Pir Sayed Nazar Ali shah jillani Pir of Gambat

Pir Sayed Nazar Ali shah jillani Pir of Gambat Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Pir Sayed Nazar Ali shah jillani Pir of Gambat, Social service, Dargha pir Ali Mardan shah jillani . Ghouseya house gambat pir mhulla gambat, Gambat.

07/08/2025

سهروردی سلسلو

سوال اھو ناھي ته تو ڪهڙي طريقي جو مريد آهين...

سوال اھو آھي ته ڇا تھن جي دل ان طريقي سان الله کي ڳولڻ سکيو؟

سهروردي سلسلو، مڃيل واٽ آھي، پر اھا فقط واٽ ناھي، اھا دلن جي ڌڙڪن، روح جي چپ سڏ، ۽ اللہ جي محبت ۾ ڀريل ھڪ اڻسڄي زبان آھي.

اھو ھڪ نالو ناھي، ھڪ دنيا آھي... جتي مرشد جي نگاھ سان دل صاف ٿئي ٿو، ۽ جتي مريد، دنيا جي بک نه، فقط فيض جي طلب رکي ٿو.

مرشد جي نظر – جنت کان به ناياب تحفو

جڏھن ھڪ مريد، سهروردي سلسلي ۾ داخل ٿئي ٿو، ته سمجھي وٺ ته سندس قسمت جي ديوار تي نور سان لکجي ٿو: ھاڻي تون اڪيلو ناھي.

مرشد جي نظر... اھا فقط نظر ناھي، اھا دل جي جراحت جو مرھم آھي.
اھا اھڙي بارش آھي، جيڪا نفس جي اجاڙ زمين تي فيض جي گل کلاوي ٿي.

مرشد، خاموشي سان تربيت ڪري ٿو، بغير وعظ جي دلن ۾ قرآن جي صدا وجهي ٿو،
۽ جڏھن ھو دعا لاءِ ھٿ کڻي ٿو، ته وقت جا در کلي وڃن ٿا، تقديرن جا رنگ بدلجي وڃن ٿا.

سهروردي مريد – هڪ خاموش انقلاب

جيڪو ھن سلسلي جو مريد ٿئي ٿو، سو چوڪ ۾ نٿي رڙ ڪري، پر سندس خاموشي، قافلا تبديل ڪري ڇڏي ٿي.
سندس دل جي در تي صرف الله جو نالو آھي، ۽ دل جي اندر مرشد جي محبت.
ھن جي زندگي، عبادت ناھي، بندگي آھي. ھن جو سجدو صرف نماز ناھي، عشق جو جھُڪاءُ آھي.

اھو مريد نه ٿو گلا ڪري، نه دعوا...
بس مرشد جي ھڪ جھلڪ تي سمجهي ٿو ته:
”اڄ مان ملي ويو، پاڻ کي.”

سنڌ ۽ سهرورديون

سنڌ جي سرزمين ھميشھ عشق جي ڌرتي رھي آھي.
جنھن زمين تي حضرت بہاءالدين زڪريا ملتانيؒ جھڙا بزرگ پوکي رهيا ھجن، اتي روحانيت گلاب بڻجي نه ٻاھر اچي؟

اڄ به، ھڪ فقير جڏھن سهروردي سلسلي جي نالي سان الله جي ياد ۾ ويھي ٿو، ته هو فقط ذڪر ناھي ڪندو – بلڪه فضا ۾ نور ڀريندو آھي.

تو جيڪڏهن مريد آهين ته ياد رک –
توکي مريد بڻائڻ لاءِ، مرشد پنھنجو وقت، دعا، خاموشي، عشق، سڀ ڪجهه ڏنو آھي.

توکي فقط ھڪ ڪم ڪرڻو آھي:

فيض جي زبان سکي وٺ – جيڪا ادب، خاموشي، عشق ۽ وفا جي زبان آھي.

امين محمد ڪيريو

شاھ سائين۔❤️🙏❤️
23/11/2024

شاھ سائين۔❤️🙏❤️

اولاد جنهن جي سڌريل هجي اها خدا جي طرفان هڪ وڏي نعمت آهي ۔اگر ڪروڙ پتي ماڻهو هجي ۽ اولاد سڌريل ناهي اهو ڪنهن ن ڪم جو آهي...
23/11/2024

اولاد جنهن جي سڌريل هجي اها خدا جي طرفان هڪ وڏي نعمت آهي ۔اگر ڪروڙ پتي ماڻهو هجي ۽ اولاد سڌريل ناهي اهو ڪنهن ن ڪم جو آهي ۔اولاد کي سٺي تربيت ڏيو اولاد کي دوستن وانگر هلايو دوستي وارو ماحول هجي۔پاڻ کان ايترو پري ن ڪيو سٺي تعليم ڏيو۔انسانيت بابت سکيا ڏيو۔ سٺن دوستن سان هلڻ جي تاقيد ڪيو ۔اٿڻ ويهڻ سيکاريو ۔۔الله پاڪ پنهنجي حبيب جي صدقي سڀني جي اولاد کي صالح ڪري آمين۔

10/01/2024
پنهنجي اولاد کي انسانيت جا ڳُڻ سيکاريو
09/01/2024

پنهنجي اولاد کي انسانيت جا ڳُڻ سيکاريو

Address

Dargha Pir Ali Mardan Shah Jillani . Ghouseya House Gambat Pir Mhulla Gambat
Gambat

Telephone

+923093541680

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Pir Sayed Nazar Ali shah jillani Pir of Gambat posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share

Category