سماٽ راڄوڻي سٿ

  • Home
  • سماٽ راڄوڻي سٿ

سماٽ راڄوڻي سٿ اسانجو مقصد جنھن ۾ اوهان سماٽن جي سھائتا گُھربل آهي

1 = سماٽ جي قومي سڃاڻپ جي بحالي

2 = سماٽ جي وطن تي خودمختياري

3 = سماٽڪي ثقافت جي بقاء

هوڪو📢!پنجاب پنھنجي بالادستي کي طول ڏيڻ لاءِ سڀ کان پھريان بنگال کي ٽوڙي الڳ ڪري ڇڏيو ڇاڪاڻ ته اڪيلو بنگال هاڻوڪي سموري پ...
03/08/2026

هوڪو📢!
پنجاب پنھنجي بالادستي کي طول ڏيڻ لاءِ سڀ کان پھريان بنگال کي ٽوڙي الڳ ڪري ڇڏيو ڇاڪاڻ ته اڪيلو بنگال هاڻوڪي سموري پاڪستان جي آباديءَ جي برابر بيٺل هيو، تنھن کان پوءِ پنجاب عالمي قوتن سان ڳٺجوڙ ڪندي سدائين سنڌ جي موجوده بيھڪ سان هٿچراند ڪندو ٿو اچي جڏهن ته اسانجون حدون ڪوٽ مٺڻ کان لسٻيلي ۽ جيسلمھر سميت رڻ ڪڇ تائين هيون،
تنھن ھوندي به اسان زهر جو پيالو پيئون ويٺل آهيون
پر جي پنجاب سامراج عالمي سامراجي قوتن سان ڳٺجوڙ ڪندي موجوده سنڌ جي بيھڪ ۾ وڍٽڪ طرف وڃي ٿو ته هن ڀيري رڳو پنجاب ويندڙ ڪمون شھيد، مريد شاخ، کنڀڙا، ڪشمور، ديراموڙ وارا لنگھ نه پر پنجاب سان ڳنڍيل سنڌ جي لڳ ڀڳ 150 ڪلوميٽر سرحد کي بند ڪيو ويندو!
ان ڪم لاءِ سموري سنڌ جا غيرتمند سماٽ توڙي غير سماٽ ٻچڙا ذهني طور هرطرح جي ردعمل لاءِ تياري شروع ڪن.


سنڌ ۾ انتظامي يونٽ توڙي نوان صوبا سماٽ (سنڌي) توڙي غير سماٽ ڪنھن به شڪل ۾ قبول نه ڪندا،اسين سمجھون ٿا ته ڪئنالن جي معامل...
01/08/2026

سنڌ ۾ انتظامي يونٽ توڙي نوان صوبا سماٽ (سنڌي) توڙي غير سماٽ ڪنھن به شڪل ۾ قبول نه ڪندا،
اسين سمجھون ٿا ته ڪئنالن جي معاملي تان ڌيان هٽائڻ لاءِ سنڌ ۾ موجود جڙتو بلوچ نسل پرست ٽولي،چاٻي تي هلندڙ نسل پرست مھاجرن توڙي نون صوبن جو بيانيو محض شوشو ڇڏيو ويو آهي ته جئين پنجاب پنھنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب ٿي سگھي پر پنجاب سميت هر ڪاڻي اک کي واضح چتاءُ ٿا ڏيون ته سنڌو ندي توڙي سنڌ جي وحدانيت تي وار قطعي ناقابلِ برداشت عمل آهي، اهڙي ناپاڪ حرڪت کي سنڌ جو هر باشعور فرد کليل جنگ جو نياپو سمجھندو...


29/06/2026

اسان هن زميني گرھ تي ڪنھن به قوم جا حزب اختلاف ناهيون، اسانجو جھيڙو اصولن جي اَئِيري تي بيٺل آهي، پوءِ ان ۾ پنھنجا اچن يا پراوا ڪنھن لاءِ ڪا ڇڏڇوٽ ناهي
قومپرستي جو اَئِيرو ٻولي، تھذيب، ثقافت ۽ وطن جي هر حال ۾ رڇا ڪرڻ هجي ٿو ،نه ڪي وحشياڻي صفتن جي پالڻا ڪرڻ
اسان سمجھون ٿا ته هي تازو بلوچستان ۾ ٿيل جانورپڻو ڪنھن آزادي پسند جو گڻ ٿي نٿو سگھي!
هي سنڌ مان ويل ڪٽنب ڪنھن رياستي يا ذاتي ڪاروبار ڪرڻ لاءِ نه پر گھمڻ ويل هيو ته جئين بلوچستان جي خوبصورتي مان لطف اندوز ٿيئجي
بلوچ قوم مٿان فرض کان مٿاهون عمل هيو ته وٽن آيل مھمانن جي خاطرداري ڪري پنھنجو مھمان نوازي وارو اجرو لڇڻ سموري خطي ۾ واضح ڪن ها، پر سمورو عمل انجي ابتڙ ٿيو
تنھن ھوندي به هر پاسي جون اڱريون بلوچن طرف ويندڙ آهن، هاڻ بلوچن تي سوايو وزن آهي ته هو پنھنجي قومپرستي واضح ڪن ۽ اصل قاتل وائکا پڻ.

انسان جڏهن پنھنجي اصل کان لاتعلق ٿئي يا حالاتن جي ستم ظريفي سبب تاريخ ميسارجي وڃي ته پوءِ پاڻکي هر ڏاڍي سان ڳنڍڻ جي ڪوشش...
21/06/2026

انسان جڏهن پنھنجي اصل کان لاتعلق ٿئي يا حالاتن جي ستم ظريفي سبب تاريخ ميسارجي وڃي ته پوءِ پاڻکي هر ڏاڍي سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ۾ رهي ٿو
ماضيءَ جي ستمن سبب سماٽ قوم جي عظيم تاريخ کي عربن ۽ رهيل ڪھيل کي وري ارغونن تباھ ڪيو ته انکان پوءِ سماٽن پاڻکي عربن، بلوچن، توڙي افغانين يا ايرانين جي باقيات سڏائڻ شروع ڪيو
جڏهن ته سماٽ پاڻ هڪ عظيم ورثي جا خالق ٿي رهندڙ قوم هئا
ڊانسنگ گرل جي تصوير توڙي موهن جي دڙي مان ملندڙ رانديڪا ان ڳالھ جو دليل آهن ته ست هزار سال اڳ به اسين مرد توڙي عورت جي صنفي متڀيد جھڙي لعنت کان پري هئاسين
جڏهن ته يورپ سميت سمورو عرب خطو سدائين عورت دشمن رهيو آهي
عربن جيڪا توهين عورت ذات جي ڪئي آهي انجا مثال شايد ٻئي هنڌ ڏسڻ وٽان هجن
سماٽ جيڪي حالت جنگ ۾ به عورتن جي لڄ پاڙڻ کي غيرت جو اصول ڪري رکندا هئا تن پاڻکي ان عربن سان ٿي ڳنڍيو جيڪي غلام ڪيل عورتن جون ڇاتيون ننگـيون رکندا هئا
۽ اهڙو ڪڌو عمل سموري يورپ ۾ پڻ رهيو آهي
اسان سماٽ جيڪي پالتو ڪتو به مرڻ کان پوءِ دفن ڪريون ٿا سي تن عربن سان وڃي شجرا ڳنڍن پيا جيڪي انسانن جا وڍيل سر نيزن تي اڀا ڪري رکڻ ۾ فخر ڪندڙ هئا
بلوچ جيڪي هن ايڪيھين صديءَ ۾ به عورت دشمن فطرت تي بيٺل آهن ڪيترائي پنھنجي عظيم تاريخ کان اڻواقف سماٽ پاڻکي تن سان پڻ ڳنڍين ٿا
حقيقت اها آهي ته سماٽ دنيا جي عظيم تھذيب اڏيندڙن منجھان هڪ باڪردار قوم رهي آهي.

بکايل ٻار،لٽن کان آجي عورت ۽ اڳواڻ کان وانجھيل قوم جي نفسيات ۾ هڪجھڙائي هجي ٿي بکايل ٻار کي جڏهن ماني ملي ٿي ته هو چونڊ ...
05/06/2026

بکايل ٻار،لٽن کان آجي عورت ۽ اڳواڻ کان وانجھيل قوم جي نفسيات ۾ هڪجھڙائي هجي ٿي
بکايل ٻار کي جڏهن ماني ملي ٿي ته هو چونڊ ۽ انتظار کان سواءِ ان ڏانھن هٿ وڌائي ٿو، ۽ لٽن کان آجي عورت به پنھنجي اوگھڙ ڍڪڻ لاءِ جيڪا شيءِ پھرين هٿ اچي تنھن کي ڪتب آڻڻ ۾ دير نٿي ڪري.
قومن جي تاريخ ۾ به اهڙي صورتحال تڏهن جنم وٺندي آهي جڏهن اهي پنھنجي سچي، باصلاحيت ۽ گڏيل قيادت کان محروم ٿي وڃن، پوءِ سندن اڳيان چونڊن جا در بند ٿي وڃن ٿا ۽ هو هر ان شخص جي پٺيان هلڻ لڳن ٿا جيڪو کين نجات يا رهنمائي جو آسرو ڏيکاري
سماٽ قوم جي گذريل پنج سئو سالن جي تاريخ به اهڙي بي وسيءَ جو عڪس پيش ڪري ٿي، جتي اها ڪڏهن سيدن، ڪڏهن ارغونن، ڪڏهن ميرن، انگريزن، بلوچن يا پنجابين جي سياسي ۽ سماجي اثر هيٺ رهندي پئي اچي ، ڇاڪاڻ⁠ تہ پنھنجي اجتماعي قيادت جي کوٽ کيس مستقل خودمختيار فڪر ۽ رستي کان محروم رکيو.

بکايل ٻار،لٽن کان آجي عورت ۽ اڳواڻ کان وانجھيل قوم جي نفسيات ۾ هڪجھڙائي هجي ٿي
بکايل ٻار کي جڏهن ماني ملي ٿي ته هو چونڊ ۽ انتظار کان سواءِ ان ڏانھن هٿ وڌائي ٿو، ۽ لٽن کان آجي عورت به پنھنجي اوگھڙ ڍڪڻ لاءِ جيڪا شيءِ پھرين هٿ اچي تنھن کي ڪتب آڻڻ ۾ دير نٿي ڪري.
قومن جي تاريخ ۾ به اهڙي صورتحال تڏهن جنم وٺندي آهي جڏهن اهي پنھنجي سچي، باصلاحيت ۽ گڏيل قيادت کان محروم ٿي وڃن، پوءِ سندن اڳيان چونڊن جا در بند ٿي وڃن ٿا ۽ هو هر ان شخص جي پٺيان هلڻ لڳن جيڪو کين نجات يا رهنمائي جو آسرو ڏيکاري
سماٽ قوم جي گذريل پنج سئو سالن جي تاريخ به اهڙي بي وسيءَ جو عڪس پيش ڪري ٿي، جتي اها ڪڏهن سيدن، ڪڏهن ارغونن، ڪڏهن ميرن، انگريزن، بلوچن يا پنجابين جي سياسي ۽ سماجي اثر هيٺ رهندي پئي اچي ، ڇاڪاڻ⁠ تہ پنھنجي اجتماعي قيادت جي کوٽ کيس مستقل خودمختيار فڪر ۽ رستي کان محروم رکيو.

02/06/2026

سماٽ قوم جو گڻ رهيو آهي ته هو مذهبي معاملن ۾ ڪڏهن به شدت پسند ناهن رهيا، سماٽن جي گھڻائي مسلمان ۽ پنھنجي دين سان پيار ڪندڙ آهي ۽ ان سان گڏوگڏ پنھنجي هزارين سالن تي ٻڌل ثقافت کي به سيني ۾ سانڍيون پئي اچي تنھنڪري مذهبي اڳواڻن کي به ثقافتي اهڃاڻن تي ڳالھائڻ مھل احتياط ڪرڻ گھرجي.

گذريل ويھن سالن کان لالا سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان وڻ وڍي رهيا آهن جيڪي اسانجا سنڌي ڀائر خوشيءَ سان وڪرو ڪن ٿاانکان اڳ هر هاريء...
31/05/2026

گذريل ويھن سالن کان لالا سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان وڻ وڍي رهيا آهن جيڪي اسانجا سنڌي ڀائر خوشيءَ سان وڪرو ڪن ٿا
انکان اڳ هر هاريءَ جي ٻني تي چار/پنج ٽالھي،ٻٻر ،ٻير يا ڪنڊيء وغيره جا وڻ لازمي هوندا هئا
پانڌيئڙا واٽ ۾ ٿڪ ڀڃڻ لاءِ ٻنن تي سڪون وٺي پوءِ سفر شروع ڪندا هئا
پر گذريل ٻن ڏهاڪن کان بک جي لالچ سنڌ جي هارين جي ٻني سميت ٻيلن کي به اجاڙي ڇڏيو آهي ،اهوئي ڪارڻ آهي جو گرمي پد 50° کان به مٿي ٿي ويو آهي
وڻڪاري جو خاتمو ڪري ايئرڪنڊيشنر تي ڀاڙڻ جي ڪوشش دراصل فطرت سان هٿچراند آهي جيڪا نه رڳو گرمي پد پر درجنين بيمارين جو ڪارڻ پڻ بڻجي رهي آهي
سماٽ قوم جي فردن تي فرض ٿو ٿئي ته هرهڪ فرد هڪ عدد ٽالھي،ڪنڊي ۽ نم جو وڻ هرسال لڳائي ته جئين سون ورني سنڌ سائي رنگ سان هٻڪي اٿي.

برصغير ۾ سڀ کان وڌيڪ حملا ٿيا آهن ته اهي سنڌ تي ٿيا آهن، پر تن ماضيءَ جي حملن جي واردات ۽ موجوده حملن جي واردات ۾ فرق اچ...
23/05/2026

برصغير ۾ سڀ کان وڌيڪ حملا ٿيا آهن ته اهي سنڌ تي ٿيا آهن، پر تن ماضيءَ جي حملن جي واردات ۽ موجوده حملن جي واردات ۾ فرق اچي ويو آهي
ماضيءَ جا حملا رڳو بادشاهن جي حڪومتن جي حد تائين موجود هئا، جڏهن ته ڪلھوڙن فقيرن جي دور کان سنڌ ۾ نه رڳو بادشاهي تسلط پر ڌاري آبادڪاري جھڙا هاڃيڪار هٿيار پڻ استعمال ڪيا ويا جن ۾ خاص ڪري بلوچن لاءِ سنڌ جا در کوليا ويندي انگريز راڄ تائين
1947 عيسويءَ کان سنڌ جو پنجاب جي ماتحت اچڻ کانپوءِ ون يونٽ جي نالي بنگالين، ڪشميرين، گلگتين،پختونن ،بلوچن، پنجابين سميت هر ٻي قوم کي سنڌ جي مکيه شھرن ۾ آباد ڪيو ويو
ڀٽو صاحب جي ڏنل 73 واري آئين لکت جي شڪل ۾ سنڌ کي پاڪستاني قومن لاءِ هڪ سيلاني جو دسترخوان بڻائي ڇڏيو ته وري سائين جيئم سيد جي ڏنل سنڌ جي آزاديءَ واري نظريي پڻ سنڌي قوم جي وصف سنڌ کي دنيا جي تڙيل لوڌ لاءِ عالمي يتيم خانو بڻائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي جنھن جو سڀ کان وڏو فائدو بلوچ ڀائرن ورتو جيڪي اڄ بلوچيت جي نانگ ۾ زهر ڀري رهيا آهن ۽ سموري سنڌي قوم ڀٽو صاحب ۽ سيد سڳوري جي مھربانين کي ڀڳتڻ تي مجبور بڻيل آهي
موجوده حڪومتن جون تيار ٿيندڙ ترميمون دراصل ڀٽو صاحب ۽ سيد سڳوري جي خوابن جي تڪميل ئي ڪندڙ آهن جو هاڻ سنڌ کي لساني بنيادن تي ڀاڱا ڀاڱا ڪرڻ جا سانباها ٿي رهيا آهن
پر اسان اهو واضح ڪرڻ ٿا چاهيون ته سنڌ (جنھن جا ڪجھ ڊويزن هندستان، بلوچستان ۽ پنجاب ۾ به آهن) جي ونڊ ڪنھن به صورت ۾ قبول نه ڪبي، سنڌ پنھنجي جوهر ۾ سماٽن جو ڏيھ هيو آهي ۽ رهندو، پنجاب جي ھشِيءَ تي ڪڏندڙ 1947 کان مھاجر هجن يا 80 جي ڏهاڪي کان ايندڙ افغاني هجن يا وري بلوچ گروھ، پر سنڌ جا غيرتمند ٻچڙا سماٽ توڙي غير سماٽ سنڌ جي ونڊ پنجاب جي ڳچيءَ ۾ مڇي جو ڪنڊو ثابت ڪندا ، تنھنڪري اهڙين غيرفطري حرڪتن کان پاسو ڪيو وڃي.

توسيع پسندي اُن دلفریب ڌٻڻ جو نالو آهي، جيڪا شروعات ۾ ساوڪ وانگر نظر اچي ٿي، پر اندر ئي اندر انسانيت جي پيرن کي اهڙيءَ ر...
15/05/2026

توسيع پسندي اُن دلفریب ڌٻڻ جو نالو آهي، جيڪا شروعات ۾ ساوڪ وانگر نظر اچي ٿي، پر اندر ئي اندر انسانيت جي پيرن کي اهڙيءَ ريت ڳڙڪائي ٿي، جيئن خاموش دلدل رات جي اوندھ ۾ مسافر کي ڳھي وڃي
اها فقط زمينن تي قبضا ڪرڻ جو نالو ناهي،اها ذهنن، جذبن، عقيدن، ٻولين، ثقافتن ۽ خوابن تي راڄ ڪرڻ جي بيماري آهي
جڏهن ڪو فرد، قوم يا سلطنت پنھنجي پاڇي کي سج کان وڏو سمجھڻ لڳي، تڏهن تاريخ جي پيشانيءَ تي رت جا ڌٻا اڀرڻ شروع ٿيندا آهن
هيءَ دنيا اصل ۾ گلن جي باغ وانگر هئي، جتي هر قوم، هر مذهب ۽ هر تھذيب پنھنجي خوشبوءَ سان ڌرتيءَ کي پئي هڳاء بخشيو پر توسيع پسندي اُن باھ وانگر آهي جيڪا خوشبوءَ بدران دونھون نٿي ڇڏي
اها انسان جي اندر ويٺل انا جي اهڙي بکايل ٻگھڙ آهي، جيڪا پنھنجي بک مٽائڻ لاءِ ٻئي جي وجود کي چيري ڦاڙي ڇڏڻ ۾ دير نٿي ڪري
جڏهن اقتدار جو نشو رڳن ۾ زهر بڻجي ڊوڙندو آهي، تڏهن عقل جا ڏيئا هڪ هڪ ڪري وسامڻ لڳندا آهن، ۽ جنونيت جا الو اوندھ ۾ اکيون کوليندا آهن
ڪنھن سلطنت مذهب جي جھنڊي هيٺ تلوار کنئي، ڪنھن قوم وطن جي محبت کي نفرت جي باھ بڻايو، ڪنهن نسل پنھنجي رت کي پاڪ سمجھي ٻين جي وجود کي ڌوڙ بڻائڻ گھريو ته ڪنھن حڪمران پنھنجي نالي کي سج بڻائڻ لاءِ لکين زندگيون ساڙي ڇڏيون
ظاهري چھرو ڀلي عقيدي جو هجي، قومپرستيءَ جو هجي يا شخصيت پرستيءَ جو، پر اندر جو چھرو گھڻو ڪري ساڳيو هوندو آهي: “مان وڌيڪ، مان مٿانھون ، مان ئي سڀ ڪجھ .”
توسيع پسندي اُن اجگر وانگر آهي جيڪو پھرين ٻين کي ڳڙڪائي ٿو پوءِ آخرڪار پنھنجو ئي جسم چٻاڙڻ لڳي ٿو، دنيا جا وڏا وڳوڙ، جنگيون ۽ قتلِ عام گھڻو ڪري انھيء نفسيات جا ٻچا آهن
جڏهن ڪنھن قوم جي نصاب ۾ انسانيت بدران برتريءَ جا سبق پڙهايا وڃن، جڏهن ڪنھن وطن جي محبت کي ٻين جي وجود جي انڪار سان ماپيو وڃي، تڏهن ڌرتي قبرستانن جي موسم ۾ داخل ٿي ويندي آهي.
انسان جڏهن پنھنجي سچ کي ئي آخري سچ سمجھڻ لڳندو آهي، تڏهن گفتگو جا در بند ٿي ويندا آهن، پوءِ لفظن جي جاءِ تي بارود ڳالھائيندو آهي، پوءِ قلم جي مس رت ۾ تبديل ٿي ويندي آهي، ڪتابن مان فڪر جا گل سڪي ويندا آهن، ۽ انھن جي پنن تي جنگ جا نقش ٺھڻ لڳندا آهن
توسيع پسندي اصل ۾ فڪر جي اها بيماري آهي جتي انسان پاڻ کي محور سمجهي ٿو ۽ باقي دنيا کي پنھنجي چوڌاري ڦرندڙ بي جان سيارا،
مذهبي توسيع پسنديءَ جي تاريخ ڏسو ته مندرن، مسجدن، گرجائن ۽ عبادتگاهن جا مينار به ڪڏهن ڪڏهن رت جي دونھي ۾ لِڪيل نظر ايندا. خدا، جيڪو محبت جو استعارو هو انسان پنھنجي حرص جي هٿيار طور استعمال ڪيو. عقيدن جي باغ ۾ جتي دعا جي پکين کي ڳيچ ڳائڻ گھرجن ها، اُتي نفرت جا ڳجھ لھڻ لڳا
ماڻھو جنت ماڻڻ لاءِ زمين کي دوزخ بڻائڻ لڳا،ڪنھن چيو منھنجو خدا وڏو، ڪنھن چيو منهنجو رستو آخري؛ ۽ انھيءَ “منهنجي” جي ننڍڙي لفظ دنيا کي وڏين جنگين ۾ ڌڪي ڇڏيو.
قومي ۽ وطني توسيع پسندي به ڪا گھٽ خطرناڪ ناهي، وطن سان محبت ته ڌرتيءَ جي مٽيءَ جھڙي پاڪ شئي آهي، پر جڏهن اها محبت ٻين وطنن لاءِ نفرت بڻجي وڃي، تڏهن اها گل بدران ڪنڊو ٿي پوي ٿي،قومپرستي جڏهن توازن وڃائي ويھندي آهي، تڏهن سرحدون فقط نقشن تي نه، پر دلين تي به ڪڍيون وينديون آهن، پوءِ انسان انسان نه رهندو آهي؛ هو فقط ڪنھن جھنڊي جو پاڇو بڻجي ويندو آهي ۽ جھنڊن جا پاڇا جڏهن هڪ ٻئي سان ٽڪرائبا آهن، تڏهن ڌرتيءَ جو سينو درد ڪارڻ ڦاٽي پوندو آهي
شخصي توسيع پسندي شايد سڀ کان وڌيڪ خاموش زهر آهي، ڪي ماڻھو پنھنجي خواهشن کي ڪائنات جو مرڪز سمجھن ٿا، هو رشتن کي به سلطنتن وانگر هلائڻ چاهين ٿا. محبت ۾ به قبضا، دوستيءَ ۾ به حڪمراني، ۽ خلوص ۾ به برتري ڳولين ٿا. اهڙا ماڻھو ٻين جي جذبن کي پنھنجي انا جي زنجيرن ۾ ٻڌڻ چاهين ٿا ته پوءِ محبت به قيدخانو بڻجي پوي ٿي، ۽ رشتا به جنگي ميدان
اصل مسئلو طاقت ۾ ناهي، مسئلو طاقت جي بک ۾ آهي، باھ جيڪڏهن چلھي ۾ هجي ته ماني پچائي ٿي، پر ساڳي باھ جيڪڏهن ٻيلي ۾ لڳي ته هزارين وڻ ساڙي ڇڏيندي آهي،اهڙيءَ طرح اقتدار، عقيدو، وطن يا شخصيت جيڪڏهن توازن ۾ هجن ته خوبصورتي پيدا ڪن ٿا، پر جڏهن انھن ۾ توسيع پسنديءَ جو زهر ملي وڃي، تڏهن اهي انسانيت جي رڳن ۾ موت بڻجي ڊوڙن ٿا.
دنيا کي تباھ ڪندڙ جنگيون فقط هٿيارن سان ناهن وڙهيون وينديون، انھن جي شروعات ذهنن ۾ ٿيندي آهي. جڏهن ڪنھن ٻار جي ذهن ۾ اهو وڌو وڃي ته “تون ٻين کان بھتر ۽ بھترين جي اولاد آهين”، تڏهن مستقبل جي جنگ جو پھريون پٿر رکجي ويندو آهي. جڏهن ڪنھن قوم کي پنھنجي تاريخ فقط فتوحات جي عينڪ سان پڙهائي وڃي، تڏهن هو انسانيت جي گڏيل تڪليفن کي وساري ويھندي آهي، پوءِ ٻاجھ ڪمزوري لڳندي آهي، ۽ طاقت ئي واحد سچ.
پر ڌرتيءَ جي حسن جو راز ته تنوع ۾ آهي. باغ ۾ جيڪڏهن فقط هڪ ئي رنگ جا گل هجن، ته بھار اڻپوري لڳندي آهي، سمنڊ ۾ جيڪڏهن فقط هڪ ئي لھر هجي ته موسيقي ختم ٿي ويندي آهي
انسانيت جو حسن به مختلف سوچن، ٻولين، عقيدن ۽ ثقافتن ۾ سمايل آهي. توسيع پسندي انھيءَ رڱا رڱيءَ کي هڪ ئي رڱ ۾ رڱڻ جي ڪوشش آهي ۽ فطرت کي يڪسانيت ڪڏهن به قبول ناهي هوندي.
انسان کي شايد سڀ کان پهرين پنھنجي اندر جي سلطنت فتح ڪرڻي پوندي. ڇوته جيڪو پنھنجي انا تي حڪومت نٿو ڪري سگھي اهو دنيا تي حڪومت ڪري به تباهي ئي آڻيندو
اصل عظمت ٻين کي جھڪائڻ ۾ ناهي، اصل عظمت ٻين کي جيئڻ ڏيڻ ۾ آهي، محبت جو وڻ اُن وقت وڏو ٿيندو آهي، جڏهن ان جي پاڙن ۾ برداشت جو پاڻي وڌو وڃي
توسيع پسنديءَ جي دلفریب ڌٻڻ مان نڪرڻ لاءِ انسان کي پنھنجي شعور جا ڏيئا ٻيھر ٻارڻا پوندا، ڇو ته جڏهن عقل جا سج اڀرندا آهن، تڏهن جنونيت جا پاڇا پاڻمرادو سُڪي ويندا آهن. ۽ شايد انهيءَ ڏينھن ڌرتي ٻيھر باغ بڻجي سگھي، جتي قومون تلوارن بدران لفظن سان ملنديون، جتي مذهب نفرت بدران محبت سيکاريندا، ۽ جتي انسان پنھنجي برتريءَ بدران پنھنجي انسانيت تي فخر ڪندو.

دنيا ۾ هڪ ئي قوم ۽ وطن هڪ کان وڌيڪ سڃاڻپون رکي سگھن ٿيونجنھنجي مثال ڪارڻ ڀارت، سريلنڪا، هالينڊ ،چين ،جاپان، مصر،يونان، ا...
08/05/2026

دنيا ۾ هڪ ئي قوم ۽ وطن هڪ کان وڌيڪ سڃاڻپون رکي سگھن ٿيون
جنھنجي مثال ڪارڻ ڀارت، سريلنڪا، هالينڊ ،چين ،جاپان، مصر،يونان، ايران ،برما، ٿائيلينڊ وغيره مٿڀرا آهن
اهڙي ريت قومن جا به هڪ کان وڌيڪ نالا ٿيو پون
اهڙي ريت سماٽ قوم کي سنڌي قوم چوڻ به هڪ ئي ڳالھ آھي، سنڌ وطن به سماٽ وطن ئي سمجھيو وڃي، نه ڪي جڳ جي تڙيل قومن جو عالمي يتيم خانو
سامراجي ڌرين جي قبضاگيري واري تشريح قومن جي بنيادي حقن تي نه رڳو راتوهو ٿا سمجھون،گڏوگڏ قومي تشخص جي موت پڻ
سنڌ ۾ رهندڙ سموريون (بلوچ، مھاجر، پٺاڻ، پنجابي ،براهوي وغيره) اسانجون پاڙيسري قومون آهن پر کين سنڌي چئي سماٽن جي سڃاڻپ کي ڇيھو رسائڻ واري رٿابندي کي هاڻ بند ٿيڻ گھرجي.

Address


Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when سماٽ راڄوڻي سٿ posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Organization

Send a message to سماٽ راڄوڻي سٿ:

Shortcuts

  • Want your organization to be the top-listed Government Service?

Share