17/08/2026
پريس ريليز:
تاريخ (/17/8/2026)
حيدرآباد: سنڌي شاگرد تحريڪ (QAT) مرڪز:
ٽنڊوڄام يونيورسٽي جي انتظاميه جي چوڻ تي 31 شاگردن مٿان دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي. سنڌي شاگرد تحريڪ (QAT) مرڪز:
ٽنڊوڄام يونيورسٽي جي انتظاميه جي چوڻ تي ٽنڊوڄام پوليس پاران زرعي يونيورسٽي جي باشعور شاگرد اڳواڻن ۽ سنڌي شاگرد تحريڪ (QAT) زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ غلام حيدر بنگلاڻي سميت 31 شاگردن مٿان دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي.
تعليمي مسئلي ۽ پرامن شاگرد تحريڪ کي دهشتگردي سان ڳنڍڻ يونيورسٽي انتظاميه ۽ حڪومت جي بوکلاھٽ ۽ فاشسٽ ذهنيت جو واضح ثبوت آهي. شاگردن جي آئيني حق، آواز ۽ احتجاج کي ڪچلڻ لاءِ ڪارا قانون استعمال ڪرڻ نامنظور آهي.
*سنڌي شاگرد تحريڪ (QAT) مرڪز واضح ڪري ٿي تہ
ڪامريڊ غلام حيدر بنگلاڻي اڪيلو ناهي. ايس ايس ٽي پنهنجي هر ڪارڪن جي هر حال ۾ مالڪي ڪندي. اسان هن ظالماڻي ڪيس کي قانوني، جمهوري ۽ آئيني هر محاذ تي منهن ڏينداسين..
دهشتگردي ايڪٽ جهڙا ڪارا قانون شاگردن تي مسلط ڪرڻ تعليمي ادارن کي جيل بڻائڻ جي سازش آهي..
سنڌي شاگرد تحريڪ (QAT) مرڪز واضح مطالبا ٿي ڪري تہ فوري طور تي ڪامريڊ غلام حيدر بنگلاڻي سميت سمورن 31 شاگردن خلاف داخل ڪيل ڪوڙو ۽ بي بنياد ڪيس ختم ڪيو وڃي.
يونيورسٽي انتظاميه شاگرد دشمني واري پاليسي کان هٿ کڻي.
شاگردن جي تعليمي، سياسي ۽ جمهوري حقن جو احترام ڪيو وڃي.
جيڪڏهن 24 ڪلاڪن اندر ڪيس واپس نه ورتو ويو ته سنڌي شاگرد تحريڪ سڄي سنڌ ۾ زبردست احتجاجي تحريڪ جو اعلان ڪندي. ان جي سموري ذميواري يونيورسٽي انتظاميه ۽ حڪومت تي هوندي.
جاري ڪندڙ:
*سنڌي شاگرد تحريڪ (قومي عوامي تحريڪ)