا هئا، تن مان چادر ٺاهي سندن قبر تي چاڙهي وئي۔ اهو منظر اڄ به ماڻهن جي دلين ۾ تازي ياد وانگر محفوظ آهي۔
سائين سچيڏنو گهراڻو اڄ جسماني طور اسان ۾ موجود ناهن، پر سندن خوبصورت لکت، شاگردن سان محبت، استادن لاءِ خدمتون ۽ سادگي ڀري شخصيت هميشه ياد رهندي۔ سندن ڪيترائي شاگرد اڄ به وڏي محبت سان کين پنهنجو بهترين استاد سڏين ٿا ۽ سندن تربيت کي پنهنجي زندگيءَ جو قيمتي سرمايو سمجهن ٿا۔
الله پاڪ مرحوم سائين سچيڏنو گهراڻو کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي۔ آمين۔
(هئ ڄاڻ سائين محمد خان خادم گهراڻي جي لکيل مضمون ۽ مختلف شاگردن ۽ ساٿين جي يادگيرين مان ورتل آهي۔)