GBPS Sher Muhammad Mahar

GBPS Sher Muhammad Mahar The purpose of this page is to connect with students and their parents for empowering education.

Quiz Competition 2024 سلسلو ڪئيز ڪامپٽيشن پروگرام جو پنجون پروگراميونين ڪائونسل حافظ راڄڙ ۽ حمزو خان درس جا گورنمنٽ پرائ...
24/05/2024

Quiz Competition 2024 سلسلو
ڪئيز ڪامپٽيشن پروگرام جو پنجون پروگرام

يونين ڪائونسل حافظ راڄڙ ۽ حمزو خان درس جا گورنمنٽ پرائمري اسڪول

تاريخ: 23.05.2024

هنڌ: گورنمنٽ بواز پرائمري اسڪول احمد خان راڄڙ

ڪوئيز ڪامپيٽيشن ۾ شرڪت ڪندڙ اسڪول : 17

کپري تعلقي جي پرائمري اسڪولن جي شاگردن جي وچ ۾ چٽا ڀيٽي مقابلا Quiz Competition Program ڪرائڻ لاءِ سالياني امتحانن کانپوءِ ۽ اونهاري جي سالياني وئڪيشن کان اڳ واري وقت کي هڪ بهترين موقعو سمجهي، انهي وقت مان فائدو حاصل ڪرڻ لاء سائين ارباب علي سميجو، تعلقه ايڊيوڪيشن آفيسر کپرو پاران اهو طئي ڪيو ويو ته تعليمي لحاظ کان پٺتي پيل، اسي سيڪڙو ريگستاني، اڇڙي ٿر جي علائقي تي مشتمل ۽ ايراضي جي لحاظ کان پاڪستان جي سڀ کان وڏي تعلقه کپرو جي سمورين يونين ڪائونسلن ۾ يوسي وائيز، گورنمنٽ جي پرائمري اسڪولن جي شاگردن جي وچ ۾ مختلف مضمونن يعني سنڌي، اردو، سماجي اڀياس ، سائنس ۽ جنرل ناليج مان چونڊ سوالن جي تياري ڪرائي مقابلا ڪرايا پيا وڃن.

اڄ يونين ڪائونسل حمزو خان درس
۽ يونين ڪائونسل حافظ راڄڙ
جي اسڪولن جو پاڻ ۾ مقابلو ٿي گذريو، جنهن ۾ يوسي حافظ راڄڙ مان
گورنمينٽ پرائمري اسڪول عبدالڪريم سميجو
۽ يوسي حمزو خان درس مان
گورنمنٽ پرائمري اسڪول نظام الدين نھڙي
جون ٽيمون تمام گهڻي سنسني خيز مقابلي کان پوء تعلقي ليول جی مقابلي ۾ پھچي ويون.
يوسي حافظ راڄڙ مان حصو وٺندڙ اسڪول:
GBPS Muhammad Hayat Bozdar
GBPS Wanhyo Gajoo
GBPS Abdul Karim Samejo
GBPS Akber Ali Galio
GBPS Ahmed Khan Rajar
GBPS Saleh Samejo
GBPS Khani Rajar
GBPS Pabban
GGPS Sajjan Hingoro

يوسي حمزو خان درس مان حصو وٺندڙ اسڪول:
GBPS Haji Khan Rajar
GBPS Nizam ul Din Nohri
GBPS Sher Muhammad Mahar
GBPS Jan Muhammad Thebo
GBPS Habibullah Hingorjo
GBPS Behram Bheel
GBPS Wahid Dino Thebo
GBPS Baqa Muhammad Thebo.

اڄوڪي پروگرام ۾ شرڪت ڪندڙ ڳوٺاڻا ۽ خاص مهمان راولپنڊي کان آيل سماجي اڳواڻ ميڊم مشل مسود صاحبہ , تعلقه ايجوڪيشن آفيسر محترم ارباب علي سميجو صاحب محترم شوڪت علي ھنگورجو صاحب, ايس ايس عبدالرزاق نھڙي صاحب, صحافي سوشل ورڪر شبير احمد نھڙي صاحب , غلام شبير ھنگورجو صاحب, سيد عباس علي شاھ صاحب محمد خان درس صاحب, گھنور ھنگورجو صاحب مصري درس صاحب رحيم چانيھون صاحب اڪبر علي درس صاحب متارو ھنگورو صاحب شفيع محمد چانيھون صاحب محمد جمن ڪنڀر صاحب، مٺو ھنگورجو صاحب نھال راڄڙ صاحب علي محمد منڱريو صاحب نور محمد گجو صاحب گل محمد گجو صاحب رمضان درس صاحب شاھنواز درس صاحب امان الله گجو صاحب يونس گجو صاحب ۽ ٻيا ڪيترائي معززين شرڪت ڪري استادن ۽ شاگردن جي محنت کي خوب ساراهيو.
پروگرام جي اڳواڻي فوڪل پرسن محمد سالم سميجو صاحب ڪي پروگرام جا سڀ انتظام ٻنهي يوسين جي استادن مان استاد اسد علي بوزدار
استاد محمد علي نھڙي
استاد محمد عثمان مھر استاد محرم گجو استاد محمد يامين راڄڙ استاد رجب ھنڱورو استاد ڪامران ھنڱورو استاد عابد گليو استاد غلام علي راڄڙ محمد ھارون سميجو ۽ ٻين استادن سنڀالياـ
ججز جون ذميواريون حيدر علي سميجو صاحب
۽ اياز امين ھنگورجو صاحب بھترين نموني سان نڀايون ـ پروگرام جي ميزباني کپرو جي لوڪل سماجي تنظيم آر ڊي سي او جي چيئرمين اقبال راڄڙ ۽ سندس ٽيم منظم طريقي سان نڀايون ـ
سائين ارباب علي سميجو صاحب پنهنجي صدارتي خطاب ۾ چيو ته مونکي تمام گهڻي خوشي ٿي جو ھنن پوئتي پيل يوسين ۾ شاگردن ۽ استادن جي محنت ساراھ جوڳي آھي ـ اڄ پروگرام ۾ سڀني شاگردن سٺو مقابلو ڪيو آـ ۽ اڄ جن شاگردن شرڪت ڪئي انهن مان شاگردياڻين ب ڀرپور نموني پاڻ ملھايو ٫ انهي مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسان جي ٻھراڙي ۾ شعور اچي رهيو آھي، سائين چيو ته اسان جو اهو مشن آھي ته ٻارن کي نصاب مطابق مڪمل تعليم ڏيون، سائين بهترين پروگرام ڪرڻ ۽ميزباني جون ذميواريون اقبال راڄڙ طرفان سنڀارڻ تي، اقبال ۽ باقي سڀني استادن، والدين ۽ ڳوٺاڻن جا ٿورا مڃيا، سائين ارباب علي سميجو چيو ته اڳ ۾ سائنسي ميلي جي ڪاميابي کان پوء مونکي اميد آھي ته منهنجا استاد ساڳي نموني سان هن ڪوئيز ڪامپيٽيشن کي به پنهنجي محنت سان ڪامياب ڪندا.
سائين چيو ته سڀ کان پهرين انهي سموري ڪم لاء ڪاميٽي جوڙي انهن کي مختلف ٽاسڪ ڏنا ويا، سموري پروگرام جي لاء SOPs ٺاهيا ويا. مختلف مضمونن مان سوال ٺاهي شرڪت ڪندڙ اسڪولن جي استادن کي ڏنا ويا.
تعلقي جي سمورن اسڪولن جي شرڪت کي يقيني بڻائڻ جي لاء يونين ڪائونسل سطح تي مقابلا ڪرايا ويندا. ھر يونين ڪائونسل مان کٽي آيل ٽيمن جي لاء آخر ۾ فائنل پروگرام، تعلقي سطح تي رکيو ويندو. جنھن ۾ تعلقي ليول تي بھترين اسڪول جي پوزيشن حاصل ڪندڙن ۾ ڪارڪردگي سرٽيفڪيٽ، ٽرافي ۽ ميڊل پڻ ڏنا ويندا.
Arbab Ali Samejo
Iqbal Rajar اوھانجي محنتن ۽ محبتن جا مقروض

Address

Village Sher Muhammad Mahar Tahsil Khipro Dist Sanghar
Khipro

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when GBPS Sher Muhammad Mahar posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share