Awais Nasarpuri

Awais Nasarpuri اويس نصرپوري

======= نصرپور جو بهترين خطاط ۽ استاد ==================== سائين سچيڏنو گهراڻو =============سلسلو: نصرپور جا استادڪڙي نم...
06/07/2026

======= نصرپور جو بهترين خطاط ۽ استاد =======
============= سائين سچيڏنو گهراڻو =============

سلسلو: نصرپور جا استاد
ڪڙي نمبر: 40
تحرير: اويس نصرپوري

سائين سچيڏنو ولد حاجي محمد سومار گهراڻو نصرپور جي انهن يادگار استادن مان هڪ هئا، جن پنهنجي علم، اخلاق ۽ خوبصورت لکت وسيلي ماڻهن جي دلين ۾ هميشه لاءِ جاءِ ٺاهي۔ پاڻ هڪ بهترين استاد هجڻ سان گڏ اعليٰ درجي جا خطاط پڻ هئا۔ سندن اکرن ۾ اهڙو حسن ۽ نفاست هوندي هئي، جو ڏسندڙ بي اختيار داد ڏيڻ تي مجبور ٿي ويندو هو۔ سندن لکت رڳو تحرير نه، پر فن جو شاهڪار محسوس ٿيندي هئي۔

پاڻ 18 آگسٽ 1964ع تي پرائمري استاد طور تعليم کاتي ۾ شامل ٿيا ۽ 50 سالن جي ڄمار ۾ 31 آگسٽ 1996ع تي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ميمڻ محلا نصرپور مان رٽائر ٿيا۔ رٽائرمينٽ جي حساب سان سندن جنم 31 آگسٽ 1946ع تي ٿيو۔ پنهنجي ڊگهي تدريسي سفر دوران پاڻ ٽنڊوالهيار، نصرپور ۽ ٻين ڪيترن ئي اسڪولن ۾ پنهنجا فرض نهايت ايمانداري ۽ محنت سان سرانجام ڏنا۔ آخري وقت ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول ميمڻ محلا نصرپور ۾ رهيا، جتان رٽائر ٿيا۔

سائين سچيڏنو گهراڻو پڙهائڻ ۾ نهايت محنتي هئا۔ شاگردن کي روزانو لکڻ جي مشق ڪرائيندا هئا ۽ خوبصورت لکت تي خاص ڌيان ڏيندا هئا۔ سندن ڪيترائي شاگرد اڄ به ٻڌائين ٿا ته سائين روز مشق ڪاپي ڏيندا هئا ۽ خوشخط لکڻ جي تربيت ڏيندا هئا، جنهن جو اثر سندن سڄي زندگي رهيو۔

سندن سٺي لکت ۽ تدريسي قابليت سبب ڪيترائي شاگرد اڄ به کين وڏي احترام سان ياد ڪن ٿا۔ ڪيترن شاگردن موجب پاڻ نه صرف بهترين استاد هئا، پر انتهائي نفيس، نرم مزاج ۽ شفيق انسان پڻ هئا، جيڪي شاگردن سان محبت ۽ صبر سان پيش ايندا هئا۔

سائين سچيڏنو گهراڻو رڳو استاد نه، پر استادن جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ واري شخصيت پڻ هئا۔ پاڻ پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن تعلقي ٽنڊوالهيار جا جنرل سيڪريٽري رهيا۔ سندن دور ۾ استادن جا ڪم بنا ڪنهن خرچ ۽ تڪليف جي گهر ويٺي ٿيندا هئا۔ ڪيترن ئي استادن جي اولاد کي ٽيچرس ڪوٽا تحت نوڪرين جا آرڊر ڏياريا۔ ڪيترائي استاد اڄ به سندن انهيءَ خلوص ۽ مدد کي وڏي محبت سان ياد ڪن ٿا۔

سندن شفقت ۽ ساٿ جو انداز اهو هو جو جنهن به استاد کي نوڪري ملندي هئي، پاڻ ذاتي دلچسپي وٺي سندس رهنمائي ڪندا هئا۔ مرحوم سائين محمد خان خادم گهراڻي ٻڌايو ته جڏهن کيس آرڊر مليو ته سائين سچيڏنو پاڻ کيس پوسٽنگ واري هنڌ درياءَ خان مري تائين وٺي ويا ۽ سروس بڪ به ٺهرائي ڏنائون۔ اها محبت ۽ ذميواري اڄ جي دور ۾ گهٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿي۔

پاڻ ڪجهه وقت هاءِ اسڪول خير محمد جروار ۾ ڊيپوٽيشن تي پڻ خدمتون سرانجام ڏنيون۔ اتي به ساٿي استادن سان سندن نهايت سٺو تعلق رهيو۔ سائين محمد خان خادم گهراڻي سان گڏجي به خدمتون سرانجام ڏنائون، جڏهن ته ڪيترن ماڻهن جون ٻالڪپڻ جون يادون به سندن گهر سان وابسته آهن، جتي پاڙي جا ٻار ٽي وي ڏسڻ ويندا هئا۔ سندن سڄو خاندان مهمان نواز ۽ محبت ڪندڙ طور سڃاتو ويندو هو۔

سندن شخصيت ۾ عاجزي، محبت، خدمت ۽ خلوص نمايان هئا، جنهن سبب استاد، شاگرد ۽ دوست سڀ کين وڏي عزت سان ڏسندا هئا۔

سائين سچيڏنو گهراڻي جي زندگيءَ جو سڀ کان ڏکوئيندڙ لمحو تڏهن آيو جڏهن سندن رٽائرمينٽ جي خوشيءَ ۾ پارٽي جي تياري هلي رهي هئي ۽ اوچتو خبر پئي ته سائين هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا آهن۔ سندن وفات 8 فيبروري 1998ع تي ٿي۔ اها گهڙي هر ڪنهن لاءِ انتهائي حيرت ۽ ڏک واري هئي۔ جيڪي اجرڪون سندن مانَ ۾ گهرايون ويون هيون، اهي سندن جسد خاڪي مٿان وڌيون ويون، ۽ جيڪي گلن جا هار تيار ڪيا ويا هئا، تن مان چادر ٺاهي سندن قبر تي چاڙهي وئي۔ اهو منظر اڄ به ماڻهن جي دلين ۾ تازي ياد وانگر محفوظ آهي۔

سائين سچيڏنو گهراڻو اڄ جسماني طور اسان ۾ موجود ناهن، پر سندن خوبصورت لکت، شاگردن سان محبت، استادن لاءِ خدمتون ۽ سادگي ڀري شخصيت هميشه ياد رهندي۔ سندن ڪيترائي شاگرد اڄ به وڏي محبت سان کين پنهنجو بهترين استاد سڏين ٿا ۽ سندن تربيت کي پنهنجي زندگيءَ جو قيمتي سرمايو سمجهن ٿا۔

الله پاڪ مرحوم سائين سچيڏنو گهراڻو کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي۔ آمين۔

(هئ ڄاڻ سائين محمد خان خادم گهراڻي جي لکيل مضمون ۽ مختلف شاگردن ۽ ساٿين جي يادگيرين مان ورتل آهي۔)

== نصرپور جو فڪر رکندڙ ليکڪ ۽ فلسفي جو استاد ==       =========مير راشد دائودپوٽو =========سلسلو: نصرپور جا استادڪڙي نمب...
06/07/2026

== نصرپور جو فڪر رکندڙ ليکڪ ۽ فلسفي جو استاد ==
=========مير راشد دائودپوٽو =========

سلسلو: نصرپور جا استاد
ڪڙي نمبر: 39
تحرير: اويس نصرپوري

سائين مير راشد دائودپوٽو نصرپور جي انهن شخصيتن مان آهن جن پنهنجي فڪر، مطالعي ۽ جفاڪشي وسيلي علمي ۽ سياسي دنيا ۾ الڳ سڃاڻپ قائم ڪئي۔ پاڻ خاموش طبع، ٿڌي مزاج ۽ انتهائي محنتي انسان آهن۔

سندن اصل نالو راشد علي ولد بنده علي دائودپوٽو آهي، پر ادبي ۽ علمي دنيا ۾ راشد دائودپوٽو جي نالي سان مشهور آهن۔ سندن جنم 28 فيبروري 1978ع تي نصرپور ۾ ٿيو۔

پاڻ ابتدائي تعليم ميمڻ محلا اسڪول نصرپور مان حاصل ڪئي، جڏهن ته مئٽرڪ هاءِ اسڪول نصرپور مان ۽ انٽرميڊيئيٽ ماڊل اسڪول حيدرآباد مان ڪيائون۔ سندن پنهنجي چوڻ موجب ڪاليج تائين پاڻ هڪ ڪمزور شاگرد طور رهيا، پر مسلسل محنت ۽ مطالعي کين اڳتي هلي فلسفي، تاريخ ۽ سماجي فڪر جي دنيا ۾ نمايان مقام ڏياريو۔

راشد دائودپوٽو سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان فلسفي ۾ ماسٽر ڊگري حاصل ڪئي۔ 2009ع ۾ يورپ جي ملڪ هالينڊ ۾ نيدرلينڊر فيلوشپ پروگرام تحت يونيورسٽي آف ويخنن مان گڏيل رٿابندي، نگراني، جانچ ۽ ڇيد ڪرڻ جي تربيت ورتائون۔ ان کانپوءِ 2011ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ڏورانهين سکيا پروگرام تحت رورل ڊويلپمينٽ ۾ ماسٽر آف سائنس جي ڊگري حاصل ڪيائون ۽ ساڳئي سال ايل ايل بي جو امتحان پڻ پاس ڪيائون۔

پاڻ شاگرديءَ واري زماني کان سياسي شعور سان وابسته رهيا آهن۔ 1988ع ۾ سجاڳ ٻار تحريڪ جي تربيتي ڪلاسن ۾ شرڪت سان سندن سياسي سفر جي شروعات ٿي۔ بعد ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ ۾ ضلعي صدر، سنڌ يونيورسٽي يونٽ جي صدر ۽ پوءِ مرڪزي جنرل سيڪريٽري طور ذميواريون نڀايائون۔ يونيورسٽي دور ۾ تعليمي ادارن مان دهشتگردي ختم ڪرائڻ واري جدوجهد ۾ پڻ سرگرم رهيا ۽ ان جدوجهد دوران ٻه ڀيرا جيل به ويا۔

سندن سياسي ۽ فڪري سڃاڻپ عوامي تحريڪ سان جڙيل رهي آهي، جڏهن ته محترم رسول بخش پليجو سندن پسنديده سياسي رهنما رهيا آهن۔ پاڻ پليجي صاحب جي فڪر کان گهڻو متاثر رهيا ۽ سدائين کين پنهنجي اهم رهنما طور ياد ڪندا رهيا آهن۔ سندن همعصر دوست به ٻڌائين ٿا ته سجاڳ ٻار تحريڪ جي ڏينهن کان ئي راشد دائودپوٽو فڪري تربيت ۽ سياسي شعور سان جڙيل رهيو، ۽ ان دور ۾ سائين محمد خان خادم جي تربيت سندن فڪري اوسر ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو۔

ادبي دنيا ۾ راشد دائودپوٽو 1995ع ڌاري قدم رکيو۔ شروعات روزاني “خادم وطن” اخبار ۾ لکڻ سان ڪيائون۔ فلسفي، تاريخ، تهذيبن، مارڪسي فڪر ۽ عالمي صورتحال سندن خاص مطالعي جا موضوع رهيا آهن۔ سندن ڇپيل ڪتاب “يوناني فلسفي جي تاريخ” سنڌي علمي دنيا ۾ خاص اهميت رکي ٿو، جيتوڻيڪ ڇپائي دوران غلطي سبب ڪتاب جو عنوان “فلسفي جي اهميت ۽ افاديت” لکجي ويو۔ ان کانسواءِ پاڻ مشهور ڪتاب “Story of Philosophy” جي سنڌي ترجمي “فلسفي جي ڪهاڻي” جي ايڊيٽنگ پڻ ڪئي آهي، جڏهن ته هندستاني فلسفي تي سندن تحقيقاتي ڪم جاري رهيو آهي۔

سندن مضمون، ترجما ۽ فڪري ليک سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ رسالن جهڙوڪ عوامي آواز، سوڀ، عبرت، تحريڪ ۽ ڪاپڙي وغيره ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن۔ پاڻ ٻڌائين ٿا ته اسماعيل خاصخيلي، حسين جروار، مير پرويز، وشنو مل، مير مظفر ٽالپر، نويد سنڌيلو، جامي چانڊيو ۽ خاص طور رسول بخش پليجو کين لکڻ ۽ فڪر جي دنيا ۾ همٿايو۔ فڪري حلقن ۾ سندن ڪتاب "يوناني فلسفي جي تاريخ" کي خاص مڃتا ملي، ۽ ڪيترن دوستن جي راءِ آهي ته فلسفي جهڙي ڏکئي موضوع تي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکڻ سندن اهم علمي خدمت آهي۔

راشد دائودپوٽو مختلف سماجي ۽ ترقياتي ادارن سان پڻ لاڳاپيل رهيا آهن۔ پاڻ پتڻ ترقياتي تنظيم، عورتن جي ترقياتي ادارن، ليڊ پاڪستان، ماروي ڳوٺاڻي ترقياتي تنظيم، نيشنل ڪميشن فار هيومن ڊويلپمينٽ ۽ ٻين ادارن ۾ اهم ذميواريون نڀائيندا رهيا آهن۔ تعليم، تربيت، سماجي شعور ۽ فڪري آگاهيءَ جي حوالي سان سندن خدمتون نمايان حيثيت رکن ٿيون۔

راشد دائودپوٽو انهن ماڻهن مان آهن، جيڪي خاموشيءَ سان علم، فڪر ۽ سماجي شعور جي سفر ۾ اڳتي وڌندا رهن ٿا۔ سندن شخصيت نصرپور جي علمي ۽ فڪري سڃاڻپ جو اهم حوالو آهي۔ سندن دوستن جو چوڻ آهي ته راشد دائودپوٽو ۽ سندن ڀائر، خاص ڪري مير ذوالفقار علي دائودپوٽو ۽ مير پرويز دائودپوٽو، نصرپور جو علمي ۽ سماجي سرمايو آهن۔ ڪيترن علم دوستن اها به اميد ظاهر ڪئي آهي ته سائين راشد مستقبل ۾ "سنڌي فلسفو" جهڙي موضوع تي به تحقيق ڪري سنڌي علمي دنيا کي وڌيڪ شاهڪار ڪتاب ڏيندا۔

الله پاڪ سائين مير راشد دائودپوٽو کي وڏي عمر، سٺي صحت ۽ وڌيڪ علمي توفيق عطا فرمائي ته جيئن هو پنهنجي قلم وسيلي ايندڙ نسلن جي رهنمائي ڪندا رهن۔ آمين۔

(هي ڄاڻ سائين محمد خان خادم گهراڻي جي مضمون مان ورتل آهي)

=====نصرپور جو شاعر، اديب، استاد ۽ ناول نگار===========حاجي سعدالله “سپاهي” ابڙو====سلسلو: نصرپور جا استادڪڙي نمبر: 38تح...
06/07/2026

=====نصرپور جو شاعر، اديب، استاد ۽ ناول نگار======
=====حاجي سعدالله “سپاهي” ابڙو====

سلسلو: نصرپور جا استاد
ڪڙي نمبر: 38
تحرير: اويس نصرپوري

نصرپور سنڌ جو اهو تاريخي شهر آهي، جنهن جي مٽيءَ مان هر دور ۾ عالم، اديب، شاعر، مفڪر ۽ علم دوست شخصيتون جنم وٺنديون رهيون آهن۔ انهن ئي روشن نالن مان هڪ اهم نالو حاجي سعدالله “سپاهي” ابڙو جو پڻ آهي، جنهن تعليم، ادب، شاعري ۽ سماجي شعور جي ميدان ۾ پنهنجو الڳ مقام ٺاهيو۔

سندن اصل نالو شادي خان ابڙو هو جڏهن ته ادبي دنيا ۾ پاڻ “حاجي سعدالله سپاهي” جي نالي سان مشهور ٿيا۔ پاڻ 07 جنوري 1925ع تي ابڙا پاڙي نصرپور ۾ جنم ورتو۔ سندن والد جو نالو گل محمد ابڙو هو۔ پاڻ بنيادي طور هڪ پرائمري استاد هئا، پر ساڳئي وقت اعليٰ پايي جا شاعر، نثرنگار، ناول نگار ۽ علم دوست انسان پڻ هئا۔

پاڻ سنڌي فائنل جو امتحان 1937ع ۾ پاس ڪيو ۽ 1943ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيا۔ اهو دور اهڙو هو، جڏهن سنڌي ورنيڪيولر پاس ڪندڙ شاگردن کي استاد ۽ تپيدار جهڙيون اهم ذميواريون سونپيون وينديون هيون۔ پاڻ ٽريننگ اسڪول ميرپورخاص ۽ سانگهڙ ۾ پڻ خدمتون سرانجام ڏنيون۔ مين سنڌي اسڪول نصرپور ۾ وڏي عرصي تائين پڙهايو ۽ ڪيترن سالن تائين هيڊ ماستر پڻ رهيا۔

سندن پڙهائڻ جو انداز نهايت اثرائتو هوندو هو۔ پاڻ گهڻو ڪري پنجين ڪلاس کي پڙهائيندا هئا، جيڪو ان دور ۾ نهايت اهم ۽ ڏکيو درجو سمجھيو ويندو هو۔ سندن شاگردن مان ڪيترائي اڳتي هلي وڏن عهدن ۽ اهم شعبن تائين پهتا۔ ڪيترائي شاگرد اڄ به وڏي محبت سان سندن ذڪر ڪندا آهن۔ هڪ شاگرد لکي ٿو ته کيس پنجون درجو سائين پاڻ پڙهايو، ۽ سائين کيس هميشه پنهنجي اولاد وانگر ڀائيندا هئا۔ شاهي بازار ۾ جڏهن به سندن دڪان تي ويندو هو ته وڏي شفقت سان پيش ايندا هئا ۽ اڪثر چوندا هئا ته "پٽ، گهران خليل کي وٺي اچ." اهڙيون ننڍڙيون يادون ئي ڪنهن استاد جي وڏي شخصيت جو پتو ڏينديون آهن۔ 1985ع ۾ پاڻ تعليم کاتي مان رٽائر ٿيا۔

مذهبي حوالي سان پاڻ نهايت پختا عقيدي وارا، ديوبندي مڪتبه فڪر سان لاڳاپيل ۽ دين دوست انسان هئا۔ فجر نماز کان پوءِ قرآن پاڪ جي تلاوت ۽ ترجمي سان پڙهڻ سندن روزاني معمول هوندو هو۔ ڪيترن ئي شاگردن ناظره قرآن پاڪ پڻ سندن هٿان پڙهيو۔

ادب سان سندن وابستگي تمام گهري هئي۔ پاڻ 1941ع کان شاعري جي شروعات ڪئي ۽ پنهنجي شاعريءَ جي اصلاح مشهور شاعر علي محمد عاجز کان ورتائون۔ سندن شاعريءَ ۾ محبت، اخلاق، قومي احساس، روحانيت ۽ علم جي روشني نمايان نظر اچي ٿي۔ نظم ۽ نثر ٻنهي ۾ پاڻ وڏي پيماني تي لکيائون۔

سندن ادبي ڪاوشن ۾ “گل بهار عرف ٻه معصوم مکڙيون” نالي ناول خاص شهرت ماڻي، جيڪو 1961ع ۾ لکيو ويو۔ ان کانسواءِ “عروس القرآن” جي نالي سان سورة الرحمان جو ترجمو، “ٽيپو سلطان”، “ريفرينڊم” ۽ ٻيا ڪيترائي علمي ۽ ادبي ڪتاب پڻ سندن قلم مان نڪتا۔ سندن لکيل مضمونن ۾ تاريخي ۽ علمي معلومات جو وڏو خزانو موجود هوندو هو، جن ۾ “نصرپور جو پهريون فوجي عملدار”، “هوش محمد شيدي”، “ملڪه سلطانه فخرالنساء زينب” ۽ “وتايو فقير” جهڙا موضوع شامل آهن۔

شاهي بازار نصرپور ۾ سندن هڪ ننڍڙو دڪان به هوندو هو، جيڪو ادبي ڪچهريءَ جو مرڪز بڻيل رهندو هو۔ ڪيترائي نوجوان شاعر ۽ اديب اتي اچي پنهنجي شاعري ۽ لکڻين جي اصلاح ڪرائيندا هئا۔ مشهور شاعر سليم گل ابڙو پڻ تعليم ۽ شاعري ٻنهي حوالن سان سندن شاگرد رهيو۔ ان دور ۾ سندن دڪان ڪتابن لاءِ به مشهور هو، جتان ڪيترائي شاگرد ۽ نوجوان سنڌي ۽ اردو ڪهاڻين جون چوپڙيون وٺندا هئا، جنهن ڪري سندن دڪان رڳو واپار جو هنڌ نه، پر علم ۽ ادب جي هڪ خوبصورت محفل بڻيل رهندو هو۔

پاڻ سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ به باقائدگي سان شرڪت ڪندا هئا ۽ پنهنجي فرزند مرحوم خليل خرم سان گڏ ادبي ماحول کي جيئرو رکندا هئا۔ سندن ٻيو فرزند امان الله ابڙو پڻ شاعريءَ جي دنيا ۾ سڃاتل نالو آهي۔

سندن لکيل حمد “تنهنجو حمد ڪريون ٿا خدايا” ڪيترن ئي سالن تائين پرائمري اسڪول نصرپور جي اسيمبليءَ ۾ پڙهيو ويندو رهيو۔ ان حمد ۾ دين، علم، وطن ۽ سنڌ سان محبت جو خوبصورت اظهار ملي ٿو۔

پاڻ نهايت محبت ڪندڙ، نرم دل ۽ علم دوست انسان هئا۔ جيڪو به سندن ويجهو ايندو هو، ڪجھ نه ڪجھ علمي يا اخلاقي سرمايو حاصل ڪري ويندو هو۔ سندن ڪيترن ئي شاگردن اڳتي هلي اعليٰ عهدن تي پهچي ملڪ جي مختلف حصن ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون۔ هڪ شاگرد، جيڪو بعد ۾ 21هين گريڊ ۾ ڊين ۽ پروفيسر بڻيو، وڏي احترام سان لکي ٿو ته جيڪڏهن هو اڄ انهيءَ مقام تي پهتو آهي ته ان ۾ سائين سعدالله سپاهي جهڙن استادن جي محبت، محنت ۽ بهترين تربيت جو وڏو حصو شامل آهي۔

04 جون 1997ع تي هي علمي، ادبي ۽ تعليمي شخصيت هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي، پر سندن علمي پورهيو، شاعري ۽ يادون اڄ به زنده آهن۔

الله پاڪ حاجي سعدالله “سپاهي” ابڙو صاحب کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ سندن علم ۽ نيڪين جو اجر جاري رکي۔ آمين۔

(هي ڄاڻ سائين محمد خان خادم ۽ سائين برڪت علي ڪريمي ابڙو جي لکيل مضمونن مان ورتل آهي)

=== نصرپور جو علم دوست استاد ۽ مولود جو شاعر ========== سائين گل حسن دائودپوٽو =======سلسلو: نصرپور جا استادتحرير : محمد...
13/05/2026

=== نصرپور جو علم دوست استاد ۽ مولود جو شاعر ===
======= سائين گل حسن دائودپوٽو =======

سلسلو: نصرپور جا استاد
تحرير : محمد اويس
ڪڙي نمبر: 37

ڪي استاد اهڙا به ٿيندا آهن، جيڪي رڳو ڪتابي علم ئي نه پر پنهنجو اخلاق، پنهنجو انداز ۽ پنهنجي محنت به شاگردن جي دلين ۾ ڇڏي ويندا آهن۔ سائين گل حسن دائودپوٽو به اهڙن ئي استادن مان هئا، جن کي اڄ به سندن شاگرد وڏي محبت ۽ احترام سان ياد ڪن ٿا۔ پاڻ علم ورهائڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئا، ۽ جيڪو به شاگرد سندن هٿان پڙهيو، اهو اڄ به سندن پڙهائڻ واري انداز کي وساري نٿو سگهي۔

سائين گل حسن ولد عبدالرحمان دائودپوٽو، جن جو تعلق نصرپور سان هو، نصرپور جي انهن استادن مان هڪ هئا، جن پنهنجي سڄي زندگي تعليم جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي۔ پاڻ نهايت سادا، محنتي ۽ علم سان محبت ڪندڙ سچا ماڻهو هئا۔ سندن وفات جنوري 1991ع ۾ ٿي، ۽ اڄ به سندن ياد سندن شاگردن، دوستن ۽ خاندان جي دلين ۾ زنده آهي۔

سندن شاگرد اڄ به چون ٿا ته سائين گرامر ۽ رياضي سيکارڻ جا وڏا ماهر هئا۔ رياضي ته اهڙي انداز سان پڙهائيندا هئا، جو هڪ دفعو ڪو حساب سمجهي وٺبو هو ته پوءِ ان کي وسارڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿيندو هو۔ ڪيترائي استاد به پنجين درجي جي رياضي ۽ انگريزيءَ جا ڪجهه حصا پاڻ وٽان سکندا هئا، جيڪا سندن علمي قابليت جو وڏو ثبوت آهي۔

سندن پڙهائڻ ۾ نه رڳو علم هوندو هو، پر شفقت، محنت ۽ سمجهائڻ جو اهڙو انداز هوندو هو، جيڪو شاگردن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺندو هو۔ البت ان دور جي ٻين ڪيترن استادن وانگر پاڻ سخت مزاج به هئا، ۽ طبعي سزا ان دور جي تعليمي ماحول جو عام حصو سمجهي ويندي هئي۔ ان زماني ۾ اها چوڻي به مشهور هئي ته: “استاد جي مار، ٻار لاءِ سنوار.” ڪيترائي شاگرد سندن سختي کان ڊڄندا هئا، پر ساڳي وقت سندن علم، محنت ۽ پڙهائڻ جي قابليت جا دل سان معترف به هئا۔

سائين جن مين سنڌي اسڪول نصرپور ۽ ميمڻ محلا پرائمري اسڪول ۾ هيڊ ماستر طور به خدمتون سرانجام ڏنيون۔ جتي به رهيا، اتي پنهنجي ايمانداري، نظم و ضبط ۽ تعليم سان محبت سبب سڃاتا ويا۔ پاڻ انهن استادن مان هئا، جيڪي صرف حاضري پوري ڪرڻ لاءِ اسڪول نه ايندا هئا، پر سچي دل سان ٻارن جي مستقبل ٺاهڻ لاءِ محنت ڪندا هئا۔ شاگردن ۽ ساٿين جي چوڻ موجب پاڻ هڪ بهترين منتظم پڻ هئا، ۽ استادن سان علمي بحث مباحثا سندن معمول جو حصو هوندا هئا۔

سائين گل حسن جي شخصيت جو هڪ ٻيو خوبصورت پاسو سندن ادبي ۽ روحاني لاڙو به هو۔ پاڻ هڪ بهترين مولودي هئا۔ مولود، جيڪا سنڌي شاعريءَ جي اهم صنف آهي ۽ جنهن جو بنياد حضرت شاهه عنات رضوي نصرپوري وڌو، تنهن سان سائين جن کي خاص محبت هئي۔ پاڻ نه صرف مولود پڙهندا هئا، پر مولود لکندا به هئا۔ سندن لکيل مولود اڄ محفوظ آهن يا نه، ان جي پڪ ته ناهي، پر جيڪي ماڻهو سندن ويجهو رهيا آهن، سي ٻڌائين ٿا ته سندن ڪلام ۾ سادگي، عقيدت ۽ دل جي سچائي نمايان هوندي هئي۔

گهر وارن جي چوڻ موجب سندن گهڻو وقت گهر ۾ مولود جهونگاريندي گذرندو هو، خاص ڪري برسات جي موسم ۾ جڏهن مينهن وسندو هو ته پاڻ پنهنجي مخصوص ڪيفيت ۾ اچي ويندا هئا، ۽ گهر سميت پاڙي وارا به سندن مولود مان لطف اندوز ٿيندا هئا۔ سندن ڪوشش هئي ته مولود جي اها خوبصورت روايت پنهنجي اولاد ۾ به منتقل ٿئي۔

مولود جي فن سان سندن خانداني نسبت به تمام گهري هئي۔ سندن والد مرحوم عبدالرحمان دائودپوٽو پڻ پنهنجي دور جا وڏا مولودي سڃاتا ويندا هئا، ۽ خاندان ۾ مولود هڪ اهم سڃاڻپ رهيو۔ ڪيترن بزرگن جو چوڻ آهي ته نصرپور ۾ مولود جي هن فن ۾ سندن خاندان جو وڏو نالو رهيو آهي۔

پاڻ پنهنجي والد محترم وانگر کيس جا بهترين ڪاريگر پڻ هئا۔ اهو دور اهڙو هو، جڏهن ماڻهو علم سان گڏ هنر کي به عزت ڏيندا هئا، ۽ سائين گل حسن انهن ماڻهن مان هئا، جن محنت کي پنهنجي زندگيءَ جو حصو بڻايو۔

سندن اولاد به سندن تربيت جو زنده مثال آهي۔ جيڪي ماڻهو سندن گهرڀاتين ۽ اولاد کي ڄاڻن ٿا، سي ان ڳالهه جي شاهدي ڏين ٿا ته سندن اندر نيازمندي، اخلاق، علم سان محبت ۽ ماڻهن سان سهڻو ورتاءُ چٽيءَ طرح نظر اچي ٿو، جيڪو سائين گل حسن جي اعليٰ تربيت جو عڪس آهي۔

سچ ته اهو آهي ته جيڪو استاد پنهنجي پيشي سان سچو هوندو آهي، اهو جسماني طور وڃڻ کان پوءِ به زنده رهندو آهي۔ سائين گل حسن اڄ اسان ۾ موجود ناهن، پر سندن شاگردن جي يادگيرين ۾ اڄ به زنده آهن۔ سندن پڙهايل سبق، سندن شفقت ڀريو انداز ۽ سندن محنت اڄ به ماڻهن جي دلين ۾ محفوظ آهي۔

اهي شاگرد خوش نصيب هوندا آهن، جن کي سائين گل حسن جهڙا استاد ملندا آهن۔ سائين گل حسن جي نالي سان احترام پاڻمرادو جڙيل آهي۔

سائين لاء دل سان اها دعا آهي ته:
الله پاڪ سائين گل حسن دائودپوٽو کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي، ۽ سندن علم ۽ نيڪين جو اجر جاري رکي۔ آمين

هئ ڄاڻ سائين محمد خان خادم گهراڻي جي تحرير مان ورتل آهي

==== نصرپور جو علم دوست، محنتي ۽ ڏاهو استاد =========== سائين ماجد الرحمان دائودپوٽو=======  ڪڙي نمبر 36زندگيءَ ۾ ڪي ماڻ...
07/05/2026

==== نصرپور جو علم دوست، محنتي ۽ ڏاهو استاد ====
======= سائين ماجد الرحمان دائودپوٽو=======

ڪڙي نمبر 36

زندگيءَ ۾ ڪي ماڻهو اهڙا هوندا آهن، جن جو سفر سڌو سادو نه هوندو آهي، پر انهن جي هر موڙ ۾ جدوجهد، سکڻ جو جذبو ۽ اڳتي وڌڻ جي لڳاتار ڪوشش شامل هوندي آهي۔ سائين ماجد الرحمان به اهڙي ئي شخصيت جا مالڪ آهن۔هڪ سنجيده، محنتي ۽ علم سان سچي محبت رکندڙ استاد، جيڪو نه صرف پاڻ سکڻ ۾ يقين رکي ٿو پر ٻين کي به سکڻ لاءِ همٿائيندو رهي ٿو۔

سائين ماجد الرحمان جو جنم نصرپور جي عظيم استاد سائين خليل الرحمان دائودپوٽي جي گهر ۾ جو 10 مارچ 1986ع تي نصرپور ۾ ٿيو۔ پاڻ پنهنجي ابتدائي تعليم او سي ميمڻ محلہ مسجد اسڪول نصرپور مان حاصل ڪئي، جڏهن ته مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول نصرپور مان پاس ڪيائون۔ انٽرميڊيئيٽ لاءِ پاڻ اڏيرو لال اسٽيشن ڪاليج ويا۔ وڌيڪ تعليم لاءِ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ انگريزي ۾ داخلا ورتائون، پر زندگيءَ جي ڪجهه ڏکيائن خاص ڪري ٿائيرائيڊ گلينڊ جي بيماري سبب ڊگري مڪمل نه ڪري سگهيا ۽ يونيورسٽي ڇڏڻي پئي۔

پر هتي سندن همت نه ٽٽي۔ پاڻ ٻيهر اُٿي بيٺا ۽ بي اي ۽ ايم اي (سنڌي) پرائيويٽ اميدوار طور مڪمل ڪيائون۔ ان سان گڏ بي ايڊ ۽ ايم ايڊ به فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪري پنهنجي علمي ۽ پيشورانه قابليت کي وڌيڪ مضبوط بڻايائون۔

سندن پيشورانه سفر 2014ع ۾ شروع ٿيو، جڏهن پاڻ اين ٽي ايس ذريعي JST مقرر ٿيا۔ شروعاتي سالن ۾ پاڻ اسرا اسڪول ۽ بلو برڊس ڪوچنگ اڪيڊمي ۾ به پڙهايو، جتي سندن پڙهائڻ جو انداز وڌيڪ نکارجي سامهون آيو۔ پوءِ 2014ع کان 2024ع تائين بوائز هاءِ اسڪول نصرپور ۾ خدمتون سرانجام ڏيندا رهيا۔ ان دوران شاگردن سان سندن ويجهڙائپ، سمجهائڻ جو آسان انداز ۽ علمي ماحول پيدا ڪرڻ جي صلاحيت کين هڪ الڳ سڃاڻپ ڏني۔

2024ع ۾ SPSC جو امتحان پاس ڪري سبجيڪٽ اسپيشلسٽ (سنڌي) طور مقرر ٿيا، جيڪا سندن مسلسل محنت، صبر ۽ جدوجهد جو وڏو ثمر آهي۔ سندن اها نمايان ڪاميابي نوجوانن لاءِ هڪ واضح مثال آهي ته مستقل مزاجي، مقصد سان سچائي ۽ اورچائي آخرڪار ڪاميابي تائين ضرور وٺي وڃي ٿي۔ هن وقت پاڻ هائير سيڪنڊري اسڪول بهار خان ميرجت ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن۔

سندن زندگيءَ جو هڪ اهم پاسو مقابلي جا امتحان به آهن۔ پاڻ CSS جا ٻه اٽيمپٽ ڏنا۔پهريون جنرل ناليج ۾ ۽ ٻيو اسلاميات ۾ رڳو ڪجهه مارڪن جي فرق سان رهجي ويا، جڏهن ته ٽيون اٽيمپٽ ڪنهن سبب ڪري نه ڏئي سگهيا۔ اهڙي طرح PCS جا ٻه اٽيمپٽ به ڏنا، جتي پهريون اٽيمپٽ سنڌي مضمون نگاري ۾ صرف هڪ مارڪ تان رهجي ويا، جڏهن ته ٻيو پاس ڪرڻ باوجود ايلوڪيشن نه ٿي سگهي۔ اهي سڀ مرحلا سندن همت، مستقل مزاجي ۽ جدوجهد جا زنده مثال آهن، جيڪي خاص طور نوجوانن لاءِ وڏي اتساهه جو سبب بڻجن ٿا۔

سائين ماجد الرحمان جي شخصيت جو ٻيو اهم پاسو سندن علمي ۽ ادبي شوق آهي۔ پاڻ روسي ادب جا ڪيترائي ناول پڙهي چڪا آهن ۽ انگريزي ادب ۾ خاص ڪري ڪافڪا جون ڪهاڻيون کين گهڻو پسند آهن۔ شاعريءَ جي ڀيٽ ۾ نثر سان وڌيڪ لڳاءُ رکن ٿا، پر پوءِ به شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ شيخ اياز کي پڙهڻ سندن معمول جو حصو آهي۔ پاڻ سوشل ميڊيا تي لکندا رهندا آهن ۽ ادبي دنيا ۾ به پنهنجا قدم مضبوط ڪري رهيا آهن، جتي سندن لکيل مضمون ۽ ڪهاڻيون سٺي موٽ حاصل ڪري رهيون آهن۔

سندن طبيعت ۾ سادگي، مرڪندڙ چهرو ۽ فقيري مزاج نمايان آهي۔ پاڻ فزڪس، انگريزي ۽ رياضي جهڙن مضمونن تي به سٺي دسترس رکن ٿا ۽ شاگردن کي سمجهائڻ جو سندن انداز خاص ڪري تعليمي دورن دوران تمام دلچسپ ۽ اثرائتو هوندو آهي۔ سائين خليل الرحمان کان پاڻ ڪيترائي اعليٰ گڻ ورثي ۾ حاصل ڪيا آهن، جن ۾ روشن خيالي، ترقي پسندي، سادگي ۽ ڪتابن سان محبت خاص طور نمايان آهن۔

پاڻ نه رڳو استاد طور سرگرم آهن پر سماجي ڪمن ۾ پڻ گهڻا سرگرم رهن ٿا۔ عوامي تحريڪ سان همدردئ طور مختلف ليڪچرز ۾ اسپيڪر طور شرڪت ۽ سماجي ڪمن ۾ اڳڀرائي سندن وسيع سوچ جو ثبوت آهي۔ سائين ماجد صرف ڳالهين جا نه، پر عملي طور سرگرم سماجي ڪارڪن آهن۔ سندن زندگيءَ ۾ آرام نالي لفظ ڄڻ موجود ئي ناهي۔ جتي ضرورت بطور ليڊر هوندي آهي، اتي قائدانه صلاحيتن سان رهنمائي ڪندا آهن، ۽ جتي ڪارڪن طور ڪم ڪرڻو هوندو آهي، اتي بنا ڪنهن هٻڪ جي ميدان ۾ لهي پوندا آهن۔

سندن مطالعي ۾ گهرائي به آهي ۽ وسعت به، جيڪا سندن گفتگو، عمل ۽ چال ڍال مان چٽي طرح ظاهر ٿئي ٿي۔ جيڪڏهن سائين خليل الرحمان جي شخصيت جا مختلف پهلو اولاد ۾ ورهايل نظر اچن ٿا ته سماجي ڏاهپ ۽ علمي سگهه جو وڏو حصو بيشڪ سائين ماجد الرحمان ۾ نمايان نظر اچي ٿو۔

سندن پسنديده مشغلا به سندن علمي طبيعت کي ظاهر ڪن ٿا۔ڪتاب پڙهڻ، عالمي معاملن تي بحث مباحثا ٻڌڻ، يوٽيوب تي سائنس ۽ فلسفي جا ليڪچر ڏسڻ، فلمن مان سکڻ ۽ زندگيءَ جي ننڍين خوشين مان لطف وٺڻ۔

سائين ماجد نه رڳو پنهنجن همعصرن لاءِ پر شاگردن لاءِ به وڏي الهام جو ذريعو آهن۔ ڪيترائي شاگرد سندن علم، اخلاق ۽ رهنمائي مان گهڻو ڪجهه سکيا آهن۔ ڪيترن لاءِ پاڻ صرف استاد نه، پر هڪ وطن دوست، علم دوست ۽ پيارا ساٿي پڻ آهن۔ نصرپور شهر لاءِ سندن شخصيت هڪ قيمتي سرمايو آهي، ۽ سندن علم جي جوت سوين ذهنن کي روشن ڪندي رهي ٿي۔

سچ پڇو ته سائين ماجد الرحمان جو سفر اسان کي اهو سيکاري ٿو ته ناڪاميون رڪاوٽ نه، پر نئين شروعات جو ذريعو هونديون آهن۔ جيڪو ماڻهو لڳاتار محنت ڪري ٿو، اهو آخرڪار پنهنجي منزل ماڻي ٿو۔

الله پاڪ سائين ماجد الرحمان کي صحت، خوشي ۽ وڌيڪ ڪاميابيون عطا فرمائي، ۽ سندن علم جو سفر هميشه جاري رکي۔ آمين

========سادگي، محنت ۽ خدمت جو مثال==============سائين محمد عثمان درس======  ڪڙي نمبر 35زندگيءَ ۾ ڪي ماڻهو اهڙا هوندا آهن...
07/05/2026

========سادگي، محنت ۽ خدمت جو مثال========
======سائين محمد عثمان درس======
ڪڙي نمبر 35

زندگيءَ ۾ ڪي ماڻهو اهڙا هوندا آهن، جيڪي وڏين وڏين ڳالهين ڪرڻ بدران خاموشئَ سان پنهنجو ڪم ڪندا رهن ٿا ۽ پنهنجي عمل سان ماڻهن جي دلين ۾ جاءِ ٺاهي وٺن ٿا۔ سائين محمد عثمان درس به اهڙي ئي سادي، محنتي ۽ مخلص شخصيت جو نالو آهي، جنهن پنهنجي سڄي زندگي علم، محنت ۽ خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي۔

سائين محمد عثمان درس جو جنم 10 جون 1966ع تي نصرپور ۾ ٿيو۔ پاڻ هڪ هاري جي گهر ۾ اک کوليائون، جتي سادگي، محنت ۽ برداشت زندگيءَ جو حصو بڻجي وئي۔ ٻهراڙيءَ جي ماحول ۾ پلجندڙ سائين عثمان جو ٻالڪپڻ به سادگي سان گذريو۔ سندن دوست کين پيار مان “ٽيڙو” ڪري سڏيندا هئا، جيڪو پوءِ سندن ادبي تخلص پڻ بڻيو۔ نالي سان به پاڻ سڃاتا وڃن ٿا۔

سندن تعليمي سفر گورنمينٽ پرائمري اسڪول ميمڻ محلا نصرپور مان شروع ٿيو، پر پاڻ ٻڌائين ٿا ته شروعاتي ڏينهن ۾ پڙهائي سان ڪا خاص دلچسپي نه هوندي هئي ۽ پوء سندن زندگيءَ ۾ هڪ اهم موڙ تڏهن آيو، جڏهن سائين علي شير شيخ جي صحبت نصيب ٿي۔ انهيءَ صحبت سندن سوچ ۾ تبديلي آندي ۽ تعليم ڏانهن سندن رجحان وڌيو۔ پوءِ پاڻ 1982ع ۾ مئٽرڪ ۽ انکانپوء انٽر، بي اي ۽ آخرڪار ايم اي تائين تعليم مڪمل ڪيائون۔ ان کان پوءِ نوڪري جو آرڊر مليو ۽ پرائمري تعليم جو تربيتي ڪورس به مڪمل ڪيائون۔

سندن همعصرن موجب پاڻ اسڪولي دور کان ئي محنتي، ساڃاهه وند ۽ دوستن سان نڀائڻ وارا رهيا آهن۔ پاڙي جي دوستن سان گڏ سندن ٻالڪپڻ جون ڪيتريون يادون اڄ به ماڻهن جي ذهن ۾ تازيون آهن۔ دوستن سان راند روند، ترڻ سکڻ ۽ گڏيل وقت گذارڻ سندن شخصيت جي سماجي ۽ محبت ڀري پاسي کي ظاهر ڪري ٿو۔

سندن عملي زندگي 17 جون 1987ع تي شروع ٿي، جڏهن سندن پهرين پوسٽنگ پير جي ماڙي جي پرائمري اسڪول ۾ ٿي۔ اتي ٽي سال پنهنجون خدمتون ڏيڻ کانپوءِ سندن بدلي ڪامل ڪوٽ جي اسڪول ۾ ٿي، جتي اٺ سال تائين پنهنجون ذميواريون نڀايائون۔ پوءِ گورنمينٽ پرائمري اسڪول ميمڻ محلا ۾ واپس آيا ۽ اتي 7 کان 8 سال پڙهائيندا رهيا۔ ڪجهه وقت يوسفاڻي فارم جي اسڪول ۾ به خدمتون سرانجام ڏنائون، ۽ وري ميمڻ محلا اسڪول ۾ واپس اچي پنهنجو فرض نڀايائون۔ آخرڪار گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڪوٽ مولوي عبدالحق رباني ۾ لڳ ڀڳ 12 سال ڊيوٽي ڪرڻ کان پوءِ اتان ئي رٽائر ٿيا۔

سائين عثمان جي نوڪري جو وڏو حصو ٻهراڙيءَ ۾ گذريو، جتي محدود وسيلن باوجود هنن محنت سان ڪم ڪيو ۽ علم جي روشني ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪئي۔ ڳوٺاڻن جو پيار ۽ عزت سندن لاءِ سڀ کان وڏو انعام رهيو، جيڪو کين اڄ به ياد آهي۔ سندن ساٿي ۽ دوست به ان ڳالهه جي شاهدي ڏين ٿا ته پاڻ هميشه ايمانداري، جفاڪشي ۽ مڪمل ذميواري سان پنهنجي ڊيوٽي نڀائيندا رهيا آهن۔

سندن شخصيت جو هڪ ٻيو خوبصورت پاسو فطرت سان محبت آهي۔ پاڻ ٻڌائين ٿا ته هينئر تائين ٻه ٽي هزار وڻ پوکي چڪا آهن۔ رڳو گذريل اونهاري ۾ ئي لڳ ڀڳ پنج سئو چڪيون لڳايائون، جن مان ڪجهه ٻين کي به ڏنائون ۽ ڪجهه پاڻ پوکيائون۔ اهي وڻ اڄ رستن، اوطاقن ۽ جاين تي ڇانو ڏين ٿا، جيڪي سندن خاموش خدمت جو زنده ثبوت آهن۔

جئي شاهه مقام ۽ ٻين هنڌن تي في سبيل الله وڻ پوکڻ، اڏون ٺاهڻ ۽ چڪيون لڳائڻ جهڙن ڪمن ۾ پاڻ هميشه اڳڀرا رهيا آهن۔ مرحوم منو (رحمڏنو درس) ۽ ٻين دوستن سان گڏجي ڪيل اها خدمت اڄ به ماڻهن لاءِ فائدي جو سبب بڻيل آهي، ۽ منو درس کان پوءِ به پاڻ اهو سلسلو جاري رکيو اچن ٿا۔

ننڍپڻ ۾ پاڻ “سجاڳ ٻار تحريڪ” جي گڏجاڻين ۾ به حصو وٺندا هئا، ۽ ادبي ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪندا هئا۔ رسالا، ڪهاڻيون ۽ ناول پڙهڻ سندن شوق رهيو، جنهن سندن سوچ کي وڌيڪ وسيع ڪيو۔

سائين عثمان جي شخصيت جو هڪ ٻيو نمايان پاسو سندن سماجي زندگي آهي۔ پاڻ رڳو استاد طور نه، پر هڪ خدمتگار انسان طور به سڃاتا وڃن ٿا۔ پاڙي جي شادين ۾ رڌ جي ڪم ۾ ورڪر طور مدد ڪرڻ، ننڍن وڏن ڪاڄن ۾ بنا ڪنهن وڏائي جي مزدوري ڪرڻ، ۽ غمي خوشيءَ جي هر موقعي تي ماڻهن سان گڏ بيهڻ سندن عاجزي ۽ انسان دوستي جو روشن مثال آهي۔ رڌ جو ڪم ڏاڍو محنت طلب هوندو آهي، پر پاڻ ان کي به خدمت سمجهي دل سان نڀائيندا رهيا آهن۔

ان کان سواءِ پاڻ في سبيل الله قبر کوٽيندڙن جي ساٿ ۾ به اڪثر شامل رهيا آهن۔ هي اهڙا ڪم آهن، جيڪي خاموشي سان ٿيندا آهن، پر انسانيت جي خدمت جو اعليٰ مثال هوندا آهن۔

سائين عثمان سان منهنجو پنهنجو تعلق به هڪ مٺي ياد وانگر جڙيل آهي۔ اهو تعلق منهنجي وڏن ڀائرن جي ڪري ٿيو، جڏهن سائين سندن پرائمري ۾ ڪلاس ٽيچر هئا ۽ آئون به ساڳئي اسڪول ۾ پڙهندو هئس۔ اڪثر جڏهن ڀائرن وٽ ڪو ڪم پوندو هو ته سندن ڪلاس ۾ وڃڻ ٿيندو هو۔ اتي سائين عثمان کي هر وقت پڙهائيندي ڏسندو هئس۔ هو ڪڏهن به خالي نه ويهندا هئا، هميشه ڪنهن نه ڪنهن شاگرد سان مصروف هوندا هئا۔

سائين جي هڪ خاص خوبي اها هئي ته هو ٻارن سان بيحد پيار ۽ شفقت سان پيش ايندا هئا۔ جڏهن آئون سندن ڪلاس ۾ ويندو هئس ته هو مون سان به اهڙي ئي پنهنجائپ سان ڳالهائيندا هئا، ڄڻ آئون به سندن ئي شاگرد هجان۔ سندن محبت ۽ شفقت ايتري ته دل کي لڳندي هئي، جو منهنجي دل چوندي هئي ته آئون سڄو وقت سندن ڪلاس ۾ ئي ويٺو هجان۔ اهو احساس اڄ به ياد اچي ٿو ته دل ۾ هڪ عجيب سڪون پيدا ٿئي ٿو۔

سائين محمد عثمان درس جي زندگي هڪ سادي پر گهري ڪهاڻي آهي۔هڪ اهڙي ماڻهو جي ڪهاڻي، جنهن محنت کي پنهنجو ساٿي بڻايو، علم کي پنهنجو مقصد ۽ خدمت کي پنهنجو فرض سمجهيو۔ پاڻ نه رڳو استاد رهيا، پر پنهنجي اخلاق، شفقت ۽ عمل سان ڪيترن ئي دلين ۾ جاءِ ٺاهيائون۔

آخر ۾ بس اها ئي دعا آهي ته سائين محمد عثمان درس جي پوکيل وڻن وانگر سندن نيڪين جي ڇانو به هميشه قائم رهي، ۽ سندن زندگي ايندڙ نسلن لاءِ هڪ روشن مثال بڻيل رهي۔ آمين۔

==نصرپور جو علمي، ادبي ۽ سماجي طور سرگرم استاد=====محمود احمد عرف ريحان ابڙو===سنڌ جي تاريخي شهر نصرپور جي مٽيءَ مان همي...
07/05/2026

==نصرپور جو علمي، ادبي ۽ سماجي طور سرگرم استاد==
===محمود احمد عرف ريحان ابڙو===

سنڌ جي تاريخي شهر نصرپور جي مٽيءَ مان هميشه علم، ادب ۽ شعور وارن ماڻهن جنم ورتو آهي،۽ انهن مان هڪ اهم ۽ نمايان نالو سائين محمود احمد ابڙو جو به آهي، جيڪو ادبي دنيا ۾ “ريحان ابڙو” جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو۔ پاڻ 14 جون 1980ع تي نصرپور ۾ جنم ورتو۔ سندن خاندان پورهيي ۽ هنر سان وابسته رهيو آهي، جتي شاندار جتيون ٺاهڻ سان گڏ چمڙي جي ڪم، زريءَ جي اڻت، ۽ ڍورن جي سينگار سان لاڳاپيل هنر موجود هئا۔ ساڳئي وقت علم ۽ ڏاهپ پڻ پنهنجا پير کوڙي چڪي هئي جنهن جو وڏي ۾ وڏو مثال تازو ئي جهان ڇڏيندڙ سندن والد محترم پروفيسر برڪت علي ڪريمي ابڙو آهي جيڪي هڪ نامور تعليمدان، ليکڪ، مترجم، مذهبي اسڪالر ۽ ايس ايم ڪاليج جا پرنسپال ٿي رهيا آهن، جنهن ڪري سائين ريحان ابڙو کي ادبي ماحول ڄڻ وراثت ۾ مليو۔ سندن والد نه صرف علمي دنيا ۾ سندن رهنمائي ڪندا رهيا، پر سندن سوچ ۽ شخصيت جي تعمير ۾ به وڏو ڪردار ادا ڪيو۔

سندن تعليمي سفر به گهڻو وسيع ۽ محنت سان ڀرپور آهي۔ پاڻ 1991ع ۾ مين سنڌي اسڪول نصرپور مان پرائمري تعليم حاصل ڪئي۔ پوءِ 1996ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول نصرپور مان مئٽرڪ پاس ڪيائون۔ انٽرميڊيئيٽ ايس ايم ڪاليج ٽنڊوالهيار مان 1998ع ۾ مڪمل ڪيائون۔ ان کان پوءِ 2007ع ۾ بي اي، 2011ع ۾ ايم اي سنڌي فرسٽ ڪلاس پاس ڪيائون۔ ان سان گڏ پاڻ گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج آف ايجوڪيشن حيدرآباد مان پي ٽي سي (GECE) ڪئي ۽ ايلسا قاضي ڪيمپس جي آف ڪيمپس پروگرام مان بي ايڊ ۽ ايم ايڊ به مڪمل ڪيائون۔ ان کان علاوه ڪيترن ئي آن لائن ۽ آف لائن ٽريننگن، جهڙوڪ انڊڪشن ٽريننگ، گائيڊ ٽيچر ٽريننگ، لائيف اسڪلز بيسڊ ايجوڪيشن (LSBE)، ۽ برٽش ڪائونسل جي انويجيليشن ٽريننگ ۾ حصو وٺي پنهنجي تدريسي صلاحيتن کي وڌيڪ نکاريو۔

سندن عملي زندگي به انتهائي جدوجهد ۽ مسلسل محنت جو نتيجو آهي۔ ننڍپڻ کان ئي پاڻ ڪنهن به ڪم کي عار نه سمجهيو۔ واڍڪي، رنگ سازي، رازڪي، بجليءَ جي ڪم، اٽي جي چڪي هلائڻ ۽ ٻين هنرن ۾ به حصو ورتائون۔
1998ع کان تدريسي سفر جي شروعات ڪيائون، جڏهن پنهنجي اوطاق ۾ هلندڙ اسڪول جي ٻارن کي قرآن پاڪ پڙهائڻ لڳا۔ بعد ۾ ڪجهه وقت لاءِ نادرا (NADRA) ۾ ڊيٽا انٽري آپريٽر طور ڪم ڪيائون ۽ ڪراچيءَ جي هڪ ملٽي نيشنل ڪمپني ۾ ڪوالٽي اشورنس ڊپٽي مينيجر طور به خدمتون سرانجام ڏنائون۔
پهرين آگسٽ 2008ع تي پاڻ پرائمري استاد طور تعليم کاتي ۾ شامل ٿيا ۽ ڳوٺ ميوو خان لاشاري ۾ بنا عمارت واري اسڪول ۾ مقرر ٿيا۔ اتي ڇهن سالن جي عرصي دوران اسڪول مئنيجمينٽ ڪميٽي ۽ ڳوٺاڻن جي سهڪار سان هڪ پڪي ڇت وارو هال ٺهرايائون، جيڪو سندن عملي جدوجهد جو زنده مثال آهي۔ سندن وڃڻ کان پوءِ ان ڪم کي اڳتي وڌايو ويو ۽ آخرڪار اسڪول جي مڪمل عمارت منظور ٿي، جيڪا اڄ به موجود آهي۔
پوءِ 27 جون 2014ع تي اين ٽي ايس ذريعي جونيئر اسڪول ٽيچر طور گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول نصرپور ۾ مقرر ٿيا ۽ 2 ڊسمبر 2020ع تي ايڇ ايس ٽي طور ترقي ماڻيائون۔

سائين ريحان ابڙو هڪ گهڻ رخا استاد آهن، جيڪي انگريزي، رياضي، فزڪس، سنڌي، اردو ۽ سماجي اڀياس جهڙا مضمون پڙهائي چڪا آهن۔ پاڻ ستين، نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا ڪلاس ٽيچر به رهيا آهن۔ سندن نظر ۾ استاد جو اصل انعام شاگردن جي زندگين ۾ مثبت تبديلي آڻڻ آهي، ۽ حقيقت ۾ پاڻ ڪيترن ئي شاگردن کي تعليم ڏانهن واپس آڻڻ ۾ ڪامياب رهيا آهن، خاص ڪري اهي شاگرد جيڪي پڙهائي ڇڏي چڪا هئا۔

شاگردن ۽ ساٿين جي نظر ۾ سائين ريحان رڳو هڪ استاد نه، پر هڪ بهترين رهنما، مشير ۽ حوصلا افزائي ڪندڙ شخصيت پڻ آهن۔ ڪيترائي شاگرد ۽ نوجوان اهم مرحلن تي سندن مشورن مان فائدو وٺي ڪاميابي ماڻي چڪا آهن۔ سندن شاگردن جو چوڻ آهي ته سائين ريحان جي همٿ افزائي ۽ سچي رهنمائي کين هميشه اڳتي وڌڻ جو حوصلو ڏيندي رهي آهي۔

ادبي حوالي سان سندن سفر 2011ع کان شروع ٿيو، جيڪو اڄ تائين جاري آهي۔ پاڻ هڪ بهترين شاعر، ڪهاڻيڪار، مترجم ۽ مضمون نگار آهن۔ علم عروض تي سندن خاص مهارت آهي، جنهن سبب ڪيترائي سينيئر شاعر به سندن رهنمائي حاصل ڪن ٿا۔ سنڌي ٻوليءَ تي پڻ سندن مضبوط عبور آهي، ۽ ڪيترائي دوست لفظن جي معنائن، تلفظ ۽ ادبي نڪتن بابت سندن رهنمائي وٺندا رهن ٿا۔ سندن شاعري ۾ سماجي درد، قومي سڃاڻپ، مذهبي سادگي ۽ جمالياتي حسن جو حسين ميلاپ ملي ٿو۔ سندن سوچ جي هڪ جهلڪ هن بيت مان ظاهر ٿئي ٿي:
“خلق جي خلل کان آئون ڊڄان ڪانه
مالڪ مهربان تون جو سدا ساھ ۾”

سندن ادبي سرگرمين مان هڪ وڏو ڪم نصرپور ۾ ادبي ماحول کي هٿي وٺرائڻ آهي۔ پاڻ سنڌي ادبي سنگت نصرپور جا سيڪريٽري به رهي چڪا آهن ۽ لڳ ڀڳ پنج ڀيرا هن عهدي تي چونڊيا ويا آهن۔ سنڌي ادبي سنگت ٽنڊوالهيار ۽ مٽياري ضلعن جي مختلف شاخن جي تربيتي ڪلاسن ۾ سندن سرگرم شرڪت سڄي سنڌ ۾ سندن هڪ الڳ سڃاڻپ ٺاهي آھي۔ ان کان علاوه پاڻ مهراڻ يوٿ ايجوڪيشنل فائونڊيشن جا سينيئر ميمبر پڻ رهيا آهن ۽ مختلف سماجي تنظيمن سان لاڳاپيل رهيا آهن۔

سماجي خدمتن ۾ به سندن ڪردار نمايان رهيو آهي۔ پاڻ مهراڻ يوٿ اييجوڪيشنل فائونڊيشن ۽ مهراڻ ريڊرس ڪلب ۾ سينئر ميمبر طور ڪم ڪيو آھي، ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪئي، نصرپور جي لاء لائبريري واري تحريڪ ۾ به سرگرم رهيا۔ واپڊا ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجن ۽ ڌرڻن ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪيو۔ سائنسي ميلا، تعليمي پروگرام ۽ ٻين سماجي سرگرمين ۾ به هميشه اڳڀرا رهيا آهن۔ سماج دوستي سندن فطرت جو اهم حصو آهي، ۽ پنهنجي وس آهر هميشه سماجي ڀلائي جي ڪمن ۾ حصو وٺندا رهيا آهن۔

سندن ذاتي زندگي به علم سان جڙيل آهي۔ پاڻ ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ پنجين نمبر تي آهن۔ سندن وڏي ڀيڻ هاءِ اسڪول ٽيچر آهي، وڏو ڀاءُ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن سان لاڳاپيل آهي، هڪ ڀاءُ سينئر فارماسسٽ آهي، هڪ ننڍي ڀيڻ اقوام متحده ۾ ڪم ڪري رهي آهي، جڏهن ته ننڍو ڀاءُ ڪيمسٽري ۾ ڊاڪٽريٽ ڪري سنڌ يونيورسٽي ۾ وزٽنگ پروفيسر طور ڪم به ڪيو آهي ته هن وقت صنعتي شعبي ۾ پڻ خدمتون ڏئي رهيو آھي۔ اهڙي طرح سندن سڄو خاندان علمي ۽ پيشيورانه لحاظ کان مضبوط حيثيت رکي ٿو۔

سائين ريحان ابڙو جي شخصيت جو هڪ اهم ۽ متاثر ڪندڙ پاسو سندن حوصلو ۽ ثابت قدمي به آهي۔ زندگيءَ جي ڏکين حالتن، لاهن چاڙهن ۽ آزمائشن کي پاڻ وڏي همت، بردباري ۽ بهادري سان منهن ڏيندا رهيا آهن۔ مشڪل حالتن ۾ به سندن ثابت قدم رهڻ واري خوبي کين ٻين کان منفرد بڻائي ٿي۔

سائين ريحان ابڙو تعليم بابت انتهائي گهري سوچ رکن ٿا۔ سندن خيال آهي ته تعليم صرف ڪتابي علم نه، پر انسان جي شعوري ارتقا جو سفر آهي، جنهن جو مقصد انسان کي پنهنجي لاءِ ۽ سماج لاءِ فائديمند بڻائڻ آهي۔ پاڻ چون ٿا ته ٻارن جي فطري صلاحيتن کي سمجهي، انهن کي صحيح رخ ڏيڻ ئي اصل تعليم آهي، نه ته بغير رٿابندي جي تعليم اهڙي آهي جيئن ڪنهن ٻني کي بنا سنڀال جي ڇڏي ڏجي۔

آخر ۾ سائين ريحان ابڙو جي شخصيت هڪ اهڙي استاد، اديب ۽ سماجي ڪارڪن جي حيثيت سان سامهون اچي ٿي، جيڪو پنهنجي محنت، سچائي ۽ علم سان محبت ذريعي ڪيترن ئي زندگين کي متاثر ڪري رهيو آهي۔ پاڻ واقعي خاموش خدمت، گهري سوچ ۽ مسلسل جدوجهد جو هڪ روشن مثال آهن۔

ڪڙي نمبر 35

Address

Ward No. 6
Nasarpur
70040

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Awais Nasarpuri posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share