13/03/2025
جيئي مهراڻ – جيئي لطيف
احتجاج جو سڏ!
سنڌ جي ملڪيت، سنڌ جي ساهه، ۽ سنڌ جي سڃاڻ – سنڌو درياءَ تي نون ڪينالن ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف جمعي 2025-03-14 تي، 2:30 بجي، اسلام آباد پريس ڪلب آڏو احتجاج منعقد ڪيو ويو آهي.
اسلام آباد ۾ رهندڙ سڀني سنڌين کي اپيل آهي ته هن اهم احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت ڪن.
هي رڳو هارين جو مسئلو ناهي، بلڪه سنڌ جي وجود، تاريخ، تهذيب، ۽ اسان جي ايندڙ نسلن جي مستقبل جو سوال آهي.
اسان سڀني کي گڏجي منظم جدوجهد ڪندي سنڌ جي حقن جو تحفظ ڪرڻو پوندو، ته جيئن اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ روشن مستقبل يقيني بڻائي سگهجي.
اميد آهي ته سڀئي ساٿي ڀٽائي جي ڌرتي جا وارث هجڻ جو ثبوت ڏيندي قومي فرض نڀائيندا ۽ احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت ڪندا