JSSF Shah abdul Lataif University

JSSF Shah abdul Lataif University بھتر تعليم بھتر سياست

سنڌ جا باشعور شاگرد ساٿيو اچو شاگردن جي بنيادي حق وٺڻ لاءِ جساف جو حصو ٿيو

پريس پڌرائي 19 فيبروري 2024عسنڌوديش مقدر آ. سائين جي ايم سيد رھبر آ 16 فيبروري تي نصيرآباد ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ذريعي شھيد ڪيل ...
19/02/2024

پريس پڌرائي
19 فيبروري 2024ع

سنڌوديش مقدر آ. سائين جي ايم سيد رھبر آ

16 فيبروري تي نصيرآباد ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ذريعي شھيد ڪيل سينئر قومپرست اڳواڻ استاد ھدايت لوھار جي قتل خلاف جسقم آريسر مرڪز جي سنڌ ڀر ۾ اعلانيل احتجاجن جي نسبت سان جساف آريسر ضلعي لطيف يونيورسٽي طرفان جساف مرڪزي جنرل سيڪريٽري علي عمراڻي، جساف ڊپٽي چيف آرگنائيزر وقار بلو، منيب تنيو جي اڳواڻي ۾ اولڊ ڪينٽين کان ريلي ڪڍي مين گيٽ آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو،
احتجاج ۾ جساف (بشير خان) جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سميت سميت شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،

اڳواڻن ڳالھيندي چيو تہ
76 سالن جي اندر رياست خداداد جي نالي ۾ ھر جبر ڏاڍ ذريعي سنڌي ماڻھن کي ڌمڪائي خاموش ڪرائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي آھي، 16 تاريخ تي نصيرآباد جي اندر صبح جي پھر ۾ سينئر قومپرسٽ اڳواڻ ھدايت لوھار جي شھادت بہ فڪر جي ايم سيد ۽ وطن جي ڳالھ ڪندڙ باشعور فردن کي خاموش ڪرائڻ جي ناڪام ڪوشش آھي، جنھن ۾ رياست مڪمل ناڪامياب ثابت ٿي آھي،
جساف ايھو واضع موقف رکي ٿي تہ شھيد شفيع محمد ڪرناڻي کان ويندي شھيد ھدايت لوھار تائين ٽارگيث ڪلنگ ذريعي قتل ڪيل سمورن وطن پرستن جي شھادتن ٻٺيان سڌو رياست جو ھٿ آھي جيڪا وطن جي آزادي لاءِ عملي جدوجھد ڪندڙن کي رستي تان ھٺائڻ جي ھڪ ناڪامياب ڪڙي آھي، اوھان ھڪ ھدايت شھيد ڪندو اسين ھزار ھدايت وطن جي آزادي لاءِ پيدا ٿينداسين،
اڳواڻن وڌيڪ ڳالھائيندي چيو تہ
گذريل ڏينھن کان نصيرآباد ۾ شھيد جي نياڻين سورٺ ۽ سسئي لوھار سراپا احتجاج بڻيل آھن، اسين سنڌ جي شعور کي اپيل ٿا ڪيون تہ وڌ کان وڌ نصيرآباد باءِ پاس تہ لڳل ڌرڻي ۾ شرڪت ڪري پنھنجن جي واھر ڪيو ۽ پنھنجو قومي فرض نڀايو، (جساف) انساني حقن جي عالمي ادارن سميت دنيا جي سمورن عالمي ادارن ۽ سڌريل ملڪن کي اپيل ڪري ٿي تہ گذريل 76 سال کان سنڌ اندر پاڪستان جي نالي ۾ جاري انساني حقن جي لتاڙ ۽ سنڌي قوم جي نسل ڪشي، سنڌي سياسي ڪارڪنن جي جبري گمشيدگين تي نوٽيس وٺين ۽ سنڌ جي مڪمل قومي آزادي لاءِ پنھنجو عملي ڪردار نڀائين.

پريس ترجمان

جساف آريسر شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپورميرس

پريس پڌرائي 09 ڊسمبر 2023ع سنڌوديش مقدر آ. سائين جي ايم سيد رھبر آبھتر تعليم بھتر سياست اتر سنڌ جي عظيم درسگاھ شاھ عبدال...
09/12/2023

پريس پڌرائي
09 ڊسمبر 2023ع

سنڌوديش مقدر آ. سائين جي ايم سيد رھبر آ

بھتر تعليم بھتر سياست

اتر سنڌ جي عظيم درسگاھ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي ۾ بھتر تعليم ۽ بھتر مستقبل لاءِ اڄ انٽري ٽيسٽ جي موقعي تي قرب جا قدم کڻي ايندڙ نوجوانن کي لطيف يونيورسٽي جي پڌر تي اچڻ تي ڀليڪار ڪيون ٿا، سڀني لاءِ نيڪ تمنائون!

جساف آريسر اھو فيصلو ورتو آھي ته 2024 بيچ مان پاس ٿي ايندڙ شاگردن کي سندن ڪلاس رومن ۾ وڃي گلن جي ورکا ڪري کين ويلڪم ڪري سنڌ جي نمايان شاگرد جماعت جساف جو حصو ٿيڻ جي دعوت ڏينداسين!

جساف آريسر پنھنجيون سموريون توانايون، نتيجہ خيز عمل تي وقف ڪرڻ چاھي ٿي

نون ايندڙ شاگردن کي جساف نہ صرف ڀليڪار ڪندي پر سنڌ جي نمائندا سياست، فڪر جو حصو ٿيڻ جي دعوت ڏيندي
گڏوگڏ انھن کي وطن جي سلامتي ۽ آجپي لاءِ جدوجھد ۾ سھڪاري ٿيڻ لاءِ اُتساھيندي!

پريس ترجمان
جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف آريسر)
شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپورميرس

پريس پڌرائي 22 نومبر 2023عسنڌوديش مقدر آسائين جي ايم سيد رھبر آسائين جي ايم سيد نظرياتي ڪميٽي طرفان اڄ سائين جي ايم سيد ...
22/11/2023

پريس پڌرائي
22 نومبر 2023ع

سنڌوديش مقدر آ
سائين جي ايم سيد رھبر آ

سائين جي ايم سيد نظرياتي ڪميٽي طرفان اڄ سائين جي ايم سيد جي ڪتاب سنڌي ڪلچر جي باب ”ڪلچر ۽ ان جا ترڪيبي جزا “ تي اسٽڊي سرڪل ھلايو ويو، جنھن ۾ شاگردن وڏي انک ۾ شرڪت ڪئي،

آخر ۾ شاگردن طرفان سوالن جوابن جو سلسلو پڻ جاري رھيو،

پريس ترجمان
سائين جي ايم سيد نظرياتي ڪميٽي
شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپورميرس

پريس پڌرائي 20 نومبر 2023ع سنڌوديش مقدر آ. سائين جي ايم سيد رھبر آ بھتر تعليم. بھتر سياست شاھ عبداللطيف يونيورسٽي جي انت...
20/11/2023

پريس پڌرائي
20 نومبر 2023ع

سنڌوديش مقدر آ. سائين جي ايم سيد رھبر آ

بھتر تعليم. بھتر سياست

شاھ عبداللطيف يونيورسٽي جي انتظاميا مسلسل شاگرد دشمن فيصلن ڪرڻ ۾ اڳ کان اڳڀري رھي آھي، شاگردن مٿان ڪوڙي ڪيس، فيسن ۾ واڌاري کان پوءِ ھاڻ تازو ئي يونيورسٽي اندر سيمسٽر ويجھو ايندي ئي فيليوئر ۽ امپروؤر فارمن جي فيس کي 250 مان وڌائي 500 کان 600 تائين ڪيو ويو آھي جيڪو شاگرد دشمن تعيلم دشمن فيصلو آھي!

سنڌ جي قومي شاعر رھبر شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي نالي سان منسوب اتر سنڌ جي ھن يونيورسٽي ۾ پڙھندڙ شاگردن جي تعداد مان گھڻائي ڳوٺن ۾ رھندڙ شاگردن جي آھي جيڪي اڳ ئي يونيورسٽي جي ڳرين فيسن سبب گھڻن ئي پريشانين کي مُنھن ڏئين پيا مٿان يونيورسٽي انتظاميا جي ھن عمل شاگردن کي ذھني پريشانين سميت گھڻن ئي تڪليفن جي درياءِ ۾ اڇلڻ جھڙو آھي،

اسين لطيف يونيورسٽي جي وي سي سميت انتظاميا کي خبردار ٿا ڪيو تہ (پيپر فارمن) جي فيسن جي واڌاريہواري فيصلي کي جساف شاگرد دشمن فيصلو سمجھي ٿي انڪري انتظاميا ھوش کان ڪم وٺي ۽ پنھنجي ڪيل فيصلي تي نظرثاڻي ڪري واپس وٺي، ٻيءِ صورت جساف خاموش نہ رھندي جساف شاگرد دشمن پاليسين خلاف جدوجھد جي ميدان ۾ ھوندي،

پريس ترجمان
جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف)
شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپورميرس

پريس پڌرائي 31 آڪٽوبر 2023عسنڌوديش مقدر آ سائين جي ايم سيد رھبر آدائود يونيورسٽي ڪراچي جي شاگردن جون داخلائون رد ڪرڻ، ۽ ...
31/10/2023

پريس پڌرائي
31 آڪٽوبر 2023ع

سنڌوديش مقدر آ
سائين جي ايم سيد رھبر آ

دائود يونيورسٽي ڪراچي جي شاگردن جون داخلائون رد ڪرڻ، ۽ ڪراچي جي فيڪٽرين مان سنڌي مزدورن کي بيدخل ڪرڻ خلاف (جساف ب) ضلعي لطيف يونيورسٽي طرفان اولڊ ڪينٽين کان وٺي مين گيٽ تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو،
جنھن ۾ جساف آريسر جي وفد جساف ضلعي لطيف يونيورسٽي جي ڊپٽي چيف آرگنائيزر وقار بلو، منيب تنيو، احمد انڍڙ جي اڳواڻي ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي،

اڳواڻن ڳالھائيندي چيو تہ دائود يونيورسٽي انتظاميا طرفان سنڌي شاگردن سان تعصب پسند رويو رکي کين داخلائون رد ڪرڻ واري عمل کي شاگرد دشمن ۽ سنڌ دشمن عمل سمجھون ٿا، دائود يونيورسٽي جي انتظاميا کي چتاءُ ڏيون ٿا تہ سنڌي شاگردن جون رد ڪيل داخلائون بحال ڪيون وڃن ٻيءِ صورت کين خلاف سنڌگير احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي،
اڳواڻن وڌيڪ ڳالھائيندي چيو تہ ڪراچي جي فيڪٽرين ۾ سنڌي مزدورن سان ناانصافيون ۽ ڏاڍايون ڪنھن بہ صورت قبول ناھن، سنڌي مزدورن سان تعصب پرست رويو بند نہ ڪيو ويو تہ فيڪٽرين مالڪن خلاف سخت احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي!

پريس ترجمان
جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف آريسر)
ضلعو شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپورميرس

اها قوم ڪڏهن بہ ختم نٿي ٿي سگهي، جنهن جو نوجوان نسل پنهنجي وطن سان گڏ بيهڻ جي همٿ طاقت ۽ جرئت رکندو هجي. جساف سنڌ جي قوم...
29/10/2023

اها قوم ڪڏهن بہ ختم نٿي ٿي سگهي، جنهن جو نوجوان نسل پنهنجي وطن سان گڏ بيهڻ جي همٿ طاقت ۽ جرئت رکندو هجي. جساف سنڌ جي قومي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ نرسري جو ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏوگڏ تعليمي ادارن ۾ سنڌ جي شاگردن سان ٿيندڙ ناانصافين ۽ ناجائزين خلاف هر وقت ميدانِ عمل ۾ رهي آهي. اچو تہ انهيءَ جساف جو حصو ۽ ٻانهن ٻيلي بڻجي بهتر تعليم ۽ سياست سان پنهنجي حقن ۽ پنهنجي وطن جي وارثي لاءِ اُٿي کڙا ٿيون،
جساف ضلعي شاھ عبداللطيف يونيورسٽي طرفان جساف جي ويج واڌ ۽ قومي تحريڪ جي نرسري جساف جو نوجوانن کي حصو ڪرڻ لاءِ پھرين تاريخ بروز آڱارو کان ٽينءِ تاريخ بروز اربع تائين جساف جي ميمبرشپ مھم ھلائي ويندي (اولڊ ڪينٽين جساف اسٽال) تي ميمبر شپ ڪئي ويندي،
اسين اتر سنڌ جي عظيم درسگاھ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي جي سمورن باشعور شاگردن، شاگردياڻين کي (جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن) ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏيون ٿا، باشعور شاگردو اچو تہ بھتر تعليم بھتر سياست جي عنوان ھيٺ جساف جو حصو ٿي، تعليمي ادارن جي مالڪي سميت وطن جي قومي آزادي لاءِ پنھنجو ڀرپور عملي ڪردار ادا ڪيون..!

(جساف ميمبر شپ مھم)

آڱارو پھرين تاريخ کان اربع ٽينءِ تاريخ تائين
ميمبرشپ ڪرائڻ جو ھنڌ: جساف اسٽال اولڊ ڪينٽين

رابطي لاءِ

علي عمراڻي: 03055372051

وقار بلو: 03043961279

منيب تنيو: 03368952815

جساف آريسر ضلعو
شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپورميرس

Address

Shah Abdul Latif University
Khairpur Mirs

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when JSSF Shah abdul Lataif University posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share