15/07/2026
ايمرجنسي آفيسر سر عبدالمنان صاحب جي صدارت هيٺ، ريسڪيو 1122 ڊي ايڇ ڪيو بدين تي ماهوار ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اهم ميٽنگ ڪوٺائي وئي. هن ميٽنگ جو بنيادي مقصد گذريل مهيني جي هنگامي امدادي سرگرمين کي پرکڻ، شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ اسٽاف لاء حڪمت عملي جوڙڻ، ڪم ڪار ۾ رهجي ويل خامين جي نشاندهي ڪرڻ ۽ ايندڙ مهيني جي لائحہ عمل کي حتمي شڪل ڏيڻ هو.
ميٽنگ ۾ فرض شناسي، ٽيم ورڪ، نظم و ضبط ۽ بدين جي عوام کي هر ڏکي گهڙي ۾ بروقت، موثر ۽ اعليٰ معيار جون ايمرجنسي خدمتون فراهم ڪرڻ جي گڏيل عزم کي ورجايو ويو.
اسان جو يقين آهي ته هر ريويو ميٽنگ اسان لاءِ سکڻ، پاڻ کي وڌيڪ سڌارڻ ۽ انسانيت جي بي لوث خدمت ڪندي قيمتي زندگيون بچائڻ واري عظيم مشن کي وڌيڪ مضبوط ۽ فعال بڻائڻ جو هڪ بهترين وسيلو آهي.