04/06/2026
( ملير ڪراچي )
سنڌو ديش مقدر آ
سائين جي ايم سيد رھبر آ
4/ 6/ 2026/
جساف شھيد بشير خان ضلعي ملير پاران مونوٽيڪنيڪل ڪاليج رزاق آباد ۾ ( ايس ايس يو ) فورسز جي مداخلت ۽ قبضي خلاف
جساف مرڪزي ماليات سيڪريٽري عزادار چانڊيو
جساف ضلعي ملير جي صدر وھاب گبول
جساف ضلعي ملير جي نائب صدر ثاقب سنڌي جي اڳواڻي ۾ رزاق آباد مين اسٽاپ کان احتجاجي ريلي ڪڍي مونوٽيڪنيڪل ڪاليج آڏو ڌرڻو ھڻي احتجاجي مظاھرو ڪيو
جساف شھيد بشير خان جي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج اندر گزريل ڪيتري ئي عرصي کان ايس ايس يو فورسز جي غنڊن کي رھائش فراھم ڪري شاگردن کي تعليم کان سخت متاثر ڪيو ويو آھي.
مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ ايس ايس يو فورسز کي ڪلاس رومن ۾ رھائش ڏئي ھڪ اعلي تعليمي اداري جي ديوارن تي فوجي وردين جي چاڪنگ ڪري ڪاليج تي مڪمل قبضو ڪيو ويو آھي.
احتجاجي ڌرڻي ۾ جسقم ضلعي پريس سيڪريٽري ڀورل گبول
نعمان سنڌي ،فيض ھيسباڻي
سُميت جساف شھيد بشير خان جي ڪارڪنن وڏي انگ شرڪت ڪئي .
جساف شھيد بشير خان ضلعو ملير.