PrSF MUET

PrSF MUET Official page of PrSF MUET,
A student organization raising voices for student rights at Muet Jamshoro

13/09/2026

پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن مھراڻ يونيورسٽي عوامي ورڪرز پارٽي (مارڪسسٽ) جي سنڌ بچايو مارچ تي ٿيندڙ پوليس گردي ۽ پارٽي اڳواڻن جي گرفتاري جي سخت لفظن ۾ مزمت ڪري ٿي ۽ اڳواڻن جي جلد کان جلد رھائي جو مطالبو ڪري ٿي۔

انفارميشن سيڪريٽري
پي آر ايس ايف يونٽ مھراڻ يونيورسٽي۔

پ.ر04-09-2026پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن، اداري جو ماحول خراب ڪندڙ واقعن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿي ۽ انھن واقعن جو ذميوار ...
04/09/2026

پ.ر
04-09-2026

پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن، اداري جو ماحول خراب ڪندڙ واقعن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿي ۽ انھن واقعن جو ذميوار ھن اداري جي انتظاميا کي سمجھي ٿي۔
مھراڻ يونيورسٽي انتظاميا اھڙي قسم جي واقعن جي آڙ ۾ اداري اندر شاگرد سياست کي نقصان پھچائڻ ۽ پرامن شاگرد تنظيمن جي آواز کي بند ڪرائڻ جي ھڪ ناڪام سازش ڪري رھي آھي۔

پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن اھو بہ سمجھي ٿي تہ اھڙي قسم جا واقعا شاگرد دشمن، تعليم دشمن ۽ ترقي پسند شاگرد سياست جي ماحول کي خراب ڪرڻ جي ھڪ منظم سازش آھن.
اداري جي انتظاميا غير جانبدار ٿي ڪري انھن واقعن جي جاچ ڪري ۽ اھڙن واقعن ۾ شامل ماڻھن کي سخت سزا ڏي۔

انفارميشن سيڪريٽري،
پي آر ايس ايف يونٽ مھراڻ يونيوسٽي.

23/08/2026
01/08/2026
پريس رليز 29-07-2026جيئي سنڌ جيئي لطيفپروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن يونٽ مھراڻ يونيورسٽي طرفان لطيف اسانجو فڪري رھبر جي عنوا...
29/07/2026

پريس رليز
29-07-2026
جيئي سنڌ جيئي لطيف

پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن يونٽ مھراڻ يونيورسٽي طرفان لطيف اسانجو فڪري رھبر جي عنوان ھيٺ ليڪچر پروگرام منعقد ڪيو ويو. جنھن ۾ پي آر ايس ايف سنڌ جي تعليم سيڪريٽري ڪامريڊ نجف رند فڪرِ لطيف تي پنھنجي ڳالھ ٻولھ رکي۔
ليڪچر پروگرام ۾ جساف آريسر مھراڻ يونيورسٽي، سنڌ شاگرد سڀا ۽ مھراڻ يونيورسٽي جي شاگردن ڀرپور شرڪت ڪئي ۔

انفارميشن سيڪريٽري،
پي آر ايس ايف يونٽ مھراڻ يونيورسٽي۔

جي تون بيت ڀانئين، سي آيتون آهيننيون من لائين، پريان سندي پار ڏيجيئي سنڌ      جيئي لطيفپروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن مھراڻ ي...
27/07/2026

جي تون بيت ڀانئين، سي آيتون آهين
نيون من لائين، پريان سندي پار ڏي

جيئي سنڌ جيئي لطيف

پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن مھراڻ يونيورسٽي سنڌ جي رھبر شاه عبداللطيف ڀٽائي جي عرس جي موقعي تي کين ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ
*شاھ لطيف:اسانجوفڪري رھبر* جي عنوان ھيٺ ليڪچر پروگرام منعقد ڪرائي رھي آھي۔
جنھن ۾ اوھان سڀني ساٿين کي شرڪت جي دعوت ڏجي ٿي۔

تاريخ 29-07-2026
وقت شام 5 بجه
ھنڌ اسثوڊنٽس اسڪوائر مھراڻ يونيورسٽي
مقرر ڪامريڊ نجف رند ( تعليم سيڪريٽري پي آر ايس ايف سنڌ)

11/06/2026

آنلائن ويبينار:

عنوان: "حراسمينٽ جا واقعا، شاگردن جي مزاحمت ۽ پي آر ايس ايف جو ڪردار"

تعليمي ادارن اندر شاگردياڻين سان پيش آيل حراسمينٽ جي واقعن، انهن جي سببن، شاگردن جي مزاحمت، پي آر ايس ايف جي جدوجهد ۽ حاصل ٿيل ڪاميابين بابت ڳالهه ٻولهه لاءِ هي اهم آنلائن سيشن منعقد ڪيو پيو وڃي.

مقرر:
• ڪامريڊ دريشهوار لغاري ( اڳواڻ پي آر ايس ايف سنڌ يونيورسٽي)
• ڪامريڊ حسن ڀيلار ( اڳواڻ پي آر ايس ايف مهراڻ يونيورسٽي)
• ڪامريڊ مشتاق لغاري (اڳواڻ پي آر ايس ايف ميرپورخاص)

ماڊريٽر: ڪامريڊ ڪوي مهتاب (ميڊيا ۽ انفارميشن سيڪريٽري، پي آر ايس ايف سنڌ)

تاريخ: 14 جُون 2026 (آچر)
وقت: 08 وڳي رات
آنلائن پليٽفارم / لنڪ: پي آر ايس ايف سنڌ جو فيسبوڪ پيج
https://www.facebook.com/share/1L93mTRVBk/

اچو ته تعليمي ادارن ۾ محفوظ، باوقار ۽ برابريءَ تي ٻڌل ماحول جي تعمير لاءِ ٿيندڙ جدوجهدن، تجربن ۽ سبقن کي گڏجي سمجهون ۽ اڳتي وڌايون.

پاران: پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن سنڌ (پي آر ايس ايف سنڌ)

05/06/2026

مھراڻ يونيورسٽي خيرپور ڪيمپس جي سول انجنيئرنگ جي استاد خراب فيڊبيڪ ڏيڻ تي ڪلاس جي 60 شاگردن مان 49 شاگردن کي سپليون لڳايون ويون آھن۔
اسان مھراڻ يونيورسٽي انتظاميا کان پڇڻ چاھيون ٿا ڇا استاد کي انجي ڪارڪردگي جي مطابق فيڊ بيڪ ڏيڻ غلط آھي?
اگر فيڊ بيڪ خراب اچي ت استاد ڌمڪين تي لھي اچي ۽ سڄي ڪلاس کي سپليون لڳائي فيل ڪري ڇڏي۔
انکانپوء وري يونيورسٽي سمر سيميسٽر جي نالي تي ڳريون فيسيون وقت تي ن ڏيڻ ڪري سمر جو فارم بي وصول ن ڪري۔
ڇا ھي سڀ پاليسيون شاگرد دشمن ناھن?
اسان مھراڻ يونيورسٽي انتظاميا کي ٻڌائڻ چاھيون ٿا ت پنھنجو قبلو درست ڪري ٻي صورت ۾ سخت ردي عمل ڏنو ويندو۔

Address

Mehran University Jamshoro
Jam Shoro

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when PrSF MUET posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share