Kandhkot News Forum

Kandhkot News Forum All authentic news will be shared

23/08/2026

ڪرپشن جو بيتاج بادشاھ بڻيل هيڊ ماستر دريا خان باجڪاڻي هاءِ اسڪول شيران ڀيو. اسڪول ۾ سهولتون ڏيڻ لاءِ چوڻ تي استادن ڳوٺاڻن کي سرعام ڌمڪيون ڏيندي. هي تعليم کاتي جي اعلي عملدارن لاءِ سواليا نشان

ڪنڌڪوٽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول شيران ڀيو ڪئمپس ۾ ايس ايس بي فنڊ اسڪول مٿان خرچ نه ٿي سگهي اسڪول جي فنڊ مان ھيڊ ماستر 24 لک 6...
23/08/2026

ڪنڌڪوٽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول شيران ڀيو ڪئمپس ۾ ايس ايس بي فنڊ اسڪول مٿان خرچ نه ٿي سگهي اسڪول جي فنڊ مان ھيڊ ماستر 24 لک 67 ھزاري 2 سو ڪڍرائي ورتا ڳوٺاڻن ۽ اسڪول جي استادن پاران ڪم نه ڪرائڻ تي شڪايتون ڪرڻ تي ھيڊ ماستر بوکلاھٽ جو شڪار ھيڊ ماستر درياهه خان باجڪاڻي ڪمپلين ڪندڙ ڳوٺاڻن جي فيملي جي ريگولر استادن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو جڏهن ته ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته اسان ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ، ڊي او سيڪنڊري ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ، اينٽي ڪرپشن ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ، ڊائريڪٽر ايجوڪيشن لاڙڪاڻو، ڊائريڪٽر جنرل انڪوائريز اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ سنڌ ، سيڪريٽري تعليم سنڌ کي به ڪمپلين ڪيون آهن اسڪول ۾ 42 استاد آھن پر اسڪول ۾ ڪا به سهولت موجود نه آهي ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته جيستائين اسڪول جو بجيٽ اسڪول مٿان خرچ نه ٿيندو تيستائين ڪوشش جاري رھندي.

ڊاڪٽر مرڪ الٰهي بڪڪ: محنت، عزم ۽ ڪاميابيءَ جو روشن مثالدبئي: ڪاميابي منزل نه پر هڪ ڊگهي سفر جو نالو آهي، ۽ ان سفر کي سچي...
03/06/2026

ڊاڪٽر مرڪ الٰهي بڪڪ: محنت، عزم ۽ ڪاميابيءَ جو روشن مثال

دبئي: ڪاميابي منزل نه پر هڪ ڊگهي سفر جو نالو آهي، ۽ ان سفر کي سچي لگن، محنت ۽ ثابت قدمي سان ڪيئن طئي ڪيو وڃي، ان جو بهترين مثال دبئي (متحده عرب امارات) ۾ رهندڙ عالمي ڪاروباري شخصيت ڊاڪٽر مرڪ الٰهي بڪڪ آهي.

ڊاڪٽر مرڪ الٰهي بڪڪ، جيڪا ڀوراني بڪڪ انٽرپرائزز جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر (CEO) آهي، عالمي ڪاروبار، سيڙپڪاري ۽ رئيل اسٽيٽ شعبي ۾ نمايان حيثيت رکي ٿي. هن پنهنجي صلاحيتن، محنت ۽ ويزن جي بنياد تي دبئي ۾ ڪاروباري دنيا ۾ اهم مقام حاصل ڪيو آهي ۽ بين الاقوامي سطح تي ڪاميابين جا نوان باب رقم ڪيا آهن.

ڊاڪٽر مرڪ الٰهي جو شاندار سفر نوجوان نسل لاءِ هڪ رهنمائي ڪندڙ مثال آهي، جيڪو اهو پيغام ڏئي ٿو ته مسلسل محنت، عزم ۽ مقصد سان وابستگي انسان کي بلندين تائين پهچائي سگهي ٿي. سندس شخصيت ۽ پيشاور ڪاميابيون نه رڳو پاڪستان پر سڄي قوم لاءِ فخر جو باعث آهن.

ڪاروباري دنيا ۾ سندس خدمتن ۽ قيادت کي عالمي سطح تي ساراهيو وڃي ٿو، جڏهن ته هوءَ پاڪستان جي مثبت سڃاڻپ کي بين الاقوامي فورمن تي اجاگر ڪرڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي.

ڊاڪٽر مرڪ الٰهي بڪڪ جي ڪاميابين مان اهو سبق ملي ٿو ته محنت، ايمانداري ۽ عزم سان هر خواب کي حقيقت جو روپ ڏئي سگهجي ٿو، ۽ اهڙيون شخصيتون قومن جو قيمتي سرمايو هونديون آهن.

Address

Kandhkot

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Kandhkot News Forum posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share