25/07/2023
افغاني ، سرحدي توڙي بلوچستاني بارڊر وارن پٺاڻن جو ھي آھي اصل ڪاروبار، جنھن ذريعي ھو رات پيٽ ۾ سنڌ ۾ اربين روپين جون ملڪيتون خريد ڪري وٺن ٿا، سندن ھوٽل ۽ دڪان وغيره ھٿيارن ۽ منشيات جا اڏا ھوندا آھن، مان ٻه ڀيرا سرحدي بٺاڻن جي علائقن جو وزٽ ڪري چڪو آھيان، گذريل ويھن پنجويھ سالن۾ پٺاڻن جا علائقا تمام گھڻا خوبصورت ۽ ترقي يافتہ ٿي چڪا آهن، جن جو بنيادي سبب پٺاڻن جو وڏي پيماني تي منشيات ۽ ھٿيارن جو ڪاروبار آھي، جيڪو خاص طور ھو سنڌ ۾ ڪرڻ اچن ٿا، اسان جو ماڻهو ھوٽل ۽ ٻيا ڪاروبار ان ڪري به ڪاميابيءَ سان نه ٿو ڪري سگهي ته خرچ ڪڍڻ به ڏکيا ٿي پون ٿا پر پٺاڻ جو کائڻ پيئڻ وارو ايٽم رڳو ڏيکاءَ خاطر ھوندو آھي پر ان جي آڙ ۾ ھو ٻيا غير قانوني ۽ غير اخلاقي ڌنڌا ڪندو آهي.