15/04/2026
پاڪستان اسٽڊيز سنڌ يونيورسٽي ڊپارٽمينٽ ۾ راشد راڄڙ نامي ٽئين سال جي شاگرد کي رات پيٽ ۾ سرڪار ساٿاري سپاف جي ڪارڪن ۽ پاڪستان اسٽڊيز ٻئين سال شاگرد، آغا سڪندر چانڊيو سندس ٻين ڪارڪنن سان گڏجي مار ڪُٽ ڪري زخمي ڪيو آھي جنھن جي نتيجي ۾ شاگرد راشد راڄڙ جي ٻانھن فريڪچر، ڪن زخمي ۽ کيس ڳالهائڻ ۾ پڻ تڪليف ٿئي رھي آھي. جنھن شاگرد لاءِ سڀني شاگردن گڏجي احتجاج ڪيو جنھن ۾ پي آر ايس ايف ڄامشورو جو آرگنائيزر ڪامريڊ رابيل احمد بہ شريڪ ٿيو، جنھن ۾ شاگردن جون گھرجون آھن ته سپاف جي ڪارڪن آغا سڪندر چانڊيو کي ريسٽيڪيٽ ڪيو وڃي، ھاسٽل سيڪيورٽي کي سخت ڪيو وڃي ته جيئن ھٿيار ساڻ ايندڙ ٻاھران شاگرد اندر نه اچي سگھن ۽ پاڪستان اسٽڊيز ھاسٽل ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرائن کي انسٽال ڪيو وڃي..