Sindhi Sahat Library

Sindhi Sahat Library This page is dedicated to preserving and presenting Sindhi literary treasures.

پراڻي پيار جون ڳالهيون وفائون ڪيئن ڀلا وسرنرُسڻُ پَرچڻُ مِلڻُ مُرڪڻُادائون ڪيئن ڀلا وسرنصرف هڪڙي شخص خاطر ڳراٺيون ڳوٺ کي...
21/05/2026

پراڻي پيار جون ڳالهيون
وفائون ڪيئن ڀلا وسرن
رُسڻُ پَرچڻُ مِلڻُ مُرڪڻُ
ادائون ڪيئن ڀلا وسرن

صرف هڪڙي شخص خاطر
ڳراٺيون ڳوٺ کي پاتيون
منافق ڪنهن ڪيون آخر
گلائون ڪيئن ڀلا وسرن

اکيون مخمور مڌ ڏوڪيل
پيالا پُرُڪيف پرين جا
سڄڻ سرڪون سڏي پياريون
سخائون ڪيئن ڀلا وسرن

چِٽي چانڊاڻ ڀِٽون ڀرسان
سوئاڙي سَنُ سڄو چاندي
اُتان جيڪي عنايت ٿيون
عطائون ڪيئن ڀلا وسرن

اسان پنهنجي عمر ساري
عشق سان عبادت ڪئي
دنيا دوستن ڪيا دوکا
دغائون ڪيئن ڀلا وسرن

امام علي جنجهي

محمد اسماعيل عرساڻي ڪتاب: سير ريگستانٿر لفظ جي معنيٰٿر هڪڙو انوکو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ هڪ لفظ ۾ بلڪل ادا  ٿي نه ٿي سگه...
19/05/2026

محمد اسماعيل عرساڻي
ڪتاب: سير ريگستان

ٿر لفظ جي معنيٰ

ٿر هڪڙو انوکو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ هڪ لفظ ۾ بلڪل ادا ٿي نه ٿي سگهي. عام طرح ٿر لفظ جي لغوي معنيٰ وارياسي زمين ٻڌائي ويئي آهي. مزيد وضاحت سان ”اها وارياسي زمين، جنهن ۾ واريءَ جا وڏا دڙا هجن“ ٻڌايو ويو آهي. مگر حقيقت کي ڏسبو، ته ٿر لفظ جي اها معنيٰ جيتوڻيڪ قريب قريب صحيح معلوم پيئي ٿئي، ته به اهو انوکو لفظ ان قسم جي زمين لاءِ ڪيئن مقرر ڪيو ويو، تنهن باري ۾ اڪثر روايتون جي ملي سگهن ٿيون، سي ناظرين ڪرام جي معلومات لاءِ هتي لکڻ ضروري ٿو سمجهان.

ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ٿر لفظ جي ابتدا چئن نمونن سان ٿي آهي.

(1) عام طرح سنڌي زبان ۾ ٿر چيو ويندو آهي ان ملائيءَ جي تهه کي، جو کير ڪاڙهي رکڻ بعد ان جي مٿان نظر ايندو آهي. ٿر جي باشندن وٽ به، هڪ سادو مگر حقيقت افشا پهاڪو آهي ته ”اسان جو ديس جي وسيو ته آهي ٿر، نه ته بر“ هن پهاڪي مان ٿر لفظ جي معنيٰ بلڪل عيان آهي.

معلوم هجي ته ٿر ملڪ جي ماڻهن جو گذران عام طرح مال تي آهي. مال چارڻ ۽ گيهه پيدا ڪري ان جو نيڪال ڪرڻ، هر هڪ ٿريءَ جو مکيه ذريعو روزگار آهي. لهٰذا مذڪوره بالاقول مروج آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ته جيڪڏهن ٿر ۾ برساتون پيون ته گاهه جام ٿيندا ۽ مال سائو گاهه چري ساڄو ٿيندو، کير مکڻ ۽ گيهه جام ٿيندو، جنهن تي ٿر جي ماڻهن جي آسوده حاليءَ جو دارومدار آهي. ٻيءَ صورت ۾ جيڪڏهن برسات نه پئي ته مال بکن ۾ پاهه ٿيندو، کير سڪائي ويندو، ۽ ملڪ ۾ خسته حالي ۽ قحط منهن ڪڍندو. ٿر لفظ هن پهاڪي ۾ گيهه جي معنيٰ ۾ ورتل آهي، ڇاڪاڻ ته مکڻ پيدا ڪرڻ جو واحد ڪارڻ اها ملائي يا ٿر ئي آهي.

(2) ٿر ۽ ان جي متصل لاڙ واري ڀاڱي جي ديهاني حصن ۾، عام طرح سخت برساتن جي وقت، جيڪڏهن برسات جو پاڻي واريءَ جي دڙن مٿان وهڪري ۾ واري گهلي بسا اوقات لائق آباد زمين تي اهو ريٽ آڻي ڦٽو ڪندو آهي، تڏهن آبادگارن کان عموماً ائين چوندو ٻڌڻ ۾ ايندو آهي ته برسات ۾ سڄي زمين ٿر جي ويئي. هتي به ٿر لفظ جي مراد آهي سطحي تهه يا پردو. مگر اهو پردو واريءَ جي پردي لاءِ مخصوص آهي. هتي به ڏسڻ ۾ ايندو ته ٿر لفظ ساڳيو ملائيءَ جو پردو ئي ثابت ٿيو.

(3) ٽيون ثبوت، جو پڻ معقول آهي، مگر اهڙو قوي نه آهي، سو اهو ته ڪڏهن ڪڏهن ٿري ڳوٺاڻن کان واريءَ جي وڏن دڙن لاءِ ”ٿڙ“ ۽ ننڍن دڙن لاءِ ”ٿڙي“ لفظ ٻڌڻ ۾ ايندو آهي. جڏهن سندن رڍون يا ٻڪريون ٿورو پرڀرو وڃي واريءَ جي دڙن تي ويهي رهنديون آهن، تڏهن چوندا آهن ته ”ٿڙيئين مٿي رڍون ويٺڙيون هونديون“. ٿر جي هندو ماڻهن تي مارواڙي زبان جو گهڻو اثر آهي، تنهن ڪري اهو لفظ عام طرح ٿر جا هندو ماڻهو ئي ڳالهائيندا آهن. ٿر جي زمين ڇاڪاڻ ته سڄي واريءَ جون ڀٽون، دڙا ۽ دڙيون آهن، تنهن ڪري ائين به کڻي چئجي ته وڏن دڙن جي لحاظ کان هن ملڪ کي ” ٿڙ “ لفظ سڏيو ويو هجي.

مارواڙي ماڻهو اڪثر ڪري ”ر“ کي ”ڙ“ ۾ بدلائيندا آهن. مثلاً ”ترائيءَ“ کي ”تڙائي“ چوندا آهن. غالباً اهو ٿڙ لفظ دراصل مارواڙي آهي، جو تصيح بعد ٿر ٿي ڪم اچڻ لڳو هجي.

(4) ٿر لفظ جي چوٿين معنيٰ بلڪل صحيح نظر اچي ٿي، اها سنسڪرت زبان جو لفظ ”اسجاٿل“. انهيءَ لفظ اسٿل جو اچار ڦري ”ٿل“ ٿي ويل ٿو ڏسجي. عام طرح هندو ماڻهو ائين چوندا آهن ته ”جل ٿل ۾ ايشور وسي ٿو.“ جل جي معنيٰ پاڻي آهي ۽ ٿل ان جو ضد آهي، جنهن مان مراد خشڪي آهي. باقي ٿل مان ڦري ٿر ڪيئن ٿيو، سو ان مان ظاهر آهي، جو ٿر ۾ رهندڙ ٺڪر، چارڻ ۽ ٻيون قومون هميشه ”ل“ کي ”ڙ“ ۾ بدلائينديون آهن، جهڙيءَ طرح ”تلاءُ“ کي ”تڙاءُ“ چوندا آهن.

انهيءَ ڪري ئي ”ٿل“ مان ”ٿڙ“ ۽ پوءِ ”ٿر“ ٿي ويو آهي. ساڳيءَ طرح ”جل“ مان ”جڙ“ ۽ پوءِ ”جر“ ٿي ويو آهي. والله اعلم بالصواب.

ٿر ضلع جي ايراضي

ابتدا ۾ ضلع ٿرپارڪر ۾ صرف مٺي، ڏيپلو ۽ ننگرپارڪر ٽي تعلقا داخل هئا. قديم تفصيلن موجب انهيءَ حصي جي ڊيگهه، 120 ميل، ويڪر 40 کان 50 ميل ۽ سموري ايراضي 4500 چورس ميل هئي. ڇاڇرو تعلقو، جو ان وقت عمرڪوٽ واري ڀاڱي ۾ داخل هو، سو جدا هو. اهو تعلقو خود ايڏو ته وڏو آهي، جو ٻين ڪن به ٻن تعلقن جي برابر ٿيندو. هيءُ تعلقو سڄي سنڌ ۾ ايراضيءَ جي لحاظ کان وڏي ۾ وڏو تعلقو چيو وڃي ٿو.

پارڪر واري ڀاڱي جي ڊيگهه 30 ميل ۽ ويڪر 20 ميل ٿيندي. هيءُ ضلعو13-024 ۽ 21-029 اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 40-68 ۽ 5_071 اوڀر ڊگهائي ڦاڪ ۾ آهي ۽ سندس ڪل پکيڙ 13690 چورس ميل آهي. سنڌ گزيٽيئر موجب سوري صحرائي خطي جي پکيڙ حسب ذيل آهي.

تعلقو مٺي 1526 چورس ميل، تعلقو ڇاڇرو 4796 چورس ميل، تعلقو ڏيپلو 1503چورس ميل، تعلقو ننگرپارڪر 1617 چورس ميل، تعلقو عمرڪوٽ 1466 چورس ميل، جن مان 1018 چورس ميل ٿر ۽ 448 چورس ميل ناراوئليءَ ۾ آهن. انهيءَ حساب سان جملي پکيڙ 7496 چورس ميل ٿئي ٿي. مگر جيڪڏهن کپري تعلقي وارو ريگستاني حصو پڻ شامل ڪيو ويندو، ته سموري ڊيزرٽ جي جملي ايراضي 10542 چورس ميل ٿيندي.

ٿر جا ڀاڱا

نقشي تي نظر ڦيرائيڻ سان معلوم ٿيندو ته بهاولپور رياست کان اوٻاوڙو، مير پور ماٿيلو ۽ خيرپور رياست جو مشرقي حصو، کپري ۽ عمرڪوٽ تعلقن جو نصف، ڏيپلو، مٺي ۽ ڇاڇرو تعلقا مڪمل ۽ ننگر پارڪر تعلقي جي پارڪر واري حصي کان سواءِ باقي سمورو ڀاڱو ڀٽن سان ڀرپور آهي. اهي ڀٽون اڀرندي بهاولپور، جيسلمير ۽ جوڌپور رياستن ۾ به لنگهي وڃن ٿيون. تحقيق انهيءَ سموري ڀٽن واري ڀاڱي کي ٿر سڏجي ته بجا آهي. مگر موجوده ملڪي ڀاڱو جنهن کي پاڪستان حڪومت اندر ٿر جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو، اهي آهن ٿرپارڪر ضلعي جا محض چار تعلقا. مٺي، ڏيپلو، ڇاڇرو ۽ ننگرپارڪر، جن کي گڏي سنڌ جي جاگرافيءَ ۾ ٿر ڊويزن يا ڊيزرٽ ڊويزن چئجي ٿو. اهي چارئي تعلقا، جن کي گڏي هن بعد ٿر سڏيو ويندو، وري طبقي لحاظ سان مکيه چئن مختلف حصن ۾ ورهايل آهن.

(1) ٿر يعني واريءَ ۽ ڀٽن وارو ڀاڱو، (2) ڪٺو يا ڪنٺو يعني ڏاکڻو ڀاڱو، (3) پارڪر يعني ننگرپارڪر تعلقي جو اپٻيٽ شڪل وارو اڌ، (4) مهراڻو يعني الهندو حصو. هتي اهو ٻڌائڻ لازمي آهي ته ٿر ملڪ جي اهي چار حصا انهن نالن سان ڇو منسوب ٿيا؟

ٿر

ٿر جون وچون ڀاڱو، چنانچه سڄو واري ءَ جي وڏين ڀٽن سان ڀرپور آهي، لهٰذا ان ڀاڱي کي براہِ راست ٿر سڏيو ٿو وڃي، جتي زراعتي پيدائش بارانيءَ تي، سواءِ ٻاجهري ۽ گوار جي ٻيو ڪجهه به ڪين ٿئي.

ڪٺو: نقشي تي نگاهه وجهڻ سان ڏسڻ ۾ ايندو ته ٿر جي ڏکڻ طرف ڪڇ جو رڻ آهي. رڻ جي زمين سڄي کاري لوڻ واري آهي، جتي ڪوبه اوڀر ڪو نه اڀري. اها زمين سمنڊ جي ڇڏي وڃڻ ڪري ائين بيڪار پئي آهي، جنهن جي ويجهي حصي ۾ اڃا به عربي سمنڊ تي وڏيءَ وير چڙهڻ وقت، پاڻي چڙهي ايندو آهي ۽ رڻ پاڻيءَ سان ڀرجي ويندو آهي. بدين کان رحڪي بازار، ٻلهياري، ننگرپارڪر ۽ چوڙيي تائين رڻ ئي رڻ هليو ٿو وڃي. چونڪ ڪنهن زماني ۾ ڪڇ جو رڻ سڄو سمنڊ جي زير آب هو، تنهن ڪري رڻ جي ڪنڌيءَ واري ڀاڱي کي ڪنٺو يا ڪنارو سڏيو وڃي ٿو. ڪنٺي لفظ کي کاري، ڪٺو ڪيو ويو آهي.

اهو ڀاڱو اهو آهي، جتي ڀٽون آهستي آهستي ننڍيون ٿينديون اچي ختم ٿين ٿيون ۽ سڌا سنوان مگر هيٺاهان ميدان ٺهي پيا آهن. انهن ميدانن ۾ ڀٽن جي اوچائي تان برسات جو پاڻي وهي، خوش منظر ڍنڍون ٺاهي ٿو، جتي ربيع جي پوک نهايت ڀلي ٿئي ٿي. رحمڪي بازار جي ويجهو سينگالي جي قريب، يا ننگرپارڪر کان اسلام ڪوٽ ويندي رڻ جي ڪنڌيءَ کان ٿورو مٿڀرو ڪڻڪ، ڄانڀي، سرنهه وغيره جي فصلن جا دلفريب نظارا نظر ايندا آهن.

پارڪر: ننگرپارڪر جو هيٺيون ڀاڱو، جو نقشي تي هڪ اپٻيٽ جي شڪل ۾ نظر اچي رهيو آهي، ان کي پارڪر چئجي ٿو. نقشي تي عيان آهي ته ان اپٻيٽ جي ٽنهي پاسن ڏکڻ، اولهه ۽ اوڀر کان رڻ ڦري آيو آهي. جيئن اسين مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون ته ڪنهن سمي اهو رڻ سڄو سمنڊ هو، تنهنڪري ڪڇ جي ماڻهن کي ڪڇ وڃڻ لاءِ اها سامونڊي کاري، جا هينئر سمنڊ ڇڏي وڃڻ بعد رڻ جي صورت ۾ نظر اچي رهي آهي. سا ضرور پار اُڪرڻي پوندي هئي. لهٰذا انهيءَ اپٻيٽ واري ڀاڱي کي، جنهن سان تن ڏينهن ڪڇ وارن جو سڌو واپار هلندو هو، تنهن کي ”پار اُڪر“ چوندا هئا، جنهن مان لفظ بدلجي”پارڪر“ ٿي ويو آهي. بعضي روايتن ۾ ائين به چيو وڃي ٿو ته در اصل اهو لفظ ”پارکر“ آهي، جنهن جي معنيٰ اها آهي ته کاريءَ جي پار وڃڻ. بهتر صورت اهي ٻيئي معنائون تقريباً ميل جول کائين ٿيون. انهن کان سواءِ هڪ ٻي روايت به آهي، جا جيتوڻيڪ اهڙي معقول نه آهي، تاهم مذهبي ماڻهو ان کي وڌيڪ معتبر ڄاڻن ٿا. ازانسواءِ اها به دلچسپيءَ کان خالي نه آهي، تنهنڪري نظر انداز ڪرڻ لاءِ ڪوبه معقول سبب ڪونهي. معلوم هجي ته اهو پارڪر وارو ٽڪر، جو ڪارونجهر ٽڪريءَ جي چؤطرف تقريباً 24 ميلن جي پکيڙ ۾ ٿيندو، تنهن جي سر زمين ٿر واري ڀاڱي کان بلڪل علحدي آهي. اها زمين ٿر جي برعڪس، سڌي سنئين ۽ ڪڪريءَ واري آهي. منجهس ٿر وانگر ڪابه ڀٽ يا واري ڪانه آهي، مگر ان جي بجاءِ ننڍين ننڍين ٽڪرين سان مزين آهي. ڪارونجهر ٽڪري جنهن جي دامن ۾ ننگرپارڪر جو قديم شهر نهايت سهڻو پيو ڏسڻ ۾ اچي. تنهن ۾ هندن جا پوتر آستان آهن. مثلا ساڙدرو، انچلياسر، ڀيم گوڏو وغيره، چيو وڃي ٿو ته انهن جيان تي”پاراسر رشيءَ“ تپ ڪيو هو، جنهن جو ذڪر پراڻن ڪتابن ۾ به آيل آهي. انهيءَ بناءَ تي پارڪر جا هندو چون ٿا ته هن ڀاڱي کي پاراسر رشيءَ جو نالو مليل آهي. والله اعلم بالصواب.

مهراڻو

ٿر جي الهندي طرف جتي ڀٽون اچي پوريون ٿين ٿيون، اتي زمين هيٺاهين سنئين ۽ مٽيءَ واري آهي. پراڻي زماني ۾ اتان مٺو درياءَ وهندو هو، جنهن کي ”مهراڻ“ ڪوٺيو ويندو هو. هاڻي به اهو مهراڻ اتان پراڻ جي نالي سان وهي ٿو. جنهن کي ٿري ماڻهو ”جراڻ“ به چوندا آهن. پراڻ لفظ جي معنيٰ ئي آهي پراڻو درياءُ. چوڻ ۾ اچي ٿو ته اڳي سنڌ ۾ ٻه وڏيون نديون هونديون هيون، هڪڙي هاڻوڪي سنڌوندي ۽ ٻي مهراڻ يا وڏو درياءَ، جنهن کي”هاڪڙو“ يا ”واهندو“ به ڪري ڪوٺيندا هئا. هن وقت جن کي ”اڀرندو نارو“ يا ”الهندو نارو“ سڏيون ٿا. سي درحقيقت اهي ئي ٻه نديون هيون. سنڌوندي اڃا تائين الهندي ناري واري واٽ وٺ وهي ٿي ۽ مهراڻ يا هاڪڙو، اڀرندي ناري جي پيٽ مان لنگهي، ڏيپلي تعلقي جي ڏکڻ کان ڪڇ جي رڻ ڏي وهندو هو ۽ اتان ڪوريءَ کاريءَ ڏي وڃي، ڪڇ جي نار ۾ ڇڙندو هو. اڄ به ڏسڻ ۾ ايندو ته اڳيون مهراڻ يا هاڻوڪو پراڻ جيئن جيئن ڀٽن جو الهندو طرف وٺي ور وڪڙ ڏيئي وهندو وڃي ٿو، تيئن تيئن ڀٽون اچي پراڻ جي ور وڪڙن کان اڌ ميل کن تي ختم ٿين ٿيون. ڀٽن جي ختم ٿيڻ واريءَ ڪنڌيءَ کي ڪس چوندا آهن. جنهن جي معنيٰ آهي ٿر ۽ سنڌ جي زمين جي حد. ويجهڙائي واري ڀٽن جي ڀاڱي کي، جتان مهراڻ وهي ٿو، چئجي ٿو مهراڻو. پراڻ کي بئريج جي اثر بعد ڇنڊڻ ڪري ڇڏيو ويو آهي ۽ سندس ٻنهي پاسن کان جيڪا ويران ۽ غير آباد زمين پيئي هئي، اها آباد ٿيڻ لڳي آهي.

ٻيا ڀاڱا

هن کان سواءِ ٻيا به ٿر جا ننڍا ننڍا ڀاڱا آهن، جي درحقيقت انهن چئن مکين ڀاڱن ۾ سمايل آهن.

مثلاً:

1- کائڙ يعني ڇاڇري کان گڊڙي تائين. هن حصي ۾ البت ڀٽون ننڍيون ۽ وڏا وڻ بلڪل گهٽ آهن.

2- سامروٽي يعني مٺي ۽ ڏيپلي تعلقن جا ڏکڻ وارا ڀاڱا.

3- ونگو، جو ڏيپلي تعلقي جي ڏکڻ اولهه ڀاڱي کي سڏيو وڃي ٿو.

4- وٽ يا ڪنارو، ڪڇ جي رڻ سان مٺي ۽ ڏيپلي تعلقي جي دنگئي حد کي انهيءَ نالي سان سڏيو وڃي ٿو.

5- ڍٽ، جو ٿر جي وچ واري حصي کي چيو وڃي ٿو، جنهن ۾ عمرڪوٽ، ڇاڇري ۽ مٺي جا ڀاڱا به اچي وڃن ٿا.

انهيءَ لفظ ڍٽ سببان ئي ٿر وارن ماڻهن کي ڍاٽي سڏيو ويندو آهي.

ڀٽون

جن ماڻهن ٿر جون ڀٽون بلڪل نه ڏٺيون آهن، اهي خيال ڪندا هوندا ته ٿر جون ڀٽون به اهڙائي وڏا واريءَ جا دڙا هوندا، جهڙا اسان جي سنڌ ڀاڱي ۾ درياءَ جي رخ بدلائڻ سبب، ڀرين، پڊعيدن، ڀٽ شاهه، کٽياڻن ۽ نصرپور وٽ آهن.، يا موجوده درياءَ جي ڪناري تي گدو بندر وٽ آهن. اهي ماڻهو صحيح تصور ڪري نه سگهندا، ته ٿر جون ڀٽون ڪهڙي نرالي ڍنگ جون هونديون آهن. مان خود گهڻو زمانو اڳي جڏهن ٻڌندو هوس ته ٿر جي سفر ۾ اُٺن جي سواري آهي ۽ ڀٽن جي لهه چڙهه آهي، تڏهن دل جو دل ۾ تعجب کائيندو هوس ته هروڀرو ڀٽن تي اٺ چاڙهڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. کڻي ٿورو ڦيرو ٿيندو، پوءِ ڇو نه جتان واريءَ جو دڙو پورو ٿيندڙ هجي، اتان ڦري ٻن دڙن جي وچان لنگهي، ور وڪڙ ڪري، مفاصلو طي ڪجي، ان کان جو ڀٽن جي لهه چڙهه جي رحمت برداشت ڪجي! مگر جڏهن روبرو ڀٽن جو ديدار نصيب ٿيو، تڏهن ڏسڻ ۾ آيو ته هي ٿر جون ڀٽون ته قدرت الاهيءَ جو هڪ عجيب ڪرشمو آهن. هي ڀٽون ته گويا واريءَ جا وڏا پهاڙ آهن. هي ڀٽون ته وارياسن جبلن جون باقاعدي بلند چوٽين واريون ڊگهيون قطارون آهن، جي ڪيترن ميلن جي مفاصلي تائين يڪيون ئي يڪيون هليون ٿيون هلن. هتي ته ڦيرو ڪري هلڻ جي صورت ئي نظر ڪانه ٿي اچي. هتي ته ڀٽ مٿان ڀٽ سوار آهي. هڪڙيءَ ڀٽ تان اڃا لهجي ئي ڪين ته ٻي تيار آهي. ٿر جا ماڻهو مذاقيه ڀٽن جو بيان هنن لفطن ۾ ادا ڪندا آهن ته ”ٿر آهي بر، ڀٽون آهن ڀوت، اڃا هڪڙي چڙهان ئي ڪين ته ٻي ٿي ڪڍي ٻوٿ“ بعضي هڪڙيءَ وڏيءَ ڀٽ تي پهچون، مگر پنڌ ڪرڻ سان خبر پوندي ته انهن ٻن وڏين ڀٽن جي درميان چند ميلن جو مفاصلو هوندو ۽ ڪيتريون ئي ننڍيون ڀٽون يا دڙا ان جي درميان هوندا، جي وڏيءَ ڀٽ جي چوٽيءَ تي چڙهڻ وقت، اهڙا ته ننڍڙا پيا نظر ايندا جو گويا زمين سرکي يا هموار پئي ڀانئبي، مگر پوءِ جنڊ ڪڍن سَسيُون، هلندي هوندا حال! ٿر جي سفر جون دشواريون سڀ سامهون اچي بيهنديون ۽ مسافر کي حافظ شيرازيءَ عليہ رحمة جي اها سٽ بار بار ياد ايندي ته

که عشق آسان نمود اول وله افتاد مشکلا

ڪي ڪي ڀٽن جون قطارون، ذرا ڏنگيون ڦڏيون سلاميءَ واريون به آهن، ڇو ته اڪثر قدرت جا نظارا ناهموار هوندا آهن. مگر ڪٿي ڪٿي ته ڀٽون وري اهڙيون سڌيون سنيون ۽ اُڀيون آهن، جو انهن جون قطارون، ائين پيو ڀائنبو آهي، گويا ڪن ديون يا جنن پنهنجي هٿن سان تيار ڪيون آهن ۽ ائين سمجهبو آهي ته ڪي قلعن يا ڪوٽن جون خطرناڪ ديوارون آهن، جن کي هزارين ورهيه گذري چڪا آهن، ته به سلامت بيٺيون آهن. اهڙيون سڌيون ڀٽون اڪثر ڪري ڏيپلي کان اسلام ڪوٽ ويندي، ڀڪوئي جي مسافرخاني کي ويجهو نظر اينديون آهن. رات جي سفر وقت، چنڊ جي سهائيءَ ۾ سندن نظارو هو بهو اهو هوندو آهي، جو مٿي بيان ٿي چڪو آهي. پڙهندڙن مان ڪي احباب اهو خيال ڪندا هوندا، ته اهڙين اهڙين اُوچين ۽ اڀين ڀٽن تي اٺ چڙهي ويندا هجن، اها ڳالهه حد امڪان کان بعيد آهي. انهن صاحبن کي معلوم هجي ته ”ضرورت، ايجاد جي ماءُ آهي“ سفر جي ضرورتن ٿري ماڻهن کي اهڙين ڀٽن مان لڪ ڳولي ڪرڻ جو حوصلو عطا ڪيو ٿو ڏسجي. جن ٿوري ڦيري گهيري سان اهڙين دشوارتر ڀٽن سان تان اهي هنڌ ڳولي ڪڍيا آهن. جتان البت سلامتي هجي ۽ اٺ آهستي آهستي چڙهي چوٽيءَ تي پهچي سگهي. اهڙين ڀٽن جي لنگهن کي عام طرح لڪ چوندا آهن. جتي جڏهن اڪثر هڪڙي لڪ مان مٿي چڙهندا آهن، تڏهن اڳيان نظر ڊوڙائي سامهون ايندڙ ڀٽ ڏسي چوندا آهن ته ” وري وو پريئن ڀٽ جي هن لڪ مان پاڻ کي ڍرڻو پوندو.“ ان هوندي به ڪي ڪي ڀٽن جا لڪ بلڪل اڀا هوندا آهن ۽ اتان چڙهڻ وقت نهايت خوف پيو وٺندو آهي. بعضي ته اهڙيون ڀٽون درپيش اينديون آهن، جن تي صرف چڙهڻ ۾ ئي 20 منٽ کن لڳي ويندا آهن. اهڙين ڀٽن تي چڙهڻ مهل خوف ٿيندو آهي ته خدا خير ڪري خبر ناهي ته چڙهي پار پئبو يا نه!

ڀٽ تي جيئن جيئن اُٺ چڙهندو ويندو، تيئن تيئن جيڪڏهن سامهون نظر هوندي ته هروڀرو ائين ڪونه سمجهبو ته ڪو تمام اتاهينءَ تي چڙهندو ٿو وڃجي. مگر جڏهن پوئتي نگاهه ڪبي، تڏهن خوف وٺي ويندو ته ”يا الله! مان هيترو مٿي چڙهي ويو آهيان!“

اهڙين موتمار ڀٽن تي چڙهڻ وقت، اڪثر اُٺ ويچاري جون ٽنگون پيون ٿڙڪنديون آهن. آزمودگار جت اُٺ کي لڪ تي سڌو چڙهڻ بدران ٽارو ڪري پاسي کان چاڙهيندا آهن. اٺ ويچارو هڪ هڪ قدم ڪري چڙهندو هلندو آهي ۽ ناسن ۾ ساهه ڀرجي ايندو اٿس. جت خواهه سوار ٻنهي جو ساهه مُٺ ۾ هوندو آهي ۽ ان وقت ٻنهي تي هڪ هيبتناڪ خاموشي طاري ٿي ويندي آهي.

مگر جت کان زياده غير ٿري سوار جو ساهه مٺ ۾ هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته هو اهڙين چاڙهين کان ناآشنا رهيو آهي. جتن ۽ ٿري باشندن جو ته اهو روزانو معمول آهي. تنهن هوندي به اهڙين اڻانگين ڀٽن تي چڙهڻ وقت خدا کي ياد ڪندا آهن ۽ بلڪل خبردار ٿي ويهندا آهن. اڪثر جت اهڙين ڀٽن تي چڙهڻ کان اڳ اُٺ جي تنگ کي ڇڪي ڏسندا آهن ته تنگ مضبوط آهي؟ ۽ اُڀو چڙهڻ ڪري پاکڙو سرڪي ته نه ويندو؟

خود خوار به دستور موجب، چاڙهيءَ تي چڙهڻ مهل اڳيان بدن کي نمائيندو آهي ۽ اُٺ جي خاني ۾ بدن کي مضبوط جهلي ويهندو آهي. بعضي اوقات ڀٽن تي چڙهڻ واري پيچري جي بلڪل لڳ، برسات جي اثر ڪري خوفناڪ گهارا يا ڏرڙ پيل هوندا آهن ۽ اهو خوف دامنگير هوندو آهي ته خدانخواسته اُٺ جو پير پيچري کان ٿڙڪي ويو ته الاجي ڪهڙو حشر ٿيندو! مگر ياد رکڻ گهرجي ته اٺ جو پير واريءَ تي هميشه ڄمي بيهندو آهي ۽ اهڙو اتفاق قريب ناممڪن آهي. خصوصاً ٿر جا اُٺ، انهن گسن جا اهڙا ته روشناس ٿيا پيا آهن. جو ڪاريءَ رات ۾ جڏهن انسان جا حوصلا ئي توائي ٿي وڃن ۽ طرفن جي ڪابه خبر نه پوي، تڏهن به اُٺ پنهنجي هڪ دفعي ڏٺل واٽ کي ورلي ڪو ڀلجي سگهي.

ڪي ڪي ڀٽون جي نشيب واريون آهن ، انهن جو چاڙهه بعضي اڌ اڌ ميل بلڪ ميل ميل به ٿي ويندو آهي. جتان مٿاهين شروع ٿئي ٿي، اتان کان وٺي ڀٽ جي چوٽيءَ تائين، چاڙهيءَ کي ٿري ماڻهو چاڙهه چوندا آهن. چاڙهه کان ڏکيو ڍار هوندو آهي. اُٺ چاڙهه ۾ اهڙو اولو نه هوندو آهي، جهڙو ڍوراڻ ۾. ڪي ڪي اُٺ ڍوراڻ ۾ جيڪڏهن سکيا هوندا آهن، ته اها هنن جي بهترين خوبي ليکي ويندي آهي. بهر صورت ٿرين وٽ عام طرح پهاڪو آهي ته ”اُٺ جي چاڙهيءَ کي به لعنت آهي ته لاهيءَ کي به لعنت آ.“

جن ماڻهن ٿر نه ڏٺو آهي، سي ائين ڀائيندا هوندا ته ٿر جون ڀٽون به ڪي ڪيئن ته ڪي ڪيئن بي ترتيب ٽڙيل پکڙيل هونديون. مگر انهن کي عجب لڳندو، جڏهن پڙهندا ته قدرت الاهيءَ سان ٿر جون ڀٽون سڀ الهندي کان اڀرندي طرف پکڙيل آهن. فقط نالي ماتر به ڪا اهڙي ڀٽ نه هوندي، جا اتر کان ڏکڻ نظر اچي. انهيءَ ڪري ٿر جي مسافر کي جيڪڏهن اتر کان ڏکڻ يا ڏکڻ کان اتر سفر نصيب ۾ پيو ته مٺو. هڪ ڀٽ لهندو ته ٻي چڙهندو. باقي جيڪڏهن خوشي نصيباً الهندي کان اڀرندي يا اڀرندي کان الهندي پنڌ پيس ته البت ڪن ڪن دڙن کان سواءِ جي ٻن ٻن ڀٽن جي وچ واري هيٺاهينءَ زمين، جنهن کي مڙهو يا ويئر چئبو آهي ۽ جنهن کي عام فهم ٻوليءَ ۾ ماٿري کڻي چئجي، اتان گهڻي سهوليت سان اُڪرڻو پوندو. هتي هن ڳالهه کي صاف ڪرڻ نهايت ضروري آهي ته آخر اهي ڀٽون هتي ڪيئن پيدا ٿيون ۽ انهن جون قطارون ڏکڻ الهندي کان اتر اڀرندي ڇا کان ٿيون آهن؟ ان لاءِ جيڪي روايتون ممڪن ٿي سگهن ٿيون ۽ جي عام ماڻهن جي واتان ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون، سي ناظرين جي معلومات لاءِ هيٺ درج ڪجن ٿيون.

1- چوڻ ۾ اچي ٿو ته اهي ڀٽون ڪنهن زلزلي جو نتيجو آهن.

2- وارياسي وارو سمورو ڀاڱو ڪنهن سمي سمنڊ هو، جو رفتي رفتي اتر کان ڏکڻ طرف ڪڇ جي رڻ ڏانهن هٽندو ويو ۽ جيڪا زمين ڇڏيندو ويو، سا وارياسي ٿي پئي، جنهن تي ڏکڻ الهندي جي بحري هوائن لڳڻ سبب، طوفان ايندا رهيا ۽ قدرتي طرح واري اُڏامندي اُڏامندي ڪن بيشمار صدين ۾، واريءَ جي ڀٽن اهو روپ ورتو آهي.

3- اهي ڀٽون اصل وارياسي پٿر جا جبل آهن، جي ايامن جي گذرڻ بعد ڀُري واري ٿي ويا آهن.

پهرين ڳالهه لاءِ ايترو معلوم ڪرڻ ڪافي ٿيندو ته ٿر وارياسو ملڪ آهي، جيئن سندس نالو ڳالهائي ٿو. پر واري به ڪا لس واري ڪانهي. چپي چپي تي وڏيون شاهي ڀٽون يا واريءَ جا جبل آهن، جن جي اوچائي 150 فوٽن تائين آهي ۽ انهن جو مثال ائين سمجهڻ گهرجي، جيئن سمنڊ ۾ لهرن وقت سمنڊ جو مٿاڇرو هيٺ مٿي نظر ايندو آهي. انهن ڀٽن جو شمار ڪونهي مثال لاءِ ڏيپلي کان نئون ڪوٽ 26 ميل مفاصلو آهي ۽ ان وچ ۾ تقريباً ننڍيون وڏيون ڏيڍ سئو ڀٽون آهن، ڇاڇري کان نبي سر جو 48 ميل آهي يا ڇاڇري کان عمرڪوٽ جو پڻ 48 ميل آهي. تن جي درميان پڻ 160 ۽ 140 ڀٽون ڳڻيون ويون آهن، جيتوڻيڪ اڀرندي ٽڪر ۾ ڀٽون گهٽ آهن. جيڪڏهن ڏيپلي کان اسلام ڪوٽ يا اسلام ڪوٽ کان ننگرپارڪر جو رستو ڏسبو ته به ڀٽ، ڀٽ تي سوار آهي. اسلام ڪوٽ کان مٺي يا مٺيءَ کان نئون ڪوٽ، جي سڄي ٿر ۾ آسان ۾ آسان رستا ليکيا ويندا آهن، فقط انهن کي ڏسبو ته به ننڍن دڙن ۽ وڏين ڀٽن کي ڳڻيندي ٿڪجي پئبو. ماهرن جو خيال آهي ته ايتريون ڀٽون هوا لڳڻ سان هر گز ٺهي ڪين سگهنديون. قديم زماني ۾ ضرور ڪو زلزلو آيو آهي. جنهن زمين جي اها صورت پيدا ڪئي آهي. ٿر جي قديم برباد ٿيل آثارن مان پڻ ان ڳالهه جي تصديق ملي ٿي.

تازو واقعو آهي ته مونگير جي طرف بهار جي زلزلي بعد چون ٿا ته اهڙيون ئي ڀٽون پيدا ٿي پيون آهن. ازنسواءِ پاري ننگر جهڙو عظيم الشان شهر غرق ٿي وڃڻ، سنڌونديءَ جو وهڪرو ڦرڻ، سمنڊ اوتجي وڃڻ ۽ رڻ نمودار ٿيڻ، ڀٽون پيدا ٿي پوڻ، اهي اهڙيون ڳالهيون آهن، جن مان غالياً اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته هتي ضرور ڪو ڀونڪپ (زلزلو) آيل آهي. چون ٿا ته ڪنهن زماني ۾ سنڌو ندي خود ٿر مان وهندي هئي ۽ اچي ننگرپارڪر وٽ ڇوڙ ڪندي هئي، جتي عربي سمنڊ جو ڀاڱو هو ۽ جهاز سڌا لنگهي پاري ننگر جي بندر تائين ايندا هئا، جو ننگرپارڪر جي شهر کان 14 ميل اتر پاسي اندرئين طرف ويراواهه ڳوٺ جي اڀرندي طرف هو. ازنسواءِ ڏوتڙ يعني ٻه تڙ جو ڳوٺ اڃا تائين قائم آهي، اتي جهازن جي لنگر هڻڻ جا هنڌ، وڏيون لوهه جون دنگيون، ۽ ڪلا موجود آهن، جي بند هجڻ جي پڪي ثابتي آهن.

سنڌونديءَ جي هتان وهڻ جي روايت پڻ انومان ڏياري ٿي ته ٿر ملڪ ان وقت سنئين سڌي زمين وانگر هو، مگر زلزلي سبب ئي سنڌو ندي وهڪرو ڦيرائي ويئي، ڳوٺ ۽ شهر غرق ٿي ويا ۽ سوها ڪوهن تائين زمين هيٺ مٿي ٿي ويئي ۽ ڀٽون پيدا ٿيون. عربي سمنڊ ان ڪري هتان هٽي سڪي ويو، جنهن ڪري ڪڇ جو رڻ نمودار ٿيو. اها زمين جي اٿل پٿل ڌرتيءَ ڌٻڻ ڪري يا زمين جي اندرئين معدنيات جي طاقت ڪري جا ظاهر ٿي، تنهن بابت ڪابه خبر پئجي نه ٿي سگهي ته ڪهڙي زماني ۾ ائين ٿيو. تواريخ جا ورق پن هن باري ۾ خاموش آهن.

ڪن جو چوڻ اهي ته قديم زماني ۾ ضرور ڪو سخت زلزلو، مصبيت جي صورت ۾ هن ملڪ تي آيو هوندو، جنهن زمين جي اها صورت بنائي آهي، اهڙا زلزلا وقت بوقت ٿيندا رهيا آهن. جن زمين جي صورت ۾ گهڻو تغيز ۽ تبديل پيدا پئي ڪيو آهي. سنڌ جي هندن جي تاريخ ڀاڱو_1 (ڀيرو مل مهرچند) صفح 3 ۾ ڄاڻايل آهي ته سنڌ ملڪ ۾ هڪ زلزلو راجا ڪيشي ڪمار جي وقت ۾ سندس ظلمن سبب سن 536 ق.م وقوع پذير ٿيو هو، جنهن ۾ راجا ڪيشي ڪمار جي گاديءَ جو هنڌ ۽ ٻيا ڪيترا شهر ناس ٿي ويا هئا. پراچين هندو سڀيتا دوارڪا پرشاد شرما جي صفح 44 تي لکيل آهي ته سن 962 جي زلزلي ڪري سنڌوندي پنهنجو رخ بدلائي ويئي ۽ الور جو شهر ناس ٿي ويو. خود برهمڻ آباد جو نابود ٿي وڃڻ به ڌرتيءَ جي زلزلي جو نتيجو هو. 1819ع ۾ سنڌ اندر اهڙو ته هولناڪ زلزلو ٿيو هو، جو سنڌ ۾ ڪڇ جي رڻ جي ڪيتري قدر صورت بدلجي ويئي هئي.

سال 1934ع ۾ بهار جو زلزلو ٿيو، جنهن بابت پنڊت جواهر لعل نهرو پنهنجي ڪتاب ”جواهر جيوتي“ ڀاڱي 6 جي صفحي 182 ۾ چش ديد واقعات بيان ڪندي لکي ٿو ته زلزلي جي اثر هيٺ ڪيترن هنڌن تي وڏا خال ۽ ٻرگهل پئجي ويا هئا.

واهن ۽ ڪڙين وغيره جون پليون ڊهي پيون هيون ۽ سڄي ايراضي پاڻيءَ جي ڍورن ۽ واريءَ جي ڊٻن وارو برپٽ ٿي پئي هئي، ڄڻ ته ڪنهن راڪاس بهار جي علائقي کي مٽيءَ جو پنوڙو سمجهي پنهنجي طاقتمند هٿن سان، اٽي وانگر ڳوهي مروٽي سروٽي صورت الحال ئي ڦيرائي ڇڏيو هو. سال 1935ع جي مئي مهيني ۾ ڪوئيٽا جي زلزلي ڪري به زمين جي حالت بدلجي ويئي هئي. تازو آسام جي زلزلي ۾ به هوبهو بهار جهڙيون حالتون پيدا ٿيون هيون. اهڙيءَ طرح ٿر ۾ به سمجهجي ٿو ته ڪنهن وڏي زلزلي سبب ئي سمنڊ جي پاڻيءَ هٽي وڃڻ ڪري زمين هيٺ مٿي دڙا ۽ ڀٽون ٿي پئي هئي.

ڪپتان اسٽئنلي ريڪس 1847ع ۾ ڪڇ ڀڄ ۾ اسٽيٽ پوليٽيڪل ايجنٽ مقرر ٿيو هو. مٺي، ننگرپارڪر ۽ ڏيپلو تعلقا، جي انهيءَ سال برٽش سرڪار جي حفاظت ۾ آيا، تن جو انتظام ڪپتان ريڪس جي حوالي ڪيو ويو. صاحب موصوف سرڪاري رڪارڊ ۽ ملڪي روايتن مان تجس ڪرڻ بعد ” حالات ٿر ۽ پارڪر بابت هڪ ڪتاب سال 1856ع ۾ لکيو جو 1859ع ۾ بمبئي سرڪار شايع ڪيو هو. اهو پهريون ئي ڪتاب آهي. جو ٿر ۽ پارڪر جي اڳين خواه پوئين حالات تي ڪجهه روشني وجهي ٿو.

سڄڻ جو ساريوم، تھ آيون ھيرون ھنج ۾،جيڏانھن نھاريوم، چوڏھينءَ جي چانڊاڻ ھئي.
19/05/2026

سڄڻ جو ساريوم، تھ آيون ھيرون ھنج ۾،
جيڏانھن نھاريوم، چوڏھينءَ جي چانڊاڻ ھئي.

اچي اوت شراب، اٿم اڃ ازل جي،سندم روح رباب، سڪي پيو ڪنھن سر لاءِ.
19/05/2026

اچي اوت شراب، اٿم اڃ ازل جي،
سندم روح رباب، سڪي پيو ڪنھن سر لاءِ.

ســـون بـازار مـان ڳـِني وٺـبـو آ –فـيـض رهـبر کـان پِـني وٺـبـو آ، جـو به سـمجهو ته اوهان جو حـق آ، حق مـڙسي سـان ڇـِنـ...
19/05/2026

ســـون بـازار مـان ڳـِني وٺـبـو آ –
فـيـض رهـبر کـان پِـني وٺـبـو آ،
جـو به سـمجهو ته اوهان جو حـق آ،
حق مـڙسي سـان ڇـِنـي وٺـبـو آ،
(اقتباس : 1 - بخاريء جا قطعا )

جو ظـلـم ڪنـدڙ آهه، اهو آ شيـطان،جو ظلم سهي، ڪين ڪڇي سو حيوان.جو امـن ڏئـي، امـن گهـريُ، امـن وٺـي –هـن دور جـو انـسان ا...
19/05/2026

جو ظـلـم ڪنـدڙ آهه، اهو آ شيـطان،
جو ظلم سهي، ڪين ڪڇي سو حيوان.
جو امـن ڏئـي، امـن گهـريُ، امـن وٺـي –
هـن دور جـو انـسان اهـو آ انـسان.
(اقتباس : 1 - بخاريء جا قطعا )

جـنهن دور ۾ انـصاف نه ٿيـندا آهـن،حـقـدار کـي ڪـو حـق نه ڏيـندا آهـن، ٻُـڌجـي ٿـو ته ان دور سـندا پـيءُ ۽ مـاءُ،اولاد به...
19/05/2026

جـنهن دور ۾ انـصاف نه ٿيـندا آهـن،
حـقـدار کـي ڪـو حـق نه ڏيـندا آهـن،
ٻُـڌجـي ٿـو ته ان دور سـندا پـيءُ ۽ مـاءُ،
اولاد به بـاغـي ئـي ڄـڻيـنـدا آهـن.
(اقتباس : 1 - بخاريء جا قطعا )

#ﺍﺳﺘﺎﺩﺑﺨﺎﺭﻱ

عبدالقادر جوڻيجو ڪُوڪَعبدالقادر جوڻيجو جو آچر 29  جون  2008ع جي ڪاوش ۾ ڇپيل ڪالم جي ڳالهه ٿا ڪريون ته پري ٿا وڃي پئون، ج...
11/05/2026

عبدالقادر جوڻيجو

ڪُوڪَ
عبدالقادر جوڻيجو جو آچر 29 جون 2008ع جي ڪاوش ۾ ڇپيل ڪالم

جي ڳالهه ٿا ڪريون ته پري ٿا وڃي پئون، جي صفا ڳالهه نٿا ڪريون ته اندر سڙڻ ٿو لڳي. هلو سائين پري ڪو نه ٿا پئون ۽ نه ئي اندر کي ساڙڻ ٿا ڏيون. اڄڪلهه ته ڪيئي ڪوڙا قسمي پيدا ٿي پيا آهن، جيڪي کائي پيئي ڍءُ ڪري، نڙ ٿي اوڳرائيءَ کان اڳ ۾ ئي ڪوڙا قسم کڻي اکين جي وچ مان نڪ ڪڍيو وڃن. هڪڙو زمانو هو، جو پهرئين ته ماڻهو قسم ئي نه کڻندا هئا، پوءِ ڀلي کڻي سچ تي هجن، پر ڀلا جي بنهين ڳري لت اچي پوندي هئي ۽ ڪا واهه ڪا نه بچندي هئي، ته پوءِ مري مري قسم کڻندو هو، ۽ قسم کڻڻ وارو کير جي ڀريل وٽيءَ تي هٿ رکي قسم کڻندو هو، يا وري ننڍي نيٽي نياڻيءَ جي مٿي تي هٿ رکي قسم کڻندو هو. اهو قسم لوهه تي ليڪو هوندو هو. سو هت هيءُ بندو کير جو قسم کڻي چئي سگهي ٿو ته، هن بندي کي پڙهندي پڙهندي جيڪي پنج ست ڪتاب حد کان وڌيڪ وڻيا آهن، انهن مان هڪ ڪتاب مايا اينجليو (Maya Angleo) جي ڇهن جلدن تي ٻڌل آتم ڪٿا آهي. سندس هر جملو هينئين ۾ چڪ وجهيو بيهو رهي، سندس هر ڳالهه دل تي چٽ آهي. سندس آتم ڪٿا جو هر جلد اندر کي ڳاريو وڃي. سچ اهڙو، جو ويٺو ڳاءِ، ڏک اهڙو جو ويٺو روءِ. خوشيءَ جو ڪو ڪو پل اهڙو جو بيٺو نچ، کلڻ جي رنگ ڍنگ ۾ ايڏي تک، جو پيو غوطا کاءُ. مايوسيون اهڙيون، جو ڳري وڃ. همتون اهڙيون، جو بکئي شينهن جي ڏر ۾ هليو وڃ. محبتون اهڙيون، جو ويٺو ڳاءِ. نفرتون اهڙيون، جو پنهنجو پاڻ کي ويٺو پٽ. سادگيون اهڙيون، جو پنهنجو پاڻ کي گهوري ڇڏ. چالاڪيون اهڙيون، جو پيو گهمريون کاءُ. آسمان هيٺان گهڻو ڪجهه آهي ۽ انهيءَ گهڻي ڪجهه مان هيءَ آتم ڪٿا آهي، پهرين پيرو کڻون ٿا ليکڪا جو.

لاڳيتو لڏ پلاڻ ۾ رهندڙ ۽ پٽ سان لڳل آمريڪي شيدين جي خاندان مان ڦٽي نڪرندڙ مايا اينجليو چئن سالن جي ٿي، کيڏڻ ڪڏڻ ۽ کل کلان جي عمر هئي. نه گهر جو فڪر، نه در جو فڪر، نه گهٽيءَ جو فڪر ۽ نه ئي وري ڪو دنيا جو فڪر. ٻار ته ٻار ئي هوندو آهي يار. رسي ٽپڻ جي انهيءَ عمر ۾ کيس اها ڪا سمڪ نه هئي ته ڪمينو مرد کيس اک ۾ جهليو بيٺو آهي، جيڪو ڌاريو نه پر پنهنجو آهي، جيڪو پاڙي وارو نه پر ڇهه فٽو ويڳو پيءُ آهي. وحشت زده ويڳي پيءُ وجهه جاچي کيس اڪيلو ڏسي ساڻس زوري زنا ڪري کيس رت ۾ ٻوڙي ڇڏيو. ڪتاب ۾ منظر پڙهي پڙهندڙ جو مٿو وڃي ڀت سان لڳي ٿو. اها خبر جڏهن ڇوڪرڙيءَ جي مامن کي پئي، تن وري ڇوڪرڙيءَ سان زنا ڪندڙ ويڳي پيءُ کي چٿي چٿي، ڳترا ڳترا ڪري، عضوو عضوي کان ڌار ڪري ماري ڇڏيو. ڇوڪرڙي مايا اينجليو جيڪو عذاب ڏٺو ۽ سٺو، اهو لاڪائنس ايڏو ته گهرو صدمو هو، جو کيس چپ وٺي وئي ۽ پورا 7 سال خدا جا سندس زبان بند رهي. زبان بنديءَ جي عرصي پوري ڪرڻ کانپوءِ جڏهن سندس ڪچي وهي روشنيءَ وانگر ڦٽڻ لڳي، ته ڌنڌي سان به لڳي. اهو ڌنڌو هو ٻنين ۾ ڦٽين جو چونڊو ڪرڻ، سٺو ڌنڌو هو، عزت وارو ڌنڌو هو. جي سڄي عمر چونڊا لابارا ڪري ڪري گذاري ها ته ڪر چڱو هو، پر انسان جي هر ڪا وک پنهنجي مرضيءَ تي ڪا نه کڄندي آهي. ائين جيڪا سندس ٻي وک کڄاڻي، انهيءَ ۾ هوءَ آسپاس موجود شراب خانن، جوا خانن ۽ چڪلن جي نيٽ ورڪ ۾ وڃي ڦاٿي. پهرئين ته هوءَ شراب خانن جي ڪِن کي صاف ڪرڻ جو ڌنڌو ڪرڻ لڳي، پوءِ شراب خانن ۾ بار گرل بڻجي ماڻهن کي شراب پيارڻ لڳي. ناچ سندس انگ انگ ۾ شامل هو، سو نيٺ بار ۾ نچڻ شروع ڪيائين. سندس ناچ ۽ سندس سونهن ڏسڻ لاءِ آسپاس مان ڪئين فوٽو گرافر اچڻ لڳا. دل جي اڇي اجري ۽ سادي سودي مايا اينجليو ٺيٺ وڃي شڪاريءَ جي ڄار ۾ ڦاٿي، جيڪو تر جو وڏو دلال هو. ڦاسڻ کانپوءِ ڦٿڪڻ ڇا جو. ائين هيءَ ساده دل ڇوڪري ڪچي وهيءَ ۾ ئي ڪال گرل عرف طوائف بڻجي وئي. در در ڀيٽيندي هوءَ پيٽ سان ٿي وئي. کيس پٽ ڄائو، پر پيءُ ڪير هو؟ اها نه کيس خبر رهي، نه پٽس کي خبر پئي ته هو ڪهڙي پيءُ جو پٽ آهي؟ سندس ڏوهه ڪهڙو آهي؟ انهن سڀني سوالن جي جواب ۾ مايا اينجليو پنهنجو هيءُ ڪتاب پنهنجي انهيءَ پٽ گاءِ جانسن (Guy Jhonson) جي نالي منسوب ڪيو آهي. وقت وقت جا ڦيرا آهن، وقت ڦريو ته مايا اينجليو اداڪاره بڻي، پوءِ پهرئين اسٽيج جي ۽ پوءِ ٽي وي ڊرامه نگار بڻي، تنهن کانپوءِ شاعره بڻي، انهيءَ کانپوءِ آفريڪا ۾ هلندڙ آزاديءَ جي تحريڪن ۾ سرگرم ٿي، بنيادي انساني حقن جو جهنڊو هٿ ۾ کنيائين، پر جڏهن پهرئين آمريڪا ۾ پوءِ آفريڪا ۾ آزاديءَ جي وڏن وڏن ليڊرن جي ساٿ ۾ رهي، ته کيس اهو احساس ٿيڻ لڳو ته انهن نام ڪٺين مان ڪجهه به نه ورڻو آهي ۽ انهن ترن مان تيل نڪرڻو ناهي، کين آزاديءَ جي بدران مايا اينجليو ٿي کتي، کين جمهوريت جي بدران ڊڪٽيرشپ ٿي کتي.کين آفريڪا جي غريب عوام جي ڀلي بدران غير ملڪي دورا ۽ شهرت ٿي کتي. کين عوام جي سک جي بدران پنهنجن بيڊ رومن جو سک ٿي کتو. اهو سڀ ڪجهه ڏسي وائسي، توري تڪي ۽ پرکي اچي آمريڪا جا وڻ وسايائين ۽ لکڻ پڙهڻ ۾ لڳي وئي. هن آتم ڪٿا کانسواءِ سندس 9 عدد شاعريءَ جا ڪتاب ۽ هڪ عدد مضمونن جو ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. انهيءَ وچ ۾ هوءَ آمريڪا جي صدر ڪلنٽن جي صلاحڪار به رهي. سندس کاتو هو آفريڪي ملڪن جي غريب عوام کي امداد ڏيڻ. هن وقت هوءَ خيرن جي نارٿ ڪيرولينا جي ويڪ فاريسٽ يونيورسٽي ۾ رينالڊ پروفيسر آهي، يعني پروفيسرن جي به پروفيسر. هن ملڪ ۾ ته پروفيسرن جي ذهني ليول جا حال ته نه پڇو، پر آمريڪا ۾ جڏهن وائيٽ هائوس جو ڪو ذهين وڏو وائيٽ هائوس مان نڪرندو آهي ته اهو ترقي ڪري پروفيسر بڻجي ويندو آهي، پوءِ اهو صدر ڪلنٽن هجي يا هينري ڪسنجر هجي يا وري مايا اينجليو هجي. جيڪڏهن ڪنهن کي مايا اينجليو جي سڄي زندگيءَ جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪرڻي هجي ته پوءِ ته سڄي آتم ڪٿا پڙهڻي پوندي. هيءَ حياتي ڏاڍي عجيب آهي، ڪير ڪٿان ڪيئن وڌي وڻ ٿو ٿئي، انهيءَ جي ڪا به خبر نٿي پوي. رب جي هن جوڙيل جوڙ ۾ الائي ڇا ٿيندو ٿو رهي، اهو حيرت جو هنڌ آهي. ڀائو انهيءَ ڪري ٿا چئون ته وڏي هام نه هڻجي، وڏائو نه ڪجي، اک پور نه ٿجي، ڏٺي مان به ڪجهه ڏسجي. بهرحال وري به وٺ وهنديءَ کي، يعني ڪتاب کي. هن ڪتاب جا جيڪي ڇهه جلد آهن، اهي هن ريت آهن؛

1. I know why the Caged Bird Sings

2. Gather to gether In My Name

3. Singin swingin Merry Like Christmas

4. All God’s Children Need Traveling Shoes

5. The Heart of Women

6. A song Flung Up to the Heaven

انهن ڇهن جلدن تي ٻڌل آتم ڪٿا جا ايترا ته گهڻا رخ آهن، جو انهن کي سمجهڻ لاءِ اکر اکر چپي پڙهڻو پوندو، تڏهن وڃي ڳالهه ڊول ۾ وهندي. ٻئي ڳالهه ته هي ڪتاب انگريزيءَ جي آفريڪن آمريڪن لهجي ۾ لکيل آهي، سو به ڳالهائي ويندڙ ٻولي (Spoken Language) ۾، تنهن ڪري سندس ڊڪشن ڏاڍو سگهارو آهي. ٽئي ڳالهه ته، هن ڪتاب ۾ ايترو ته اگهاڙو سچ لکيل آهي، جو انهيءَ کي جيئن جو تيئن ترجمو ڪبو ته اسان جو منافق معاشرو ڪڏهن به قبول ڪو نه ڪندو، انهيءَ ڪري هن ڪتاب مان جيڪي ڪجهه جملا هتي ترجمو ڪبا، انهن تي مترجم کي سيلف سينسرشپ هڻڻي پوندي، پر تنهن هوندي به سنڌي ٻولي ايتري وسيع آهي جو رمز ۾ ڳالهه ترجمو ڪري سگهجي ٿي. هتي اهو به عرض ڪري ڇڏيان ته، ڪجهه سال اڳ هن ڪتاب جا پهريان ٻه جلد لاهور جي مارڪيٽ ۾ ملندا هئا، پر هاڻي ڪو به جلد ملڪ جي مارڪيٽ ۾ موجود ناهي، انهيءَ ڪري هيءَ سڄي جو سڄو ڪتاب حاصل ڪرڻ لاءِ ٻاهر هٿ هڻڻو پوندو، بهرحال حال پريان نال ٿي وڃن ٻه ٻه ڌڪ.
زندگي سستي هئي ۽ موت آزاد هو.

ڪنهن به قسم جي بيان جي سچائي مٺ ۾ قابو ٿيل آلي رومال وانگيان هوندي آهي، جنهن مان آلاڻ وهي جيئن جيئن منهنجي مٺئي ۽ ڪرائين کي آلو ڪندي ويندي آهي، تيئن تيئن ڏسندڙ تيزيءَ سان انهيءَ سچائيءَ کي قبول ڪندا ويندا آهن، پر آئون جڏهن مٺ کوليندي آهيان، کلي هوا منهنجي ترين کي ٿڌو ڪري ڇڏيندي آهي. آئون سچ ڪوڙ جي چڪر مان آزاد ٿي ويندي آهيان.
انهيءَ رات کانپوءِ هر رات مون لاءِ دشمن جو علائقو بڻجي وئي.
انسان جي ڄاڻ هاڻي خرچ ڪرڻ جوڳي ڪرنسي بڻجي وئي آهي، پوءِ اهو مارڪيٽ تي ڇڏيل آهي ته ڪيترو ٿي اگهه ڪري.
سنگيت ئي منهنجي سام جهلي، جڏهن به آئون ڪا ڌن ٻڌندي آهيان ته پنهنجي تنهائيءَ کي پٺ ڏيئي بيهي رهندي آهيان.
سنگيت منهنجي جسم تي ائين فٽ ٿي ويندو آهي، جيئن درزيءَ جو ڪو تازو سبيل جوڙو.
ڪنهن صاحب وڏي جي حاضري ڀرڻ ۾ ايتري وڏي قيمت ادا ڪرڻي ڪا نه ٿي پوي، جيڏي وڏي قيمت پنهنجو مان ۽ شان رکڻ لاءِ ادا ڪرڻي ٿي پوي.
مون ته ڪڏهن به ڪنهن به گوريءَ کي ايترو اڪيلو ڪو نه ڏٺو آهي، جيترو انگريزي ادب ۾ لکيو ويو آهي. گورا به سندن اڳيان پويان هوندا آهن ته ڪارا به سندن اڳيان پويان هوندا آهن، باقي ڪاري رنگ واري عورت ته گورن توڙي ڪارن مردن جي خدمت ۾ پوري هوندي آهي.
ڇوڪريءَ جي مرڪ ايڏي ته وڻندڙ هئي، جو ظلم جي به چيلهه ڀڃي ڇڏي.
جيستائين سندس رڙيون بند ٿيل در دريون ڀڃي ڪنهن تير وانگيان منهنجي دل ۾ چڀنديون رهيون، تيستائين منهنجا لڙڪ به جواب طلبيءَ لاءِ بيهي رهيا ۽ ڳلن کان هيٺ نه ڪريا.
ڪنهن سان گڏجي کلڻ ۾ ۽ پيار ڪرڻ ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق آهي.
آرٽ منهنجي ڍال آهي ۽ حق منهنجو تير ڪمان آهي.
هوٽل جا ڪمرا ائين هوندا آهن، جيئن ڪو بنا پيار جي گهر هجي.
ايلاگربر جون نگاهون منهنجي ٽنگن جي ڊيگهه، منهنجي مغز جي سائيز ۽ منهنجي ڏات جو وزن ماپڻ لڳيون.
پيار تي به اگهه جي چٽڪي لڳل هوندي آهي.
ننڍڙي ٻار جي اغوا ۽ پوءِ خون جي خبر پڙهي مون کي لڳو ته سج آسمان تان کسڪي ڪري پيو آهي، چنڊ ڳري رت بڻجي ويو آهي ۽ زمين سمنڊ جي ڪنهن ڪاري ڪٺور وير وانگيان چاڙهه کائي ٻوڙ ٻوڙان ڪري رهي آهي.
بيٽ جنريشن جي ليکڪ جيڪ ڪيرويي جو ڪتاب On the Road هن سال جو مقبول ترين ڪتاب آهي، انهيءَ ڪتاب جو عنوان ئي اسان جي قومي نفسيات جي ذري پرزي جي تشريح ڪري ٿو. اسان سفر ۾ ته رهندا آهيون پر اسان کي نه ته اها خبر هوندي آهي، ته اسان جي منزل ڪهڙي آهي ۽ نه ئي وري اهو پتو پوندو آهي ته ڪٿي ڪڏهن پهچڻو آهي.
ندگي وڏي ڪتي شيءِ آهي، جيڪا ڦيرين ۾ آهي.
چرچن گهٻن ۾ جان نه رهي آهي، ڌنڌي ڌاڙيءَ ۾ عزت نه رهي آهي.
ادبي ويهڪ ۾ شرڪت ڪرڻ کانپوءِ مون کي لڳو ته لکڻ جو فيصلو ڪرڻ ائين آهي، جيئن برف ٿي ويل ڍنڍ ۾ ٽپو ڏيڻ.
نچندي نچندي سوچيم ته، آئون نچي ڪري ماڻهن کي مرڪڻ تي مجبور ڪرڻ جي بدران ڇو نه لکي ڪري کين مرڪڻ جي بدران سوچڻ تي مجبور ڪريان.
مون سندن مهرباني مڃي ۽ ٽئڪسيءَ تي چڙهي ويٺيس، مون وٽ ڳريون ڳريون بيگون هيون، پر انهن ڳرين بيگن کان به وڌيڪ ڳرو منهنجو نئون احساس جرم هو، پوءِ به الائي ڇو ٽئڪسي هلي پيئي.
مرد انڌا ٿيا آهن، جو پنهنجو پاڻ کي اڪيلي ٿي سمجهين.
مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته اسان ماڻهو ڪنهن مرڪندڙ ماڻهوءَ کان ڇو موڪلائيندا آهيون.
جيڪڏهن لنڊن ۾ تو کان ڪو گورو مرد پڇي ته، ”ڪيڏانهن ٿي وڃين؟“ ته جواب ڏجان، ”تون هيستائين ڪٿي هئين“؟ ائين چئي رواني ٿي وڃجان.
مون کي جڏهن به ڪا ڳڻتي اچي کڻندي آهي ته اها ڳڻتي پگهر جي ڦڙن جي صورت ۾ منهنجي هٿ جي تريءَ تي پکڙجي ويندي آهي، جڏهن آئون اهي پگهر جا ڦڙا اگهي ڇڏيندي آهيان ته وري هٿ جي تريءَ تي مِڙي ايندا آهن.
آفريڪي ملڪن جي انقلابي ليڊرن کي چئنج نه پر ايڪسچينج کپندي آهي.
ڪامورا وات مان ڳالهائڻ جي بدران ڪرسيءَ مان ڳالهائيندا آهن.
سندس مرڪ ۾ ايڏي گرما گرمي هئي، جو مائونٽ ايوريسٽ جي چوٽيءَ تي موجود برف به ڳري وڃي.
انسان جي زندگيءَ ۾ هڪ ئي وقت ڀاڳ ۽ نڀاڳ ٻکو ٻک ٿي هلندا آهن.
حقيقت ڪري پڇو ته مايا اينجليو جا جيڪي جابلو نئين وانگر ڪڙڪندڙ جملا مون کي ترجمو ڪرڻا هئا، سي ڪري نه سگهيو آهيان، ڇاڪاڻ ته مون کي خبر آهي ته سچائي هضم ڪرڻ اسان ماڻهن لاءِ ڏکي آهي. فڪري آزاديءَ جو نعرو هڻڻ سولو آهي، پر فڪري آزاديءَ ڏيڻ ڏکي ڳالهه آهي، تنهن ڪري مون سندس اهي جملا کنيا آهن، جيڪي سينسرشپ جي ڪهاڙيءَ کان بچي وڃن.
رهي ڳالهه هن ڪتاب جي قيمت جي، ته انهيءَ لاءِ عرض ڪري ڇڏيان ته جن ماڻهن وٽ مال پاڻي جام آهي، اهي هي ڪتاب وڏي آسانيءَ سان خريد ته ڪري سگهن ٿا پر پڙهڻ کان لاچار هوندا آهن، جن کي وري ڪتاب پڙهڻ جي عادت هوندي آهي، انهن جا کيسا خالي هوندا آهن، سندن گهر ۾ ڪڪڙ سنئين ڳاٽ پيو هلندو آهي. صفحن جي تعداد تي اچبو ته وري اها ڳالهه سامهون ٿي اچي ته، انساني زندگيءَ جي صفحن جو تعداد ڳڻپ کان ٻاهر هوندو آهي، اهو به مايا اينجليو جي زندگيءَ جو.

Address

Hyderabad
72000

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sindhi Sahat Library posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share

Category