Sindh United Party Hyderabad

Sindh United Party Hyderabad ســــنـــــڌ يـــــونـــائــــيـــٽــــيــــڊ پـــارٽـــي (ضلعو حيدرآباد)

24/01/2026

سڪرنڊ:
24/01/2026
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ ضلعي صدر نوابشاهه ڊاڪٽر زين ڀٽو جي گرفتاري ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ڪارڪنن مٿان ٿيندڙ گرفتاريون، ڇاپا ۽ سياسي ڏاڍ خلاف سڪرنڊ ۾ سخت احتجاج ڪيو ويو.
هي احتجاج سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي سڪرنڊ طرفان ڪيو ويو، جنهن جي اڳواڻي ضلعي نائب صدر گل حسن رند، ضلعي سيڪريٽري غلام مصطفى ڪيريو، ضلعي ماليات سيڪريٽري غلام مصطفى شاهه، تعلقي صدر ايوب کوسو ۽ ٽائون صدر پرويز سومرو ڪئي.
احتجاجي مظاهري دوران اڳواڻن ۽ ڪارڪنن حڪومت جي سياسي انتقامي ڪاررواين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ چيو ته سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي قيادت ۽ ڪارڪنن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي عوامي آواز کي دٻائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، جيڪي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيون وينديون.
هنن چيو ته ڊاڪٽر زين ڀٽو سميت ٻين ڪارڪنن جي گرفتاريون جمهوري قدرن، انساني حقن ۽ آئين جي ڀڃڪڙي آهن. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي سنڌ جي حقن، وسيلن ۽ خودمختياري لاءِ جدوجهد جاري رکندي ۽ ڪنهن به ڏاڍ آڏو جهڪڻ واري ناهي.
احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽر زين ڀٽو سميت سمورن گرفتار ڪارڪنن کي ترت آزاد ڪيو وڃي ۽ سياسي ڪارڪنن خلاف جاري ڪارروايون بند ڪيون وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

ضلعي انفارميشن سيڪريٽري:
علي سومرو

23/01/2026

ڄامشورو:
23/01/2025
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي سينيئر نائب صدر روشن علي ٻرڙو جو پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين، ڇاپن ۽ ڪريڪ ڊائون تي سنڌ واسين ۽ ڪارڪنن لاءِ اهم پيغام.

سنڌ يونائٽيڊ پارٽي ضلعي نوابشاھ جي صدر حافظ زين ڀٽو جي گهر تي چڙهائي ڪري کيس گرفتار ۽ ڪرڻ جي مذمت ڪريون ٿا.
23/01/2026

سنڌ يونائٽيڊ پارٽي ضلعي نوابشاھ جي صدر حافظ زين ڀٽو جي گهر تي چڙهائي ڪري کيس گرفتار ۽ ڪرڻ جي مذمت ڪريون ٿا.

16/01/2026
16/01/2026

Celebrating my 4th year on Facebook. Thank you for your continuing support. I could never have made it without you. 🙏🤗🎉

16/01/2026

سن:
17/01/2026
وقت رات 12:00
رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي 122هين سالگرھ جي موقعي تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي صدر سيد زين شاھ سميت پارٽي قيادت، سيد خاندان سميت وڏي انگ ۾ ڪارڪنن درياھ واري بنگلي کان رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي مزار تائين مشعل بردار ريلي ڪڍي حاضري ڀري، گلن جي چادر چاڙھي ڀيٽا پيش ڪئي.

ڪوٽڙي:26/12/2025 سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ جي صدر، تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي وائيس چيئرمين ۽ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي ڪنوينر سيد...
27/12/2025

ڪوٽڙي:
26/12/2025
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ جي صدر، تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي وائيس چيئرمين ۽ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي ڪنوينر سيد زين شاھ چيو آهي تہ جيڪڏهن سنڌ جي جاگرافيائي وحدت تي وار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي تہ ان جي خلاف آخري حد تائين بہ وينداسين، اقتدار تي قابض ڪرپٽ ٽولو وسيلن جو استحصال ڪرڻ ۽ پنهنجي ڪرپشن توڙي ڦرلٽ کي تحفظ ڏيڻ لاءِ آئين ۾ ترميمون ڪري رهيو آهي. ملڪ جي آئين ۽ سنڌ جي وحدت توڙي وسيلن جي تحفظ لاءِ عوام کي گڏجي جدوجهد ڪرڻ جو سڏ ڏيون ٿا. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ جو صدر سيد زين شاھ ڪوٽڙيءَ پهتو، جتي هن ايس يو پي ليڊيز فرنٽ طرفان سائين جي ايم سيد جي نياڻي جيجي درشهوار سيد جي 29 هين ورسي جي منعقد ڪيل جلسي ۽ قومي ڪچهريءَ واري تقريب کي خطاب ڪيو، جڏهن تہ ان موقعي تي سيد زين شاھ ميڊيا سان پڻ ڳالھ ٻولھ ڪئي. ڪوٽڙيءَ پهچڻ تي سيد زين شاھ جو وک وک تي شاندار استقبال ڪيو ويو ۽ مٿس گل نڇاور ڪيا ويا. ان موقعي تي سيد زين شاھ جيجي درشھوار سيد جي ورسي واري جلسي ۽ قومي ڪچهري کي خطاب ڪندي توڙي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ سنڌ جي وحدت، وسيلن ۽ پاڻيءَ تي لڳندڙ ڪنهن بہ ڌاڙي خلاف اسان اڳ ۾ بہ سنڌ دوست ڌرين سان گڏجي مزاحمت ۽ جدوجهد ڪئي آهي ۽ هاڻي بہ سياسي مزاحمت ڪري رهيا آهيون. هن چيو تہ حڪمران پنهنجي ڪرپشن ۽ ڦرلٽ کي تحفظ ڏيڻ ۽ ملڪ جي وسيلن جي ڦرلٽ لاءِ آئين ۾ ترميمون ڪري رهيا آهن، 26 هين ۽ 27 هين آئيني ترميم بہ ان ڪري ڪئي وئي آهي. هن چيو تہ ملڪ تي ڪمپني سرڪار مڙهي وئي آهي، حڪمران ٽولو ملڪي ۽ غيرملڪي ڪمپنين سان گڏجي سرڪاري خزانو لٽي رهيا آهن. هن چيو تہ حڪمرانن ڪرپشن ذريعي ملڪ جا خزانا خالي ڪرڻ کانپوءِ هاڻي اثاثا کپائي ملڪ هلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر اهو سلسلو گهڻو وقت هلي نہ سگهندو. جيڪڏهن حڪمران 5 سال ائين ڪڍي بہ وڃن تہ ڇهين سال ڇا ڪندا ۽ ملڪ کي ڪيئن هلائيندا. هن چيو تہ مفاد پرست ٽولا جمهوريت ۽ اليڪشن جي نالي تي عوام کي يرغمال بڻائي پنهنجا پيٽ ڀري رهيا آهن، عوام کي اهڙن ٽولن مان پنهنجي جان ڇڏائڻ لاءِ ووٽ جي اهميت کي سمجهڻو پوندو. جيڪڏهن عوام ووٽ جو صحيح استعمال ڪري تہ ايوان صدر ۽ وزيراعظم هائوس ۾ ويٺل ڪرپٽ ترين ماڻهن سميت سڄي ڪرپٽ ٽولي کان عوام جي جان آجي ٿي ويندي. هن چيو تہ اسان جو ماڻهو قدرتي وسيلن جي هوندي اڄ بہ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ، صحت ۽ تعليم سميت بنيادي انساني حقن ۽ بنيادي ترقيءَ جهڙي نعمت کان محروم آهي ۽ اهو گذريل 78 سالن کان هلندڙ ڪرپٽ حڪمراني جي ڪري آهي. هن چيو تہ سنڌ جون؛ زمينون، سامونڊي پٽي ۽ وسيلا کپايا پيا وڃن، پاڻيءَ تي ڌاڙو هڻڻ جي ڪوشش ٿيندي رهي آهي، تنهنڪري سنڌين کي پنهنجن وسيلن ۽ قومي حقن جي مالڪي لاءِ اڳتي اچڻ گهرجي. هن چيو تہ عوام کي آئين جي تحفظ ۽ سنڌ جي وسيلن توڙي وحدت جي بقاءَ لاءِ گڏجي جدوجهد ڪرڻ جو سڏ ڏيون ٿا. ان موقعي تي ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ روشن ٻرڙو خطاب ڪندي چيو تہ پيپلز پارٽي جي ڪرپٽ حڪمرانيءَ سنڌ کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي. اسان ان جي خلاف حق جو علم کڻي نڪتا آهيون. هن چيو تہ جيستائين سنڌ وڏيرن ۽ ڀوتارن کان آجي نہ ٿيندي، تيستائين سنڌ جي قسمت نہ بدلجندي. ايس يو پي ڄامشوري جي ضلعي صدر خدا بخش ٿيٻو خطاب ڪندي چيو تہ ڀوتارن ڪوٽڙي سائيٽ کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي، ماڻهن کي پيئڻ جي صاف پاڻيءَ سميت ڪابہ بنيادي سهولتن ميسر ناهي. ايس يو پي ليڊيز فرنٽ جي صدر ياسمين ٿيٻو چيو تہ سائين جي ايم سيد پنهنجي نياڻي جيجي درشھوار سيد کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پرڏيھ موڪليو ۽ ان جو نتيجو اهو نڪتو جو اڄ سنڌ جون لکين نياڻيون گهرن کان نڪري علم حاصل ڪري رهيون آهن. ان موقعي تي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ھجھراج، ڊويزنل صدر منور خاصخيلي، نازيا سولنگي، حميرا آريسر، اسما شاھ، صدف ميمڻ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

جاري ڪندڙ:
مير مرتِضي رند
انفارميشن سيڪريٽري
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ضلعو ڄامشورو

ایک دفعہ خان عبدالغفار خان، سائيں جی. ایم سید سے ملنے جناح ہسپتال کراچی آئے- ہم اسٹوڈنٹس تھے اور کھڑے تھے- خان عبدالغفار...
29/11/2025

ایک دفعہ خان عبدالغفار خان، سائيں جی. ایم سید سے ملنے جناح ہسپتال کراچی آئے- ہم اسٹوڈنٹس تھے اور کھڑے تھے- خان عبدالغفار خان ویل چیئر پر تھے، انہوں نے کہا کہ میں آپکی طبیعت پوچھنے آیا ہوں- سائیں اٹھ نہیں سکتے تھے تو انہوں نے وہاں سے ہی سلام کرتے ہوئے کہا کہ آپکا شکریہ، آپ آئے- تو کچھ دیر خاموشی رہی- چونکہ خان عبدالغفار خان عمر میں سائیں سے بڑے تھے تو انکو سائیں جی. ایم سید نے کہا کہ "آپ بڑے ہیں، آپ رہنمائی کریں کہ ہم ان سب سے کیسے اپنی جان چھڑائیں؟"
خان عبدالغفار خان نے کہا کہ "اب جان چھڑانے کی بات نہیں، اتنے سالوں میں انہوں نے جو کھایا ہے پہلے وہ واپس کریں پھر جان چھڑانے کا سوچیں گے- تو سائيں جی. ایم سید نے ہنستے ہوئے کہا کہ "بھائی وہ پرانا حساب ہم نے چھوڑا، آگے کا کام سیدھا کریں بس..!"
ایسے نہیں ہوگا اصول کی بات ہے پہلے حساب برابر کرنا ہوگا..!

(سید زین شاھ)

سندھ یونائیٹیڈ تھنکرز فورم کی جانب سے کراچی میں 8 نومبر 2025ع کو منعقدہ "این ایف سی" پر ایک ڈائیلاگ کے موقع پر، خطاب سے اقتباس-

پاڻ مان خوف ۽ لالچ ڪڍي ڇڏيو،توهان کي دنيا جي ڪا به طاقت جهڪائي نه سگهندي.سائين جي ايم سيد
25/11/2025

پاڻ مان خوف ۽ لالچ ڪڍي ڇڏيو،
توهان کي دنيا جي ڪا به طاقت جهڪائي نه سگهندي.
سائين جي ايم سيد

حيدرآباد:29/10/2025سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ جي انصاف هائوس حيدرآباد تي آمد، تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان ...
29/10/2025

حيدرآباد:
29/10/2025
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ جي انصاف هائوس حيدرآباد تي آمد، تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي گڏجاڻي انصاف هائوس حيدرآباد ۾ ٿي گذري،
تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي طرفان 14 نمبر تي حيدرآباد بائي پاس تي جلسہ عام جو حتمي اعلان.
گڏجاڻي ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي وفد جي شرڪت،
وفد ۾ سينيئر نائب صدر روشن علي ٻرڙو، ڊپٽي سيڪريٽري اصغر قريشي، ڊويزنل صدر منور علي خاصخيلي شريڪ،
گڏجاڻي ۾ پي ٽي آئي جو ڊويزنل صدر امين ﷲ موسا خيل، ڊويزنل جنرل سيڪريٽري پير مرتضيٰ شاھ جيلاني، پختون خواه ملي عوامي پارٽي اڳواڻ عبدالقيوم ڪاڪڙ،
جي يو آئي شيراني گروپ مولانا
عبدالرحيم، ايم ڊبليو ايم ڊويزن ڪراچي صدر مولانا صادق جعفري ۽ ٻين جي شرڪت،
جلسي جي ڪاميابي لاءِ ايس يو پي جي مرڪزي سينيئر نائب صدر روشن علي ٻرڙو کي جلسہ ڪميٽي جو ڪو آرڊينيٽر مقرر ڪيو ويو.
گڏجاڻي ۾ حيدرآباد اندر رٿيل جلسي جو حتمي فيصلو ڪيو ۽ انتظامي ڪميٽي جوڙي وئي ۽ جلسي جو جائزو ورتو ويو، گڏجاڻي ۾ عوامي رابطا مهم، سوشل ميڊيا مهم ۽ عوام جي ڀرپور شرڪت لاءِ حڪمت عملي جوڙي وئي.

Address

Naseem Nagar Chwok, Qasimabad
Hyderabad

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sindh United Party Hyderabad posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share