05/05/2026
صبح جو ھي خوبصورت منظر اميد جا نوان ڏيئا ٻاري ٿو.
پٺتي پيل ڳوٺن ۾ به والدين پنھنجي اولاد جي مستقبل لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن.
ھي نوجوان شاگرد پنھنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان پنجون درجو پاس ڪري، ھاڻي سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن گورنمينٽ آف سنڌ جي سھڪار سان ھلندڙ مھراڻ ماڊل اسڪول قائم دين ڪلهوڙو ۾ ڇھين ڪلاس ۾ داخلا ورتي آھي. سندس والد راھب ڪلھوڙو (ڳوٺ علي آباد) جيڪو کير وڪرو ڪري ٿو، روزانو کيس موٽر سائيڪل تي کير جي ڊٻن مٿان ويھاري اسڪول ڇڏڻ اچي ٿو.
اھا محنت، جذبو ۽ تعليم سان محبت ئي سڀاڻي جي روشن مستقبل جي ضمانت آھي.