22/07/2022
سنڌو انڊس لائيرس فورم طرفان ايندڙ خميس 28 جولاء تي منجهند هڪ وڳي سنڌ اسميبليء جي مکيه (مين) گيٽ آڏو احتجاج به ڪيو ويندو ۽ لکت ۾ چارٽر آف ڊيمانڊس پڻ پيش ڪيو ويندو ته (1) جيترا به غير ملڪي جن ۾ افغاني، بنگالي،برمي،ايراني ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا ۽ هت غير قانوني رهن پيا تن کي سپريم ڪورٽ جي ڏنل فيصلي تي عمل ڪرائيندي پنهنجن پنهنجن ملڪن ڏانهن واپس ڪيو وڃي۔ (2) پاڪستان جي ٻين صوبن ۽ بشمول ڪشميرين مٿان سنڌ ۾ ووٽ ڏيڻ، ملڪيت خريدڻ، PRC يا ڊوميسائل وغيره ڏيڻ تي مڪمل پابندي عائد ڪئي وڃي جنهن لاء آئين آرٽيڪل 15 ۽ 23 کي يا ته قانون سازي ڪري ختم ويو وڃي يا وري ترميمون ڪري مٿين نڪتن تي عمل ڪرايو وڃي، ان لاء سنڌ اسيمبلي شروعات ڪري۔ جي 3 مارچ 1943 تي سنڌ اسيمبليء جي پاس ڪرايل هڪ قرار داد تي هيء رياست چئن سالن کان پوء وجود ۾ اچي سگهي ٿي ته پوء هي مطالبا ڪيئن نٿا قابل عمل ٿي سگهن؟ بلڪل قابل عمل آھن صرف اسان سڀني کي همٿ جو مظاهرو ڪرڻو آ۔ سنڌ جي سڀني وڪيل ڀائرن کي نه صرف شرڪت لاء گذارش آ پر يقين آ ته سنڌ جي مسئلن تي اسان سڀ هڪ آواز هونداسين۔👏👏👏 @ سنڌ بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين سميت سنڌ بار ڪائونسل جي سڀني ميمبرن۔ @ سنڌ هاء ڪورٽ بار جي سڀني عهديدارن۔ @ ڪراچي بار جي سڀني عهديدارن۔ @ ملير بار جي سڀني عهديدارن سميت سڄي سنڌ جي وڪيل ڀائرن کي شرڪت لاء گذارش۔ ۔۔ نوٽ ريلي هڪ وڳي سٽي ڪورٽ کان رواني ٿيندي۔ 28 جولاء خميس ڏهاڙي۔ سنڌو انڊس لائيرس فورم