03/08/2023
✌✌✌
سنڌ ۽ لاڙڪاڻو انتظاميه ھڪ نااھل ۽ سست ثابت ٿي آھي!
اڄ کان گذر ٿي رھيو ھو ته جتي اسڪول جا ٻار، موڪل ٿيڻ کان پوء ٻاھر اچي رھيا ھئا ۽ والدين پنھنجن ننڍڙن ٻارن کي اسڪول وٺڻ آيا ھئا ته مون ڏٺو ته اسڪول جي روڊ تي ڪم ٿي رھيو ھو، جنھن ڪري اسڪول جي ٻارن ۽ سندن والدين کي اچڻ ۽ وڃڻ ۾ مشڪل پيش اچي رھي ھئي۔ جڏھن ته ھي روڊ لڳ ڀڳ ٻن مھينن کان اکڙيل ھو۔ ايترو وقت کان اسان جي انتظاميه اگھور ننڊ ۾ ستل ھئي۔ جيڪا سراسر ھڪ نااھلي ۽ منصوبندي کان خالي آھي۔ جن سان سنڌ حڪومت ڀري پئي آھي۔ تازو سنڌ جا سرڪاري توڙي غير سرڪاري اسڪول کلي چڪا آھن ته انتظاميه کي اھو روڊ ٺاھڻ ياد اچي ويو آھي۔ پر جيڪڏھن انتظاميه کي ان روڊ تي ڪم ڪرڻو ھو ته اسڪولن جي وقت جو خاص خيال رکڻ گھربو ھو يا وري اھو ترقياتي ڪم رات جي پھر ۾ ڪرڻ کپندو ھو۔ سو لاڙڪاڻو جي انتظاميه کي انھن ڳالھين تي نوٽيس وٺڻ گھرجي۔
~ڊاڪٽر مظھر مغل
#لاڙڪاڻو #سنڌ