Arts Council of Pakistan Larkano

Arts Council of Pakistan Larkano Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Arts Council of Pakistan Larkano, Arts Council of Pakistan Larkano Sachal Sarmast Township Larkano, Larkana.

06/04/2026
اڄ رات 8 بجه اچڻ نه وساريندا
23/03/2026

اڄ رات 8 بجه اچڻ نه وساريندا

ڪهاڻي اڄ به جيئري آهي ۽ جيسيتائين ماڻهو جيئرو آهي تيستائين ڪهاڻي به جيئري رهندي. ماڻهو مري ويندا آهن پر ڪهاڻيون زنده رهن...
23/03/2026

ڪهاڻي اڄ به جيئري آهي ۽ جيسيتائين ماڻهو جيئرو آهي تيستائين ڪهاڻي به جيئري رهندي. ماڻهو مري ويندا آهن پر ڪهاڻيون زنده رهنديون آهن. سنڌ جي اديبن ۽ دانشورن اهڙن خيالن جو اظهار نامياري ڪهاڻيڪار، محقق ۽ نقاد ڊاڪٽر احسان دانش سان رچايل رهاڻ ۽ سندس ڪهاڻي ڪتاب "اها رات" جي مھورتي تقريب ۾ ڪيو، جيڪا آرٽس ڪائونسل لاڙڪاڻي جي ادب شعبي طرفان منعقد ڪئي وئي هئي. تقريب کي خطاب ڪندي نامياري اديب ڊاڪٽر فياض لطيف چيو ته احسان دانش گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ آهي، اسان ٻئي سدائين هڪ ٻئي جو اتساهه رهيا آهيون. احسان هڪ حساس دل ڪهاڻيڪار آهي ۽ هن جون مختصر ڪهاڻيون به دل ۾ ڇڀن ٿيون ۽ ماڻهوءَ کي جاڳائي وجهن ٿيون. ڊاڪٽر احسان دانش چيو ته ڪهاڻي لکڻ مون لاءِ ڪا وندر ۽ ورونهن ناهي، مان پنهنجي هر ڪهاڻيءَ ۾ پنهنجي دل جو لهو اوتيو آهي. منهنجي حاوي سڃاڻپ هڪ محقق ۽ نقاد واري آهي پر مان بنيادي طور تخليقڪار آهيان. ان ڪري شاعري توڙي ڪهاڻي ٻئي منهنجون پهريون محبوبائون آهن. نامياري اديب ۽ براڊ ڪاسٽر عابد عباس ڪاظمي چيو ته هڪ ليکڪ جي قلم مان لکيل هر لفظ ان جي پڙهندڙ جي امانت هوندو آهي. ڊاڪٽر احسان دانش هڪ گهڻ پڙهيو، روشن خيال ۽ ترقي پسند ليکڪ آهي. هن رڳو ڪهاڻيون نه لکيون آهن پر شاهه لطيف جي شاعريءَ تي بھترين تحقيق به ڪئي آهي. ادب شعبي جي چيئرمين اختر پيا چيو ته ڊاڪٽر احسان سان رهاڻ آرٽس ڪائونسل ۽ ادب شعبي لاءِ اعزاز آهي. هن پنهنجي زندگيءَ جا لڳ ڀڳ چاليهه سال ادب کي رپيا آهن ۽ منهنجو به لڳ ڀڳ ايتري ئي عرصي کان ساڻس ساٿ ۽ سٻنڌ آهي. نامياري ليکڪ پروفيسر مختيار سمي چيو ته احسان هڪ پُر وقار شخصيت جو مالڪ آهي. هن وٽ ڪمال جي سهپ، بردباري ۽ سنجيدگي آهي. دانش ادب جي جنهن به شعبي ۾ ڪم ڪيو آهي، ان ۾ پاڻ مڃايو آهي. نامياري ليکڪ ۽ صحافي نثار کوکر چيو ته ڪهاڻي اڄ به ساهه کڻي رهي آهي ۽ پنهنجي پوري طاقت سان زنده آهي. ڊاڪٽر احسان انساني المين جون ڪهاڻيون لکيون آهن، جيڪي پنهنجي فن ۽ آرٽ ۾ شاندار آهن. هن جو فليش فڪشن ته ڇرڪائيندڙ آهي. نامياري ليکڪا رفعه بخاري چيو ته احسان دانش جي ڪھاڻين ۾ درد ۽ پيڙا جو پڙلاءُ محسوس ٿئي ٿو، هن سماج جي زخمن کي لفظن جي آئيني ۾ ڏيکاريو آهي. نامياري ڪهاڻيڪار ۽ محقق ڊاڪٽر عزيز قاسماڻي چيو ته مختصر مختصر ڪهاڻي لکڻ جو فن ڏاڍو ڏکيو آهي، احسان دانش اسان جي ٽهيءَ جو هڪ سچيت ليکڪ آهي. سنگت مرڪز جي خزانچي ۽ نامياري ڪهاڻيڪار ستار هليي چيو ته ڪهاڻي پياسي مور جي رڙ آهي جيڪا حساس دلين کي تڙپائي وجهي ٿي. ڊاڪٽر احسان جي ڪھاڻين ۾ اهڙي ئي رڙ محسوس ٿئي ٿي. هن سماج جي المين کي پنهنجي ڪهاڻين ۾ هڪ اعلا آرٽسٽ وانگر ئي بيان ڪيو آهي.
تقريب ۾ جهانگير عباسي، ڊاڪٽر ملهار سنڌي، رضوان گل، محمد هاشم حامي، ممتاز لوهار، يار محمد چانڊيي، زاهد حسين جوڻيجي، اڪبر ساسولي، وسيم سيتائي ۽ شهمير سومري پڻ ڊاڪٽر احسان دانش جي شخصيت، فن ۽ ڪهاڻي ڪتاب تي پنهنجا ويچار ونڊيا. آخر ۾ آرٽس ڪائونسل جي ادب شعبي طرفان دانش کي يادگار مڃتا شيلڊ پڻ ڏني وئي.

آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو پاران 23 مارچ کان 25 مارچ تائين ٽن ڏينهن تي مشتمل شاندار ميوزيڪل فيسٽيول منعقد ڪيو پيو و...
17/03/2026

آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو پاران 23 مارچ کان 25 مارچ تائين ٽن ڏينهن تي مشتمل شاندار ميوزيڪل فيسٽيول منعقد ڪيو پيو وڃي۔ هن ثقافتي ميلي ۾ پاڪستان جي چئني صوبن مان ناميارا فنڪار شرڪت ڪندا، جيڪي پنهنجي سريلي آواز ۽ فن جي خوبصورت پيشڪش سان محفل کي چار چنڊ لڳائيندا۔
هي ميوزيڪل فيسٽيول موسيقي جي شوقينن لاءِ هڪ يادگار موقعو ثابت ٿيندو، جتي ملڪ جي مختلف علائقن جي ثقافت، روايتن ۽ موسيقيءَ جا رنگ هڪ ئي اسٽيج تي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ ملندا۔

13/03/2026

آرٹ کونسل آف پاکستان لاڑکانہ کی جانب سے منعقد ہونے والا پاکستان نیشنل میوزک فیسٹیول 23، 24 اور 25 مارچ کو ہوگا۔
اس فیسٹیول میں پاکستان کے چاروں صوبوں کے فنکار شرکت کریں گے اور اپنے صوبے کی نمائندگی کریں گے۔
تمام معزز ممبران اور موسیقی کے شوقین حضرات کو دلی دعوت دی جاتی ہے کہ اس خوبصورت محفل میں شامل ہوں اور پاکستانی موسیقی کا لطف اٹھائیں۔

دعوت نامو
09/03/2026

دعوت نامو

ڏک جي خبرآرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي جو سينئر ميمبر، ناليوارو ڪيئمرامين، ايڊيٽر، اداڪار ۽ ڊائريڪٽر نديم عباسي ڪافي ع...
19/01/2026

ڏک جي خبر

آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي جو سينئر ميمبر، ناليوارو ڪيئمرامين، ايڊيٽر، اداڪار ۽ ڊائريڪٽر نديم عباسي ڪافي عرصو بيمار رهڻ بعد انتقال ڪري ويو آهي جنهن جي جنازي نماز چئين وڳي شام اتاترڪ ٽاور واري جنازا مسجد ۾ ٿيندي .تڏو اتاترڪ ٽاور سامنھن اوڀر پاسي ابڙن جو پيٽرول پمپ' حاڪم ابڙو ڪالوني ۾ وڇايو ويو آهي .

آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو جي ادب شعبي پاران حضرت شاھ عبداللطيف رح جو جنم ڏينھن ڀٽائي ادبي ھال ۾ ملھايو ويو ۽ انھيء...
11/01/2026

آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو جي ادب شعبي پاران حضرت شاھ عبداللطيف رح جو جنم ڏينھن ڀٽائي ادبي ھال ۾ ملھايو ويو ۽ انھيءَ سان گڏ ” شاھ جون سورميون “ موضوع ھيٺ سنڌ جي سورمين سوالن جي جوابن ۾ پنھنجي گفتگو ۾ ڀٽائي جي سورمين تي ڳالھائيندي خوب نڀاءٗ ماڻي ورتو۔
پروگرام ۾ ابڙو ثمينہ ” سھڻي“ فھميده ابڙو ”نوري“ روبينہ ابڙو ” مومل“ عائشہ ساريو ” مارئي “ رفيعہ بخاري ” سورٺ“ آمنہ شاھاڻي درشھوار ” سسئي“ ۽ پرھ سڪينہ گاد ” ليلا “ جيڪي شاھ سائين جي سورمين تي ڳالھائيندڙن ۾ ھيون۔
ھن پروگرام ۾ ماڊريٽر طور فرائض عريشہ خليق ادا ڪيا جڏھن تہ ادب شعبي جي چيئرمين اختر پيا آيل مھمانن کي ڀليڪار چوندي شاھ سائين جي جنم ڏينھن کي آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو جي ادب شعبي پاران ھن شاندار نويت واري پروگرام کي وڏي ساراھ جوڳي وارو ڪم ڪري ڪوٺيو تنھن بعد محمد ايوب لطيفيءَ عنبير فاطمہ ۽ رباب فاطمہ کي اسٽيج تي گھرايو جنين ڀٽائي سرڪار جا بيت جھونگاري خوب داد ماڻي ورتو انھيءَ کانپوءِ ” SMD “ اسڪرين تي ڀٽائي سرڪار جون ستئي سورميون ڏيکاريون ويون جن مان حاضرين بيحد داد ڏنو ۽ لطف اندوز ٿيندا رھيا۔
گفتگو واري ٻئي نشست ۾ سر ” سھڻي “ تي ابڙو ثمينہ ڳالھائيندي چيو تہ سھڻي محبت جي ديوي ھئي ۽ ھوءَ گھڙو ڀڃندي بہ ڪيٻائي نہ ٿي پر محبت کي پار ڪندي جان جو نذرانو پيش ڪري ڇڏي ٿي ۽ لطييف جو پيغام ۾ اھا ڳالھ پروڙي سگھجي ٿي تہ سھڻي جدوجھد ۽ معاشري کان عليحدگي وارو مثالي ڪردار آھي جنھن مان ڪيترائي سبق ملندا رھن ٿا۔
فھميده ابڙو سر ” نوري“ تي گفتگوءَ ۾ چيو تہ شاھ سائين جي ھن سر ۾ نوري ھڪ جسماني طور حٗسن رکندڙ ھئي پر
فطرت ۾ ھوءَ تڙ ڌڻيءَ لاءِ نھٺائي ۽ نماڻائيءَ وارو ڪردار ھئي ايئن کڻي چئجي تہ مھاڻن ۾ نوري پنھنجي حٗسن ۾ طاقتور عورت ھئي ۽ شاھ ڀٽائي جو ھيءٗ سر مڪمل پيغام آھي تہ انسانيت ئي سڀ ڪجھ آھي۔
روبينہ ابڙو سر ”مومل “ تي ھڪ نئين نڪور انداز ۾ شاھ سائين کي ڀيٽا ڏيندي چيو تہ مان محلات ۾ رھندي بہ فطرت واري حٗسن کي پسند ڪيان ٿي ۽ فطرت ئي محبت جو اصل پيغام آھي جنھن کي شاھ سائين مومل واري سر ۾ حقيقت واري پيغام کي جوت جلائيندي پيش ڪيو آھي۔
عائشہ ساريو سر ” مارئي“ کي وائکو ڪندي چيو تہ مارئي پنھنجي ويس ۾ ديس لاءِ اھڙو پيغام آھي جنھن کي لالچ ملندي بہ پنھنجي جھوپن پکن جي پريت جھوريندي رھي ٿي ۽ ھن مارئي واري سر ۾ شاھ سائين پنھنجي وطن جي حٗب کي ظاھر ظھور پيش ڪندي ديس ڌڻين کي جھنجھوڙيندو رھي ٿو۔
رفيعہ بخاري سر سورٺ تي ڳالھائيندي چيو تہ شاھ جي سڀني سورمين ۾ سورٺ جو ڪردار مختلف آھي ۽ ڪردار بہ اعلىٰ قرباني وارو ڀانئنجي ٿو ۽ ھن سر مان ھڪ سبق ملي ٿو تہ جيڪو واعدو ڪجي اھو پاڙجي۔
آمنہ شاھاڻي درشھوار سر ” سسئي“ تي مفصل ڳالھائيندي چيو تہ حضرت شاھ ڀٽائي تصوف جو اھو بادشاھ آ جنھن وٽ شريعت، طريقت ۽ رھبريءَ وارا رستا يا سڀ منزلون پارڪري آساني ناھي پر وڏي ڏکيائي آھي وڏي ڳالھ تہ سر سسئي ۾ شاھ سائين ڪيترائي سر چيا آھن جيڪي شاھ سائين جو مکيہ پيغام سسئي جي ڏکن ڏاکڙن ۾ ملي ٿو پر جَي تصوف جي پرک رکڻي آھي تہ سسئي وارن سرن کي مثالي سمجھي سگھجي ٿو ڇو تہ تصوف وارو پيچرو سسئي جي پيادي پنڌ ۾ ملي ٿو ۽ ھن سر ۾ شاھ سائين جو پيغام ازم ۽ اٽل وارو آھي۔
پرھ سڪينہ گاد سر ” ليلا“ تي ڳالھائيندي چيو تہ ليلا جيتوڻيڪ ھار واري لالچ ۾ سؤدو تہ ڪري ويھي ٿي پر پوءِ ھوءِ پڇتاءَ ۾ ايندي وڃايل محبت جي ڳولا ۾ ڪھڙي بہ حال ۾ جتن ڪندي حيلا ھلائيندي رھي ٿي ۽ ھن سر ۾ بہ لالچ واري لوڀ کي ظاھر ڪيو ويو آھي۔
ھن عاليشان پروگرام ۾, محمد اسماعيل جتوئي، محمد حنيف سھاڳ، عبدالنبي ساريو، عاشق دايو، سيد جاويد شاھ، رضوان گل، جھانگير عباسي، گلشير سومرو، ممتاز لوھار، عبدالھادي بگٽي، فدا حسين ملاڻو، دانش ترڪ، بدر خان سومرو، خادم حسين ” شام سنڌي“ ضمير حسين چانڊيو، ھمير گاد ،مير بھادر مھر، ابراھيم لاشاري، امر ڪوي ، سھراب گوپانگ، احمد پٺاڻ، قائم الدين جلباڻي، رستم علي گوپانگ، امتياز علي سومرو، ڀائو در محمد ٻرڙو، اطھر ميمڻ، مھدي اختر، رابعہ چنا، رخسانہ علي، سميرا سومرو، ريحانہ سيال، عائشہ چن، فضا ساريو، رميشا، سويرا، امبرين تطھير، ھومل قريشي، سيما، بسمہ ، مريم ، روزينہ، رابعہ، صبا ۽ ٻين شرڪت ماڻي ڀٽائي سرڪار جي سورمين مان درس ماڻي ورتو۔

Address

Arts Council Of Pakistan Larkano Sachal Sarmast Township Larkano
Larkana
77150

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Arts Council of Pakistan Larkano posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Organization

Send a message to Arts Council of Pakistan Larkano:

Share